.لاهور (رپورٽ: دردانه نجم) لاهور جي ڳتيل ۽ ڪچين آبادين جا رهواسي سرڪاري اداري پاران مهيا ڪيو ويندڙ اهڙو گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن جيڪو گٽرن ۽ پائيپن جي ميلاپ سان وٽن پهچي ٿو

لاهور جي بِهار ڪالونيءَ سان لڳو لڳ وهندڙ گندي پاڻيءَ واري نالي جي ٻئي طرف افرا ٽيڪنالاجي پارڪ واقع آهي، جنهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي جهان ۾ لاهور جي اڳڀرائيءَ جو نشان سمجهيو ويندو آهي. بهار ڪالونيءَ جا رهواسي انهيءَ حيرانيءَ ۾ پڻ مبتلا آهن ته هو زندگي ڪٿي گذاري رهيا آهن، هڪ طرف سندن ڪالونيءَ جي ڀرسان ئي پوش علائقو ماڊل ٽائون واقع آهي ته ٻئي طرف سندن گندگيءَ سان ڀريل، نظرانداز ٿيل ۽ بدبوءِ جي وَرِ چڙهيل سندن علائقو بهار ڪالوني آهي جتي کين ميرو ۽ گدلو پاڻي پيئڻو پوي ٿو.

لاهور جي واٽر اينڊ سينيٽيشن ايجنسيءَ (واسا) پاران 2014 ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ متعلق ڪيل سروي جي بنياد تي جوڙيل رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته، لاهور جا 10 لک ماڻهو گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. واسا پاران 2015 ۾ تجزئي هيٺ آندل پاڻيءَ جي نمونن مان واضح ٿيو ته لاهور ۾ سپلاءِ ٿيندڙ پاڻيءَ ۾ اي ڪولي بيڪٽيريا، آرسينڪ ۽ گندگيءَ جي ٻين جزن جي گدلاڻ شامل آهي.

واسا لاهور جي 60 لک شهرين کي پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ڪندو آهي، ان مقصد لاءِ 517 ٽيوب ويل لڳايا ويا آهن. انهن ٽيوب ويلن جي گهرائي 150 کان 200 ميٽرن تائين آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر مراد راس ٻڌايو ته بهار ڪالوني شهر جي اڪيلي ڪالوني نه آهي جتي گدلو پاڻي مهيا ڪري پاڪستان جي غريب شهرين جي زندگين لاءِ آزار پيدا ڪيا پيا وڃن، پر مڪه ڪالوني، اتحاد ڪالوني، اي ون ڪالوني ۽ قربان لائينز کان علاوه اِڇرا، مغل پوره، تاج پوره، بادامي باغ، وسڻ پوره وارن علائقن جي ڪجهه حصن سميت اهڙن علائقن جي لسٽ تمام گھڻي ڊگھي آهي جتي گدلو پاڻي ڏنو پيو وڃي.

ايم پي اي ڊاڪٽر مراد راس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مٿي جن علائقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي انهن علائقن جو گذارو پاڻيءَ ۽ گٽرن جي جن لائينن تي ٿي رهيو آهي اهي لائينون 40 کان 50 سال اڳ وڇايون ويون هيون. گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ڪرڻ واريون اهي لائينون ڪجهه هزار خاندانن کي سهولت ڏيڻ خاطر وڇايون ويون، انهن علائقن جي آبادي هاڻي جيئن ته تمام گھڻي وڌي چڪي آهي ان ڪري انهن پائيپ لائينن تي پوندڙ دٻاءُ اڳ جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي وڌيڪ آهي. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين پائيپ لائينن مان پاڻي سيمو ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ وارين لائينن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهي پائيپ لائينون هڪٻئي جي ويجهو ئي پوريل آهن.

ڊاڪٽر مراد ٻڌايو ته، غيرمحفوظ ۽ گدلو پاڻي پيئڻ جي ڪري مٿي ڄاڻايل علائقن جي رهواسين ۾ هيپاٽائيٽس سي ۽ پيٽ جون بيماريون عام آهن. حڪومت جي ترجيحن تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر مراد راس، ايم پي اي چونڊجڻ کانپوءِ 2013 ۾ ايم ڊي واسا جي آفيس جو دورو ڪرڻ واري واقعي کي ياد ڪندي چيو ته کيس ٻڌايو ويو هيو ته پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 152 جي انهن علائقن ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال واريون نيون پائيپ لائينون وڇائڻ لاءِ 4 ارب روپيا گھربل آهن.

موجوده حڪومت جيل روڊ تي سگنل فري رستو ٺاهڻ لاءِ 8 کان 10 ارب روپيا ته خرچ ڪري رهي آهي پر انهن غريب ماڻهن جن جون زندگيون غيرمحفوظ ۽ گدلو پاڻي پيئڻ جي ڪري داوَ تي لڳل آهن انهن ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر خرچ ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ پيسا به موجود نه آهن.

معاملي جي اصل حقيقت ڄاڻڻ لاءِ نيوز لينز پاڪستان پاران بهار ڪالونيءَ جي ڪجهه رهواسين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. پاڪستان سوسائٽي آف ريهيبليٽيشن آف ڊس ايبلڊ ۾ اسٽاف نرس طور ڪم ڪندڙ فرزانه عادل ٻڌايو ته، کين ڪاري ۽ پيلي رنگ جو اهڙو پاڻي ڏنو وڃي ٿو جنهن مان بدبوءِ ايندي رهندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪجهه قدر چڱو پاڻي رات جي 11 وڳي ۽ منجهند جو 4 وڳي ايندو آهي. انهن وقتن کان علاوه کين ميرو، گدلو ۽ بدبودار پاڻي ئي ملندو رهندو آهي.

لاهور جي لِيڊس يونيورسٽيءَ جي شاگرد دانش جيمس نيوز لينز پاڪستان کي اهو فلٽريشن پلانٽ ڏيکاريو جتان هو 20 لٽر پاڻي 40 روپين عيوض خريد ڪرڻ لاءِ آيو هيو. دانش جميس جو چوڻ هو ته پائيپ لائين جو پاڻي پيئڻ ۽ کاڌي پچائڻ لاءِ موذون نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو ايترو بدبودار هوندو آهي جو ان سان وهنجڻ به مشڪل لڳندو آهي. سندن خاندان پنجن ڀاتين تي مشتمل آهي ۽ هو روزانو 40 لٽر پاڻي استعمال ڪندا آهن. علائقي جي هِن فلٽريشن پلانٽ تان هو جيڪو پاڻي خريد ڪري رهيو آهي اهو پاڻي ئي هو کاڌي پچائڻ ۽ چانهن ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. پيئڻ خاطر مقامي بيڪريءَ تان برانڊيڊ پاڻي خريد ڪندا آهن.

a mixture of sewer and potable water, being supplied by the state
a mixture of sewer and potable water, being supplied by the state: Photo by News Lens Pakistan/

بهار ڪالونيءَ جي ڪيترن گھرن ۾ ميزائل واٽر پمپ (ميزائل سان مشابهت واري بناوٽ هجڻ جي ڪري انهيءَ پمپ کي ميزائل پمپ چيو وڃي ٿو) لڳرايا ويا آهن. مسز جُوائس مطابق، اهو پمپ 2 سو ميٽرن جي گهرائيءَ تائين کوٽائي ڪرڻ بعد لڳايو وڃي ٿو ۽ اهو پمپ لڳرائڻ تي 60 هزار روپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا. مسز جوائس ٻڌايو ته جڏهن کان هنن پنهنجي گھر ۾ ميزائل پمپ لڳرايو آهي تڏهن کان گھر ۾ پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ ناهي ٿي.

تالٿا ڪُومي ويلفيئر سوسائٽيءَ نالي هڪ اين جي او جي سرگرم ڪارڪن سارا قادر بخش نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، حد ته اها آهي جو اهو بدبودار پاڻي به وقفي وقفي سان اچي ٿو. مثال طور تي 25 مارچ کان 17 اپريل تائين سندس گھر ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦُڙو به نه پهتو. واسا پاران بعد ۾ کيس نئون ڪنيڪشن وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ اهو ڪنيڪشن هن 18 هزار روپين عيوض ورتو.

پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي پنجاب اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽ لاءِ چونڊيل اقليتي ميمبر شمائله رُٿ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هن پنهنجي تڪ جنهن ۾ بهار ڪالوني به شامل آهي، انهن علائقن ۾ غيرمحفوظ ۽ گدلو پاڻي فراهم ڪرڻ واري مسئلي بابت هن پنجاب اسيمبليءَ اندر بحث ڪرايو هيو. شمائله جو چوڻ هو ته اهڙو بحث ٿيڻ کانپوءِ به افسوس آهي ته هن مهل تائين مسئلي جو ڪو به ازالو ناهي ڪيو ويو.

هڪ اڀياس مطابق، پاڪستان جي شهري علائقن ۾ پاڻيءَ اندر جيوڙن جي موجودگيءَ جا سبب اهي آهن ته پراڻيون ۽ زنگ آلود پاڻيءَ جون پائيپ لائينون گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين پائيپ لائينن جي انتهائي ويجهو پوريل هجن ٿيون واٽر سپلاءِ لائينن ۾ ٽوٽ ڦوٽ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارين پائيپ لائينن تي گھڻو ٻار هجڻ جي ڪري پاڻي هڪٻئي سان ملي وڃي ٿو.

پنجاب حڪومت پاران صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جو محفوظ پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ”صاف واٽر“ وارو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. هڪ غير سرڪاري ڪاٿي موجب، لاهور جي 280 يونين ڪائونسلن ۾ هن وقت تائين 200 فلٽر پلانٽ لڳايا ويا آهن.

مالي سال 2016-17 جي صوبائي بجيٽ ۾ پنجاب حڪومت پاران انهيءَ رٿا لاءِ 30 ارب روپيا رکيا ويا آهن. پنجاب حڪومت جو ارادو آهي ته موجوده مالي سال دوران انهيءَ رٿا لاءِ رکيل سمورا پيسا ڪتب آندا وڃن ٻي صورت ۾ 11 ارب رپيا ته هر صورت ۾ خرچ ڪيا ويندا باقي پيسا ٻن مرحلن ۾ کپايا ويندا.

ايم پي اي ڊاڪٽر مراد راس موجب ته مالي سال 2015-16 دوران صاف پاڻي منصوبي لاءِ 11 ارب روپيا هڪ پاسي ڪري رکيا ويا ۽ انهن مان صرف 4 ارب روپيا انهيءَ رٿا تي خرچ ڪيا ويا جڏهن ته باقي پيسا ميٽرو بس منصوبي کي ڏنا ويا. ڊاڪٽر مراد پاران صاف پاڻي رٿا جو جيڪو ٻيو معاملو سامهون آندو ويو آهي اهو فلٽريشن پلانٽس جي صفائيءَ متعلق آهي ڇاڪاڻ ته صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي فلٽر پلانٽ صحيح انداز سان ڪم ناهن ڪري رهيا. واسا انهن پلانٽن جي نگراني ڪرڻ وارو ڪو به ڪم نه پئي ڪري نه ئي انهن پلانٽن جي پاڻيءَ جي معيار کي باقاعدگيءَ سان جاچيو وڃي ٿو.

واسا جي ايم ڊي چوڌري نذير احمد نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، يقينن بهار ڪالونيءَ ۽ ٻين علائقن ۾ صورتحال ناپسنديده آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته حڪومت پاران لاهور جي صرف هڪڙي تڪ اندر گندي پاڻيءَ جي لائينن کي تبديل ڪرڻ لاءِ 500 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي.

ايم ڊي واسا جو چوڻ هو ته توهان گدلي پاڻيءَ جي ڳالهه ٿا ڪيو، هتي ته اهڙا ماڻهو به آهن جن کي پاڻيءَ جو ڦڙو به نه ٿو ملي. ان کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ماڻهن پنهنجن گھرن اندر اهڙا واٽر پمپ هڻي ڇڏيا آهن جن کي جتي به پاڻي ملي ٿو اهي پاڻي چوسي وٺن ٿا ايتري حد تائين جو گندگيءَ وارين پائيپ لائينن جو پاڻي به اهي پمپ ڇڪي وٺن ٿا.

واسا جي ايم ڊيءَ مطابق، لاهور ۾ 517 ٽيوب ويل لڳل آهن ۽ انهن مان اڪثر ٽيوب ويل موثر طريقي سان ڪم نه پيا ڪن. رٿا موجب جاپان جي مالي امداد واري اداري جاائڪا جي مالي سهڪار سان 105 ۽ پنجاب حڪومت جي مالي سهڪار سان 45 ٽيوب ويلن کي تبديل ڪندي پراڻن جي جڳهه تي نوان ٽيوب ويل لڳايا ويندا. چوڌري نذير احمد ٻڌايو ته هن وقت تائين حڪومت پاران 43 پراڻن ويلن جي جڳهه تي نوان ٽيوب ويل لڳايا ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here