پشاور: خيبر پختونخواه صوبي جي حڪومت اهڙي رٿابندي ڪرڻ ۾ رڌل آهي جنهن تحت پرائمري اسڪولن ۾ تعليم ڏيندڙ استادن جي قابليت بهتر بنائڻ خاطر کين مختلف مضمون موثر انداز سان پڙهائڻ جون ترڪيبون موبائل فون تي حاصل ٿي سگھندڙ شارٽ ٽيڪسٽ ميسيج (ايس ايم ايس) وسيلي اماڻيون وينديون.

خيبرپختونخواه جا چونڊ تعليمي ماهر ايس ايم ايس تيار ڪري هفتي ۾ 3 ڀيرا استادن ڏانهن اماڻيندا جن وسيلي کين اها مدد ملي سگھندي ته اهي ڪلاس اندر مختلف مضمون ڪهڙيءَ ريت پڙهائي سگھن ٿا.

خيبرپختونخواه جي ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ هڪ سينئر عملدار ضياءُ الرحمان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته انهيءَ رٿا تي ڪم هلندڙ آهي ۽ ترت انهيءَ پروگرام تي عمل شروع ٿي ويندو.

خيبرپختونخواه صوبي جي ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران پنجين درجي جي شاگردن کان ”يڪسان پرائمري امتحان“ واري نظام تحت ورتل امتحان جي نتيجن آڌار پڙهائي جي رجحان متعلق ڪرايل هڪ سروي کانپوءِ استادن جي قابليت ۾ بهتري آڻڻ واري ضرورت کي محسوس ڪيو ويو. ضياءُ الرحمان ٻڌايو ته حڪومت طرفان بنيادي اهميت وارو اهو قدم مارچ 2016 ۾ کنيو ويو، جنهن تحت پنجين درجي جي شاگردن پاران انگريزيءَ، اردوءَ، رياضي، جنرل سائنس ۽ اسلاميات ۾ ڏيکاريل امتحاني ڪارڪردگيءَ جي ڪٿ ڪئي وئي هئي. اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ئي فيصلو ڪيو ويو ته تعليمي ماهرن کان صوبي جي

پرائمري اسڪولن جي استادن جي صلاحيتن ۾ نِکار آڻڻ وارو ڪم ورتو ويندو.

ضياءُ الرحمان ٻڌايو ته تعليم کاتي ۽ تعليمي ماهرن پاران جيڪي پيغام تيار ڪيا ويندا اهي صوبائي تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندڙ استادن ڏانهن اماڻيا ويندا. استادن ڏانهن اهڙا پيغام موڪلڻ لاءِ سندن موبائل نمبرن تي مشتمل ڊيٽا بيس وٽن اڳ ئي موجود آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته استادن جي موبائل نمبرن جي ڇڙوِڇڙ ڊيٽا بيس کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ واري ڪم ۾ کين 3 مهينن جو وقت لڳي ويو آهي. مرد توڙي عورت استادن جا نمبر ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن جي مدد سان حاصل ڪيا ويا آهن ۽ سڀني استادن کي هڪ ئي وقت پيغام اماڻڻ خاطر نمبرن جي داخلا اليڪٽرانڪ سسٽم ۾ ڪئي وئي آهي.

ضياءُ الرحمان صوبائي حڪومت پاران ورتل اپائن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته، پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۾ قائم ٿيل صوبائي حڪومت پاران تعليمي نظام جي سڌاري خاطر ماضيءَ ۾ به ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ خودمختيار مانيٽرنگ يونٽ (آءِ ايم يو) به شامل آهي جنهن وسيلي استادن جي ڪارڪردگيءَ جي جاچ ڪري سگهڻ توڙي اسڪولن ۾ غير موجود سهولتن جي معلومات به ڪٺي ڪري سگھجي ٿي.

تعليم کاتي جي اختيارين جي فيصلي مطابق، اسڪولن اندر بائيو ميٽرڪ نظام به لڳايو ويو آهي ته جيئن استادن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائي سگھجي. انهيءَ کان علاوه دهشتگرديءَ ۽ ويڙهه جي نتيجي ۾ جن علائقن ۾ اسڪول تباهه ٿي ويا اتي ڪنٽينر اسڪول قائم ڪرڻ، پنجين درجي جي شاگردن کان امتحان وٺڻ لاءِ پرائمري امتحانن جو يڪسان نظام لاڳو ڪري انهن جي تعليم حاصل ڪرڻ واري رجحان جي ڪٿ ڪرڻ وارو قدم توڙي بهترين استادن کي ايوارڊ ۽ نقد انعام ڏيڻ وارا فيصلا به انهيءَ سلسلي جي ڪڙِي آهن.

تعليم کاتي جي آفيسرن پاران پرائمري استادن جي قابليتن ۾ بهتري آڻڻ واري رٿا متعلق گرمجوشيءَ واري راءِ جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ڪيترائي استاد اهڙن ڏورانهن علائقن سان تعلق رکن ٿا جتي تربيت جا موقعا آسانيءَ سان ميسر نه پيا ٿي سگھن. ان هوندي به، ڪجهه عملدارن پاران نتيجا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ جي اڳڪٿي ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته ڪيترن ئي استادن کي اهي ايس ايم ايس ٽيڪنالاجيءَ تائين پهچ حاصل نه هجڻ جي ڪري ملي نه سگھندا ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏورانهن ضلعن ۾ موبائل فون جي سروس موجود نه آهي ۽ ڪمپنين پاران رابطي جون سهولتون مهيا نه پيون ڪيون وڃن.

ڪيترن ئي ٻين ماڻهن جي راءِ آهي ته، ايس ايم ايس وسيلي استادن جي قابليت ۾ بهتري آڻڻ بجاءِ محدود وسيلن کي، شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ سهولتن جي اڻهوند جو شڪار اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون، بجليءَ جي فراهمي، اسڪولن کي چوديواري، پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ ٽوائليٽ اڏي ڏيڻ وارن ڪمن تي خرچ ڪرڻ گهرجي.

آل پرائمري ٽيچرز ايسوسيئيشن (اي پي ٽي اي) جي صدر ملڪ خالد خان جو چوڻ هو ته، حڪومت ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ پڙهائڻ وارين ترڪيبن کي موثر ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهي آهي اسانجي تنظيم انهن کي ساراهي ٿي. ان سان گڏ ئي خالد خان اها نشاندهي به ڪئي ته پوئتي پيل ڏورانهن ضلعن چترال، اپر دِير، ڪوهستان، تورگر، لڪي مروت ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽيليڪميونيڪيشن جي ڪوريج ۽ هر وقت نيٽ ورڪ جي موجود رهڻ وارا مسئلا به موجود آهن. هن چيو ته ڪجهه استاد يا ته موبائل استعمال ڪري ئي نه ٿا سگھن يا استعمال ئي نه ٿا ڪن ان جي ڪري به هي قدم گھٽ فائديمند ٿي سگھي ٿو.

ملڪ خالد خان وڌيڪ چيو ته حڪومت کي اسڪولن اندر جتي بنيادي سهولتون، بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ حاجت پوري ڪرڻ لاءِ جايون موجود ناهن اتي اهي سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.

خيبرپختونخواه جي ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي جي سالياني شمارياتي رپورٽ 2013-14 مطابق صوبي ۾ ڪل 28 هزار 319 اسڪول قائم ٿيل آهن جن مان 27 هزار 892 اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ وارو عمل هلندڙ آهي. صوبي ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 22 هزار 892 آهي جن ۾ ڇوڪرن جا 14 هزار 670 (65 سيڪڙو) ۽ ڇوڪرين جا 8 هزار 222 (35 سيڪڙو) اسڪول تعليم ڏئي رهيا آهن. انهن سمورن اسڪولن ۾ داخل ٻارن جو مجموعي انگ 41 لک 60 هزار آهي جن ۾ 30 لک 10 هزار (69 سيڪڙو) اهڙا ٻار آهن جيڪي پرائمري اسڪولن ۾ پهرين کان پنجين درجي جي تعليم پرائي رهيا آهن.

صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ واري نوڪري ڪندڙ استادن جو ڪل تعداد هڪ لک 18 هزار 754 آهي (انهن مان 77 هزار 715 مرد ۽ 41 هزار 39 عورتون آهن) جن مان 71 هزار 378 استاد (45 هزار 366 مرد ۽ 26 هزار 12 عورتون) 25 ضلعن جي پرائمري اسڪولن ۾ ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن.

خيبرپختونخواه جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسر ضياءُ الرحمان جو چوڻ آهي ته، کاتي پاران اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪرايو ويو آهي جيڪو هڪ ڌڪ ۾ سمورن نمبرن ڏانهن موبائل پيغام اماڻي ڇڏيندو. جڏهن ته تعليمي ماهرن جون خدمتون انهيءَ مقصد تحت حاصل ڪيون ويون آهن جو اهي ڪارآمد پر مختصر پيغام تيار ڪري ڏيندا جيڪي استادن کي ٻار پڙهائڻ وارين ترڪيبن تي ٻڌل هوندا. ضياءُ الرحمان اهو پڻ ٻڌايو آهي ته، استادن کي سندن مهارت وارن شعبن ۾ تربيت ڏيڻ جو هي نئون طريقو آهي.

خيبرپختونخواه ايجوڪيشن سيڪٽر پروگرام جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪميونيڪيشن ۽ ميڊيا بابت صلاحڪار زونش عباسيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني ته شاگردن پاران ڏنل امتحان ۽ ان جي نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بعد ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڄاڻ ڏيڻ ۽ ٻارن کي پڙهائڻ واري سلسلي ۾ جيڪي ڪوتاهيون ٿي رهيون آهن يا جيڪي گھٽتايون موجود آهن انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ استادن جي صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ خاطر ايس ايم ايس وارو پروگرام شروع ڪيو ويندو.

عباسيءَ جو اهو پڻ چوڻ هو ته، ٻئين درجي جي شاگردن کي انگريزي، اردو، رياضيءَ ۽ سائنس جا مضمون سٺي انداز سان پڙهائڻ لاءِ استادن کي ايس ايم ايس وسيلي ترڪيبون اماڻيون وينديون. جڏهن ته پنجين درجي جي شاگردن کي 8 ئي مضمون موثر انداز سان پڙهائڻ خاطر استاد ڏانهن پيغام اماڻيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته انهيءَ طريقي سان اهڙن ڪيترن ئي استادن جو وقت به زيان ٿيڻ کان بچي پوندو جن کي تربيت وٺڻ لاءِ اسڪول کان غيرحاضر رهڻو پئجي ويندو آهي. انهن جي رهنمائي هفتيوار بنيادن تي ملندڙ ايس ايم ايس وسيلي ڪري سگھبي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here