لاهور: بلوچستان اندر آپگهاتي حملن ۾ تيزي اچڻ سبب هلندڙ سال دوران 230 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 4 سو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

سيڪيورٽي ادارن ۽ حڪومتي عملدارن بلوچستان ۾ تشدد جي اهڙي لهر ۾ واڌاري جو لاڳاپو تازو ئي اعلانيل چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبي سان جوڙيندي الزام مڙهيو آهي ته اهڙن واقعن پٺيان پاڪستان جو ازلي دشمن خاص ڪري ڀارت ملوث آهي.

جڏهن ته آزاد تبصري نگار حڪومتي عملدارن جي اهڙي دعويٰ کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

لاهور سان تعلق رکندڙ تجزئي نگار وجاهت مسعود نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته گوادر ۾ گھرائيءَ واري سامونڊي بندرگاهه جو متحرڪ ٿيڻ يقينن ڪجهه علائقائي ۽ عالمي طاقتن لاءِ سٺي خبر نه آهي. ڀارت ۽ ايران جيئن ته هن خطي ۾ ويجهي مفاصلي وارا شراڪت دار آهن، اهڙي حيثيت سبب ئي اهي هن اقتصادي گوءِ جا واضح دعويدار آهن.

وجاهت مسعود جو چوڻ هو ته، گڏيل عرب امارتن کي خطي جي معاشي سرگرميءَ جي مرڪز واري ملڪ جو رتبو حاصل آهي، ان ڪري گوادر بندرگاهه وٽان ويندڙ ۽ اتي ايندڙ هر هڪ سامونڊي جهاز جا اثر ان ملڪ مٿان ضرور پوندا. اهڙي صورتحال هجڻ باوجود، بلوچستان ۾ جيڪي آپگهاتي حملا ٿي رهيا آهن اهي فرقيواراڻي ويڙهه جو حصو آهن فرقيواريت جي اها لهر ڪيتري وقت کان ملڪ مٿان ڇانيل رهي آهي.

وجاهت مسعود پنهنجي راءِ کي وڌيڪ چٽائيءَ سان بيان ڪندي چيو ته سڪي جي نظر ايندڙ پاسي وانگر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي لهر سي پيڪ جي اعلان کانپوءِ جنم ناهي ورتو. پاڪستان جي رياست پاران ماضِيءَ ۾ جيڪي پاليسيون اختيار ڪيون ويون اها دهشتگردي انهيءَ پاليسيءَ جو سڌو نتيجو آهي. گذريل ڪجهه مهينن دوران دهشتگرديءَ جا جيڪي به واقعا ٿيا آهن اهي فرقيواراڻي رتوڇاڻ جون ڪاميابيءَ سان ڪيل ڪارروايون آهن.

8 آگسٽ 2016 واري ڏهاڙي ڪوئيٽا جي سول اسپتال ٻاهران ٿيل آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ 95 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي ترجمان اداري انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ميڊيا لاءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو هيو ته اهو حملو بلوچستان ۾ امن ۽ امان جي سڌريل صورتحال کي هڪ دفعو ٻيهر بگاڙڻ ۽ خاص ڪري چائنا پاڪستان اقتصادي راهداريءَ کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. ساڳي نوعيت جا بيان وزيراعظم نواز شريف، بچاءَ واري وزير خواجه آصف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهريءَ پاران به ڏنا ويا. انهن بيانن وسيلي هنن سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت ڀارت ڏانهن آڱريون کنيون.

اپريل 2015 ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل چين جي وزيراعظم لي چيانگ پاران اقتصادي راهداري منصوبي جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ان منصوبي جي ذڪر ۾ تمام گھڻي واڌ آئي آهي.

بلوچستان ۾ پنجن سالن تائين سرڪاري ذميواريون نڀائيندڙ برگيڊيئر (رٽائرڊ) عامر گيلانيءَ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملن جي تعداد کي توهان ڌيان سان ڏسندئو ته 2015 جي ڀيٽ ۾ 2016 دوران اهڙن واقعن ۾ اضافو نظر اچي ويندو ۽ اهو به نظر اچي ويندو ته انهن حملن جو نئون نشانو بلوچستان آهي جيڪو سي پيڪ منصوبي جو اهم مرڪز آهي.

17 جولاءِ 2016 واري ڏهاڙي ڪوئيٽا جي بروري روڊ تي قائم سردار بهادر خان وومين يونيورسٽيءَ ڀرسان ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾  2 ماڻهو مارجي ويا. اهو حملو فرقيواراڻي ويڙهه جو نتيجو هيو.

بلوچستان پوليس جي هڪ آفيسر زهراب خان بگٽيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته 2016 ۾ جيڪي به آپگهاتي حملا ٿيا آهن انهن جو جائزو غور سان وٺبو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته حملا ڪندڙن سيڪيورٽي فورسز ۽ عام ماڻهن کي نشانو بڻايو، انهن جو مقصد هڪڙو ئي آهي ته سي پيڪ کي نقصان پهچايو وڃي.

آپگهاتي حملا ڪندڙن پاران 2016 جي شروعات جنوري مهيني دوران ڪوئيٽا جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ زوردار بم ڌماڪو ڪيو وي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جن مان 13 پوليس اهلڪار هئا ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. انهيءَ حملي وسيلي هڪ اسپتال کي نشانو بڻايو ويو. انهيءَ حملي کان ٻه هفتا پوءِ زوب ضلعي جي ڇانوڻيءَ وارين حدن ۾ ٿيل هڪ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي 6 جوانن کي شهيد ڪيو ويو.

3 فيبروري 2016 تي هڪ آپگهاتي بمبار قلات ۾ پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي ڪري  2 ڄڻا مارجي ويا. ٽن ڏينهن بعد هڪ ٻيو حملو ڪوئيٽا جي ملتان چوڪ وٽ قائم ايف سيءَ جي چيڪ پوسٽ ڀرسان ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا جن ۾ ايف سيءَ جا  4 اهلڪار به شامل هئا. جڏهن ته 38 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.

8 آگسٽ واري ڏهاڙي ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ وڪيلن مٿان آپگهاتي حملو ڪيو ويو، ساڳي ڏينهن ئي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال انور ڪاسيءَ جي موت بعد سوڳ ۾ اتي گڏ ٿيا هئا.

هڪ ٻيو وحشتناڪ آپگهاتي بم حملو 24 آڪٽوبر واري ڏهاڙي نيو سرياب روڊ واري علائقي ۾ واقع پوليس ٽريننگ اسڪول اندر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 61 پوليس اهلڪار زندگيون وڃائي ويٺا. 12 نومبر واري ڏينهن حب ۾ شاهه نورانيءَ جي درگاهه وٽ ٿيل حملي ۾ 60 ماڻهو مارجي ويا.

ناليواري صحافيءَ ۽ بلوچستان سان لاڳاپيل معاملن جي ماهر راشد رحمان به انهن ڪوششن جي نفي ڪئي آهي جن وسيلي اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته انهن حملن جي ذميواري ڀارت مٿان وڌي وڃي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي راشد رحمان چيو ته بلوچستان ۾ حالتن جي اهڙي خرابيءَ جو سمورو الزام آسانيءَ سان ڀارت مٿان لڳائڻ هڪ حماقت ٿيندي. جڏهن به صوبي اندر رتوڇاڻ ٿيندي هئي ته حالتن جي خرابيءَ جو ساڳيو الزام ماضيءَ ۾ به لڳائڻ جي ريت موجود رهي آهي.

هن اهو پڻ چيو ته جيتوڻيڪ اهڙي الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي به ثبوت موجود نه آهن، پر اها ڳالهه صرف دليل ڏيڻ جي حد تائين ڪئي پئي وڃي ته پوءِ ٺيڪ آهي ڇو ته پرڏيهي قوتون ئي ڪنهن ملڪ جي اندروني ڇڪتاڻ ۾ شامل ضرور هونديون آهن.

انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت سي پيڪ منصوبي جي حفاظت خاطر غيرمعمولي قدم کڻي رهي آهي.

بلوچستان حڪومت جي گھرو کاتي جي ذريعن وٽان نيوز لينز پاڪستان کي حاصل ٿيل دستاويزن جي انگن اکرن مطابق، سي پيڪ منصوبي جي تحفظ خاطر پاڪ فوج جا 9 هزار ۽ سول هٿياربند فورسز جا 6 هزار هلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

سي پيڪ منصوبي جي تحفظ خاطر کڄندڙ ٻين غيرمعمولي اپائن مان جهجهن مالي وسيلن جي خرچ سان کڄندڙ هڪ نظر ايندڙ اهميت جوڳو قدم گوادر سيڪيورٽي ٽاسڪ فورس جو قيام پڻ آهي. اهو فورس هڪ حاضر سروس برگيڊيئر جي ڪمانڊ هيٺ ڪم ڪندو. انهيءَ ٽاسڪ فورس جا خرچ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏيل طور تي برداشت ڪنديون.

سي پيڪ جي حفاظت لاءِ جيڪي ڳرا خرچ ڪيا پيا وڃن اهي سمورا مالي وسيلا خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ڪوشش سان مهيا ٿي رهيا آهن. مئي 2016 دوران ٿيل هڪ پريس ڪانفرنس دوران خزاني واري وفاقي وزير چيو هو ته سي پيڪ جي حفاظت خاطر هڪ سو ارب روپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي ويندي، جيڪي مالياتي خساري جو حصو نه هونديون ۽ اهي مالي وسيلا هلندڙ مالي سال دوران ڪٺا ڪيا ويندا.

سي پيڪ منصوبي جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل (رٽائرڊ) ظاهر شاهه پارليامينٽ جي هڪ ڪاميٽيءَ جي اجلاس دوران ٻڌايو هيو ته چين پاران جيڪا سيڙپ ڪئي ويندي ان جو هڪ سيڪڙو منصوبي جي حفاظت مٿان خرچ ڪيو ويندو.

پاڪستاني معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي حوالي کان سي پيڪ جي مشهوري صورتحال هڪدم تبديل ڪري ڇڏيندڙ منصوبي طور ڪئي پئي وڃي، پر هن مهل تائين ان منصوبي جي تحفظ تي ايندڙ خرچن جو بار بلوچستان، بجليءَ جي صارفين ۽ عوام مٿان وڌو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here