لاهور (دردانه نجم وٽان) پنجاب حڪومت جي عورتن جي ترقيءَ واري کاتي پاران لاهور جي برڊووڊ روڊ تي ملازمت ڪندڙ عورتن لاءِ قائم ڪيل هاسٽل جو هڪ دورو ڪرڻ بعد اهو دليل وزنائتو محسوس ٿيو ته پنجاب حڪومت پاران هر سال عورتن کي بااختيار بنائڻ واري پيڪيج ۾ جهڙيءَ ريت نشاندهي ڪئي ويندي آهي، ان مطابق ملازمت ڪندڙ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ وارا واعدا رڳو کوکلا ئي آهن.
عورتن کي هاسٽلن ۾ رهڻ جي اجازت ڏيڻ وقت نه صرف قاعدن کي اورانگهيو وڃي ٿو پر جيڪو روَيو ساڻن رَوا رکيو وڃي ٿو اهو پڻ انساني وقار سان اڻ ٺهڪندڙ آهي. ابتدائي نوعيت جي معلومات ڪٺي ڪرڻ لاءِ نيوز لينز پاران هاسٽل جو دورو ڪيو ويو، هاسٽل ۾ هڪ هفتو اڳ ئي تڙتڪڙ ۾ 22 عورتون منتقل ڪيون ويون هيون.
ڪچري سان ڀريل ڪمرن اندر، جن جي هڪ ڪنڊ ۾ گيس تي هلندڙ چلهو پيل ۽ هڪ بيڊ تي کاڌي پيتي جون شيون رکيل هيون، اهڙي حالت سبب ڪمرا جانورن جي هڪ بي ترتيب واڙي جو منظر پيش ڪري رهيا هئا. پاڻيءَ جي کوٽ سبب باٿ رومن مان بدبوءِ اچي رهي هئي، جڏهن ته هڪ باٿ روم اهڙو به هيو جنهن مان هاسٽل جو گندو پاڻي نيڪال ڪندڙ نالي گذري رهي هئي. ڪمرن ۾ پردا نه هجڻ ڪري، عورتون مجبور هيون ته اهي درين وٽان گذرندڙ اجنبين جي نظر کان بچڻ لاءِ ڪمري جي ڪنڊ ۾ لڪي وڃن.
پاڻيءَ وارو نلڪو خراب آهي، ايتري تائين جو بلب به نه ٿا ٻرن، ان ڪري ڪيترائي ڪمرا سج لهڻ بعد اوندهه جي ور چڙهي وڃن ٿا. هاسٽل ۾ رهندڙ عورتن شڪايت ڪندي ٻڌايو ته اسان کي بورچيخاني جي سهوليت به ميسر ناهي، جڏهن ته اسان کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته کاڌو پنهنجي ڪمرن اندر ئي پچايون، ٻيو ته ڇڏيو پر جن دٻن ۾ ڪچرو ڪٺو ڪيو ويندو آهي اهي دٻا پڻ نه آهن. الماري نه هجڻ ڪري اسان وٽ پنهنجا ڪپڙا پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي.
هاڻوڪي سياري ۾ گيس جي گھربل پريشر ۽ گرم پاڻي نه هجڻ سبب ڇوڪرين کي وهنجڻ لاءِ پاڙي جي ٻين گھرن مان پاڻي بالٽين ۾ ڀري آڻڻو پوي ٿو. اسان کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کانسواءِ ئي هن هاسٽل ۾ آڻي اڇليو ويو آهي. هاسٽل ۾ رهندڙ شڪيله هاشمي، جيڪا هڪ اين جي او ۾ ٽرينر طور ڪم ڪري ٿي، ٻڌايو ته هڪڙي خوشگوار صبح جو ڇوڪرين لاءِ اعلان ڪيو ويو ته هو جتي رهيل آهن، ڪِن سببن جي ڪري حڪومت ۽ جاءِ جي مالڪ وچ ۾ تڪرار ٿي پيو آهي ان ڪري کين هيءَ جڳهه ڇڏڻي آهي. اسان وارڊن ۽ مينيجر کي درخواست ڪئي ته اسان کي بس ايترو ٽائيم ڏنو وڃي ته اسان پنهنجو سامان پيڪ ڪري وٺئون.
هاسٽل ۾ رهندڙ جميله هاشمي ۽ ٻين ڇوڪرين پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته انتظاميا پاران يقين ڏياريو ويو هو ته سامان پيڪ ڪرڻ ڏنو ويندو پر جڏهن اسان شام جو آفيسن کان واپس آيون سين ته هاسٽل خالي نظر آئي ۽ گيٽ تي ويٺل چوڪيدار نئين هاسٽل جي ايڊريس ڏني. هنن اهو پڻ ٻڌايو ته اسان کي اها به خبر ناهي ته اهو ڪهڙو تڪرار هيو جنهن عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي انتظاميا کي رات پيٽ ۾ هاسٽل تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
نيوز لينز پاران جڏهن هاسٽل جي مئنيجر ثمينه سان تڙ تڪڙ ۾ هاسٽل جو ماڳ مٽائڻ واري معاملي بابت رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته ڪجهه اڻ ٽر انتظامي معاملن جي ڪري اسان کي ماڳ مٽائڻ ۾ تڪڙ ڪرڻي پئجي وئي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته انهن انتظامي معاملن، جن کين هاسٽل جو ماڳ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو، انهن جي وضاحت ڪري ته، هن ان ڳالهه جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جڏهن نيوز لينز پاڪستان پاران ان معاملي جي جاچ لهڻ لاءِ لاهور ۾ اپر مال روڊ جي اسڪاچ ڪارنر وٽ قائم عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي آفيس ۾ وڃي ڊپٽي سيڪريٽري فلڪ شير ڀٽيءَ کان پڇا ڪئي وئي ته هن پاران اهڙي ڪنهن به مسئلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ويو ته عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ جو ڊائريڪٽر سيد ساجد ترمذي ان صورتحال بابت ذميوار آهي. جڏهن ته سيد ساجد ترمذيءَ سان ان ڪري رابطو نه ٿي سگھيو ڇو ته هو پنهنجي ڀائيٽيءَ جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ فيصل آباد ويل هيو.
جڏهن ته تڙتڪڙ ۾ هاسٽل جو ماڳ تبديل ڪرڻ بابت ڊپٽي سيڪريٽري فلڪ شير ڀٽيءَ جيڪو موقف بيان ڪيو اهو عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي سيڪريٽري آمنه امام پاران اسلام آباد کان واپسيءَ تي ڏنل موقف کان مختلف هيو.

Notice for inmates of hostel regarding complaints. :Photo by News Lens Pakistan/
Notice for inmates of hostel regarding complaints. :Photo by News Lens Pakistan/

فلڪ شير ڀٽيءَ پاران چيو ويو ته هاسٽل پهريان واري هنڌ تان ان ڪري ختم ڪئي وئي ڇو ته ان جڳهه جي مالڪ پاران عورتن جي ترقيءَ واري کاتي خلاف پاڻيءَ جي ٽينڪيءَ مان سيمي سبب جاءِ کي نقصان پهچڻ سبب هڪ قانوني ڪيس داخل ڪيو ويو هيو، پر جيڪو ڪجهه عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي سيڪريٽري آمنه امام پاران ٻڌايو ويو، جيتوڻيڪ اهو هڪ انڪشاف آهي پر ان مان پنجاب حڪومت جي ترجيحن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي (پي اينڊ ڊي) پاران اوچتو عورتن جي ترقيءَ واري کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته عورتن جي ترقيءَ وارو کاتو لاهور جي 15 سي ڪچا لارينس واري علائقي ۾ واقع ملازمت ڪندڙ عورتن جي هاسٽل جي ڪرائي واري مد ۾ ڳچ مالي وسيلا خرچ ڪري رهيو آهي. پي اينڊ ڊي کاتي جي آفيسرن پاران اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان غيرضروري طور تي تمام وڏو گھر ڪرائي تي وٺي ڇڏيو آهي.
اسان کين اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسين ته اسان کي 22 عورتن جي رهائش لاءِ موذون جڳهه ۽ سهولتون ڏيڻيون آهن، پر هنن اسانجو موقف ٻڌڻ کان انڪار ڪندي حڪم ڏنو ته هاسٽل فوري طور تي خالي ڪئي وڃي. سندن دليل اهو هيو ته حڪومت ايتري مسواڙ برداشت نه ٿي ڪري سگھي. جنهن ڪري اسان وٽ گھڻو وقت نه بچيو ۽ اسان کي هاسٽل ۾ رهندڙ عورتن کي ساڳي علائقي ۾ ئي واقع نئين جاءِ تي تڙتڪڙ ۾ منتقل ڪرڻو پئجي ويو.
هاسٽل جي مينيجر ثمينه کان جڏهن پڇيو ويو ته پهريان واري هاسٽل جو ڪيترو ڪرايو ڀريو پئي ويو؟ ته هن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ هڪ لک پنجهتر هزار روپيا ماهوار ادا ڪيا ويندا هيا. جڏهن ان جي ڀيٽ اورينج لائين رٿا تي خرچ ٿيندڙ 160 ارب روپين سان ڪئي وڃي ٿي ته عورتن جي هاسٽل جي مسواڙ تي ايندڙ خرچ ڀڳڙن جي لپ ئي محسوس ٿئي ٿي.
آمنه امام چيو ته، هن رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جي آفيسرن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته ملازمت ڪندڙ عورتن کي ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ڇو ته اهي پنهنجي سِرِ انهن جو خرچ برداشت نه ٿي ڪري سگھيون. عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي انتظام هيٺ لاهور جي 4 علائقن لارنس روڊ، ٽائون شپ، ماڊل ٽائون ۽ گلشن راويءَ ۾ ملازمت ڪندڙ عورتن لاءِ هاسٽلون هلايون وڃن ٿيون.
working-women-2قاعدن ۽ ضابطن تحت هاسٽلن ۾ 80 سيڪڙو اهڙين عورتن کي رهائش فراهم ڪرڻي آهي جيڪي سرڪاري ادارن ۾ ملازمت ڪندڙ هجن، جڏهن ته نجي شعبي جون 20 سيڪڙو عورتون انهن هاسٽلن ۾ رهائش جون مستحق آهن. هر هڪ عورت کي هاسٽل ۾ رهائش عيوض ٽوٽل 1100 روپيا ادا ڪرڻا هوندا آهن، جن مان 800 روپيا ڪمري جو ڪرايو ۽ 300 روپيا ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ ادا ڪرڻا هوندا آهن. جڏهن ته هاسٽل جي بجليءَ واري بل مان 10 سيڪڙو رقم هاسٽل جي وارڊن ۽ آفيس جي اسٽاف جي حصي طور ڪٽي باقي پيسا هاسٽل ۾ رهندڙن کي برابريءَ جي حصي طور ادا ڪرڻا هوندا آهن.
جهڙيءَ ريت نالي مان ئي ظاهر آهي ته انهن هاسٽلن ۾ ملازمت ڪندڙ عورتون ئي رهائش اختيار ڪري سگھن ٿيون، پر قاعدا وڏن عهدن وارن آفيسرن جي چوڻ تي تبديل به ٿي وڃن ٿا. هاسٽل ۾ رهندڙ سعديه اعواڻ پاران نيوز لينز کي ٻڌايو ويو ته هاسٽل ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو عورتون شاگردياڻيون آهن.

Grocery stored on bed due to no shelf or cupboard availability : Photo by News lens Pakistan/
Grocery stored on bed due to no shelf or cupboard availability : Photo by News lens Pakistan/

عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي سيڪريٽري پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته سندن کاتو هڪ هفتي اندر هاسٽل کي بهتر هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here