پشاور: خيبرپختونخواه صوبي ۾ هنگامي امداد پهچائڻ واري اداري جي عملدارن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته آگسٽ مهيني دوران يوم آزاديءَ جو جشن ملهائڻ جي سلسلي ۾ نوجوانن پاران روڊن تي گوڙ وارن خطرناڪ ڪرتب ڪرڻ سبب حادثن ۾ اوچتو واڌ ٿي.

ايمرجنسي ريسڪيو سروس 1122 جي ترجمان بلال فيضيءَ ٻڌايو ته هلندڙ سال آگسٽ مهيني جي پهرين هفتي دوران پشاور شهر ۾ ٿيل 82 حادثن سبب 128 ڄڻا زخمي ٿيا. انهن مان اڪثر حادثا نوجوانن پاران موٽرسائيڪلون تيز رفتاريءَ سان ڊوڙائڻ ۽ ون ويلنگ (هڪ ويل) ڪرڻ سبب پيش آيا. آگسٽ مهيني دوران تمام گھڻا ماڻهو روڊ حادثن سبب اجل جو شڪار ٿيندا آهن جن جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو نوجوانن پاران موٽرسائيڪلون هلائيندي خطرناڪ ڪرتب ڏيکارڻ سان جڙيل هوندو آهي.

آزاديءَ وارو ڏينهن حقيقت ۾ انجڻن جو شور شرابو گڏ کنيو ايندو آهي. موٽر سائيڪلون تيزر رفتاريءَ سان ڊوڙائڻ، ون ويلنگ ۽ ٻيا خطرناڪ ڪرتب ڪرڻ وارن نوجوانن جي جوش سبب روڊ رت سان ڳاڙها ٿي پوندا آهن.

21 سالن نوجوان محمد عليءَ، جنهن دوستن سان گڏجي يوم آزاديءَ کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي رٿابندي ڪئي هئي اهو 14 آگسٽ کان اڳ ڄنگھ ڀڄي پوڻ سبب بستري ڀيڙو ٿيو. حادثي ۾ ڄنگھ ڀڃائڻ کان اڳ محمد علي ۽ هن جا دوست يوم آزاديءَ جي جشن وارين تيارين جي هل هنگامي ۾ شامل ٿي ون ويلنگ ڪندا رهيا.

ون ويلنگ جي ڪري پيش آيل حادثي ۾ زخمي ٿيل هڪ ٻئي نوجوان جي پيءُ شفيق احمد خان مطابق ته، هڪ جيڏن جي زور بار ۽ حوصلي کي للڪارڻ وارو حساس رجحان ئي اهي سبب آهن جن جي ڪري نوجوان اهڙي خطرناڪ رويي کي اختيار ڪري وٺن ٿا.

شفيق خان جو چوڻ هو ته نوجوانن جي سماجي گروهن ۾ خطرناڪ لاڙن تي عمل ڪرڻ جو رجحان زور وٺي رهيو آهي. محدود تفريحي موقعن جي ڪري يا بندش وارا ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي پوڻ واري صورتحال سبب به نوجوان اهڙي خطرناڪ رويي کي اختيار ڪن ٿا.

ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي ترجمان بلال فيضيءَ جو چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن کان يوم آزاديءَ واري جشن کان اڳ ۽ پوءِ روڊ حادثن ۾ اوچتو اضافو ٿي ويندو آهي ڇو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال گھڻي بهتر ٿيڻ جي ڪري ماڻهو وڏي انگ ۾ هاڻي يوم آزاديءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿين ٿا. هن ٻڌايو ته آگسٽ جي پهرين هفتي دوران جيڪي به روڊ حادثا پشاور ۾ ٿيا انهن مان 60 سيڪڙو ون ويلنگ ۽ موٽرسائيڪل هلائيندي ڪيل ڪرتبن جي ڪري پيش آيا.

آگسٽ مهيني جي شروع وارن هفتن ۾ ون ويلنگ ۽ روڊن تي موٽرسائيڪلن جي ريس لڳائڻ واري خطرناڪ رجحان ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ روڊ حادثن ۽ ماڻهن جي جانين کي نقصان رسڻ وارن واقعن ٿيڻ جي ڪري شهر جي انتظاميا فيصلو ڪيو آهي ته اهڙي عمل کي روڪڻ خاطر قدم کنيا ويندا.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پشاور جي ايس ايس پي ٽريفڪ صادق بلوچ چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪي نوجوان پنهنجي توڙي ٻين عام شهرين جي زندگيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهيا آهن انهن کي هاڻي قانون جي لوهي هٿن سان قابو ڪيو ويندو. ايس ايس پي صادق بلوچ وڌيڪ چيو ته روڊن تي خطرناڪ ڪرتب ڏيکاريندڙ نوجوانن کي قانون جو پابند ڪرڻ لاءِ پوليس جون 100 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ڪرتب ڏيکاريندڙ نوجوان هاڻي جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ڪندا ته مٿن 5 هزار روپين جو ڏنڊ وڌو ويندو. جڏهن ته پوليس اهڙين مسترين ۽ دڪانن مٿان به ڏنڊ وجهندي جيڪي ڪارن يا موٽر سائيڪلن جا سائلينسر ڪڍي نوجوانن کي شور شرابو ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جا ڏوهاري ثابت ٿيندا.

ضلعي انتظاميا جي ترجمان ساجد خان جو چوڻ هو ته، عوامي شڪايتون ملڻ بعد انتظاميا فيصلو ڪيو آهي ته ٽريفڪ جا قانون لتاڙيندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا. هن ٻڌايو ته، پشاور جي ڊپٽي ڪمشنر رياض محسود جي آفيس پاران ضلعي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته بغير سائلينسر ۽ ون ويلنگ ڪرڻ وارين موٽر سائيڪلن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ان حوالي کان قلم 144 لاڳو ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻئي طرف سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ترجمان فيروز شاهه جو چوڻ هو ته ٽريفڪ قانونن جي اهڙي نوعيت وارين ڀڃڪڙين خلاف قدم کڻڻ شهري حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل نه آهي.

جشن آزاديءَ جي سرگرمين کي ملهائڻ لاءِ بغير سائلينسر واري موٽر سائيڪل هلائيندي دوستن سان گڏ ون ويلنگ ڪندڙ هڪ نوجوان شاگرد مسعود شاهه جو چوڻ هو ته خوشيءَ جي وڏي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ وٽن ان کانسواءِ ٻيو ڪو طريقو نه آهي ته پنهنجي جوش ۽ جذبي جو اظهار شهر ۾ موٽرسائيڪل هلائي ڪن.

هن کي جڏهن اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس اهڙي عمل جي ڪري عام شهرين کي تڪليف پهچي ٿي ته ان جي جواب ۾ مسعود شاهه چيو ته، حڪومت کي گھرجي ته اهڙيون صحتمند سرگرميون منعقد ڪري جتي نوجوان گڏ ٿي پنهنجي جذبن ۽ صلاحيتن جو اظهار ڪري سگھن. اهڙين سرگرمين وسيلي نوجوانن کي موقعو ملندو ته اهي پنهنجي صلاحيتن جو مثبت انداز سان اظهار ڪري سگھندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here