امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ بعد سوات ۾ هوٽلن جو ڪاروبار زور وٺڻ لڳو

0
1415

مينگوره، سوات: سوات جي هوٽل ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال ۾ بهتري اچڻ کانپوءِ هيلوڪي گرمين واري مند ۾ لڳ ڀڳ 10 لک سياح تفريح خاطر سوات واديءَ ۾ پهتا جنهن ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هوٽلن جي ڪاروبار ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ بهتري آئي.

پاڪستان جي اترئين حصي ۾ واقع سوات واديءَ جا دلڪش منظر ۽ خوبصورت ماڳ ملڪ جي ٻين حصن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي روايتي سياحت خاطر پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندا هئا، پر 2007 کان 2009 تائين طالبان جي وحشتناڪ ويڙهه ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل فوجي آپريشن سبب امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي پئي. انهيءَ ويڙهه جي ڪري هن پرڳڻي جي لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ سياحت جو به ڳلو گھٽجي ويو ڇو ته سياحن واديءَ ڏانهن اچڻ جي همت ئي نه پئي ساري.

300 هوٽلن ۽ 400 ريسٽورينٽس جي نمائنده تنظيم ”سوات هوٽل ايسوسيئيشن“ جي صدر زاهد خان جو چوڻ هو ته ”07 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال هاڻي ڪافي بهتر ٿي چڪي آهي. هن سال هوٽلن جي صنعت کي اڳ جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آمدني ٿي آهي ڇو ته سياحن هن واديءَ ڏانهن اچڻ شروع ڪري ڏنو آهي. تحفظ جي خراب صورتحال سبب ماضيءَ ۾ سياح هن پاسي اچڻ نه چاهيندا هئا، پر هن سال گرمين جي مند ۾ اپريل کان سيپٽمبر دوران هوٽلن جا 50 سيڪڙو ڪمرا ڪرائي تي چڙهيل رهيا“.

ان کان علاوه سوات ايندڙ ماڻهن تي نظر رکندڙ سيڪيورٽي ادارن پاران ڏنل انگن اکرن مطابق مٿي ڄاڻايل وقت دوران سوات ۾ ڪل 25 هزار گاڏيون داخل ٿيون، پر اهڙا ڪي به ثبوت موجود نه آهن جن آڌار اها نشاندهي ڪري سگھجي ته انهن سمورين گاڏين وسيلي آيل ماڻهو سياحت خاطر ئي سوات پهتا.

سيڪيورٽي اداري سان لاڳاپيل هڪ اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني ته ”عيدالفطر جي موڪلن دوران لڳ ڀڳ 15 هزار گاڏيون سوات جي حدن ۾ داخل ٿيون“. هن اهو پڻ چيو ته ماڻهن پاران اهڙيءَ ريت سوات ڏانهن اچڻ مان اها ڳالهه به ثابت پئي ٿئي ته ملڪ جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙن کي هتي امن جي بحاليءَ جو پختو يقين ٿي چڪو آهي.

زاهد خان جي راءِ هئي ته هن سال جي گرمين واري مند سوات واديءَ ۾ گذارڻ لاءِ سياحن جو هڪ وڏو انگ ان ڪري به هن پرڳڻي ڏانهن آيو ڇو ته اسان هوٽلن ۾ رهائش جا معاوضا گھڻا گھٽ رکيا آهن ته جئين ڪيترن سالن کان هيڏانهن نه ايندڙ سياحن کي رعايتون ڏئي سندن ڌيان ڇڪائي سگھجي.

زاهد خان جي دعويٰ آهي ته ملڪ جي ٻين تفريحي ماڳن مري ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪي هوٽل ۽ رهائش واريون سهولتون قائم ٿيل آهن انهن جي ڀيٽ ۾ هو سياحن کان 50 سيڪڙو گھٽ معاوضو وصول ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته سوات ۾ جيترا هوٽل قائم آهن انهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ سياحن جي رهي سگھڻ جي گنجائش موجود آهي. سوات واديءَ ۾ بدامنيءَ وارن ڏينهن دوران لڳ ڀڳ سمورا هوٽل بند ٿي چڪا هئا ۽ چئن سالن جي ڊگھي وقت تائين بند پيل ئي رهيا پر جيئن ئي امن بحال ڪيو ويو ته سندن ڪاروبار ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي.

سوات ۾ قائم هڪ هوٽل جي مالڪ نالو ظاهر ڪرڻ کان احتياط ڪندي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هلندڙ سال جي گرمين واري موسم ۾ سندس آمدني 05 لک روپيا وڌيڪ ٿي، جڏهن ته گذريل سال ساڳي مند دوران هن صرف 04 لک روپيا ڪمايا هئا. سندس هوٽل جون ٻه منزلون آگسٽ مهيني لاءِ پيشگي طور بوڪ ٿيل رهيون. ان مان به امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ متعلق سياحن جي اعتماد پختي ٿيڻ واري راز کي پروڙي سگھجي ٿو ۽ جيتري گھڻي تعداد ۾ سياح ٻيهر اچڻ لڳا آهن کين اهڙي اميد پهريان ڪو نه هئي.

هوٽل ۾ رهڻ وارن کان علاوه اهڙا به ڪيترائي سياح آهن جيڪي گرمين جون موڪلون سوات واديءَ جي مرڪزي شهر مينگوره کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع خوبصورت نظارن واري شهر مدين ۾ ڪرائي تي ورتل گھرن ۾ گذارين ٿا.

مدين جي رهواسي علي رحمان ٻڌايو ته، اسان جي پرڳڻي ۾ جيئن ئي ويڙهه شروع ٿي ته ملڪ جي ٻين شهرن کان سياحت خاطر سوات ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن ٻين ماڳن ڏانهن ايندڙن جو نالو نشان ملڻ مشڪل ٿي پيو، پر گذريل ٽن کان چئن سالن دوران سياحن هن پاسي ٻيهر اچڻ شروع ڪري ڏنو آهي.

علي رحمان جو چوڻ هو ته ”ملڪ جي ميداني علائقن جي لڱ ڪانڊاري وجهندڙ گرميءَ کان بچڻ خاطر لڳ ڀڳ 30 کان 40 خاندانن مدين شهر ۾ گھر عارضي طور ڪرائي تي حاصل ڪري رهائش اختيار ڪئي“. هن اهو پڻ چيو ته اهڙيءَ ريت نيٺ دهشتگرديءَ کي مڪمل شڪست اچي چڪي آهي.

عيد جي موڪلن دوران سوات گھمڻ لاءِ آيل هڪ سياح عبدالڪريم نيوز لينز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو لڳ ڀڳ ڇهن سالن پوءِ ٻيهر هن پرڳڻي ۾ سياحت خاطر آيو آهي ۽ کيس خوشگوار حيرت ٿي آهي ته هتي امن ۽ سياحت ٻئي بحال ٿي چڪا آهن.

عبدالڪريم پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”سج لٿي کانپوءِ به سوات واديءَ ۾ گھمندي مان پاڻ کي هاڻي غيرمحفوظ تصور نه ٿو ڪيان“. ان موقعي تي هن سوات ۾ گاڏين جي پيهه ۽ ٽريفڪ بدانتظاميءَ جي شڪايت به ڪئي.

سوات نديءَ جي ڪناري تي واقع سياحتي ماڳ بحرين ۾ به هن سال سياحن وڏي انگ ۾ اچي ديرا ڄمايا. بحرين جي رهواسيءَ عبدالڪريم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ويڙهه واري وقت ۾ سج لٿي کان اڳ ئي مارڪيٽون بند ٿيڻ جو رواج پئجي چڪو هيو پر هاڻي دڪان رات دير تائين کليل هوندا آهن. دڪاندار توڙي هوٽلن جا مالڪ سياحن جي اچڻ سبب گھڻا خوش آهن ڇو ته هتان جي ماڻهن لاءِ آمدنيءَ جو وڏو ۽ اڪيلو وسيلو سياحت ئي آهي“.

حيرت جي ڳالهه ته اها به آهي جو مالاڪنڊ ڊويزن جا اهي رهواسي جيڪي سياحت خاطر ٻاهرين ملڪن يا ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندا هئا ۽ سوات توڙي ٻين تفريحي ماڳن ڏانهن اچڻ کان ڪيٻائيندا هئا انهن به هاڻي مقامي علائقن ۾ سياحت ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. سياحتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي اها گھڙي اچي وئي آهي جو غيرملڪي سياحن کي هن پاسي اچڻ جي پيشڪش ڪرڻ گھرجي.

جيتوڻيڪ طالبان جي ويڙهه وارن ڏينهن ۽ ان کانپوءِ واري وقت ۾ پرڏيهي سياحن کي هن پرڳڻي ۾ اچڻ لاءِ حڪومتي اختيارين کان پيشگي اجازت وٺڻ جو پابند ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ”نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ“ وٺڻ وارو اهو شرط به ختم ڪيو ويو آهي ان هوندي به غيرملڪي سياح هن پرڳڻي جي خطري واري اڳوڻي سڃاڻپ سبب هيڏانهن اچڻ لاءِ في الحال رضامند نظر نه پيا اچن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here