اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته دولتمندن ۽ وڏين ڪاروباري ڪمپنين پاران پنهنجن سگھارن سياسي واسطن کي استعمال ڪندي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ سبب ئي پاڪستان کي پرڏيهي قرض تي ڀاڙڻو پوي ٿو.

انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ اسلام آباد جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ معاشي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالرشيد نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي قرضن تي ڀاڙڻ جو هڪ وڏو سبب هي آهي ته ٽيڪسن جي وصولي انتهائي گھٽ آهي. ان ڪري ان ڳالهه جي گھڻي ضرورت آهي ته پاڪستان جي ٽيڪس نظام کي وسيع ڪيو وڃي.

انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز (آءِ پي ايس) نالي هڪ ٿنڪ ٽينڪ پاران مالي سال 2015-16 جي بجيٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ تيار ڪيل رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته، قرضن جي مجموعي ڪاٿي مطابق قرضن جي بار ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي. نئين بجيٽ تحت مختص ڪيل وسيلن جو ڪل ڪاٿو 4451.3 بلين روپيا آهي. عبوري ڪاٿي موجب مجموعي قومي پيداوار ۾ 4.24 سيڪڙو واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اها شرح گذريل ٻن سالن جي انگن اکرن جي ڀيٽ ۾ 4.03 سيڪڙو واڌو هوندي.

آءِ پي ايس جي جائزي مطابق، جيتوڻيڪ مجموعي قومي پيداوار جي تناسب جي حساب کان پرڏيهي قرضن جي بار ۾ 64.4 سيڪڙو کان 62.9 سيڪڙو گھٽتائي نظر اچي ٿي پر حقيقي معنيٰ ۾ صرف هن سال دوران پرڏيهي قرضن جي ڪاٿي ۾ 1000 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي.

آءِ پي ايس جو جائزو ٻڌائي ٿو ته ٻه سال اڳ وجود ۾ اچڻ کانپوءِ موجوده حڪومت پاران جيڪي قرض ورتا ويا آهن انهن جي ڪري پرڏيهي قرضن جي بار ۾ 3 کرب روپين جو اضافو ٿيو آهي. ڊاڪٽر عبدالرشيد جو چوڻ هو ته، حڪومت کي گھرجي ته نوان شعبا، نوان معاشي اِسم ۽ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي. انهيءَ سلسلي ۾ اهو پڻ ضروري آهي ته موثر نظام تحت خرابين تي ضابطو آڻيندي مجموعي قومي پيداوار ۾ ٽيڪسن جي شرح کي وڌايو وڃي.

ڊاڪٽر عبدالرشيد وڌيڪ چيو ته ٽيڪسن وسيلي ٿيندڙ آمدني گھٽ هجڻ جي ڪري ئي پرڏيهي قرضن تي وڌيڪ انحصار ڪرڻو پوي ٿو. ٽيڪسن وصولين جي وسيع بنيادن واري نظام جي مدد سان ئي پرڏيهي قرضن تي ڀاڙڻ واري رجحان ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي.

انڪم ٽيڪس کاتي جي هڪ سينئر عملدار ٽيڪس وصولين جو حدف حاصل نه ڪري سگھڻ جو ذمو ٽيڪس وصول ڪرڻ واري کاتي ۾ افرادي قوت جي کوٽ ۽ خامين سان ڀريل آڊٽ پاليسيءَ مٿان رکندي چيو ته انهيءَ پاليسيءَ سبب آڊٽ صرف انهن جي ڪئي وڃي ٿي جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ ٽيڪس جا گوشوارا جمع ڪرائين ٿا.

انڪم ٽيڪس جي انهي سينئر عملدار سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ان جو مطلب اهو ٿو نڪري ته جيڪڏهن توهان ٽيڪس ادا ڪرڻ کان لنوائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٽيڪس جا گوشوارا جمع ئي نه ڪرايو. اهڙيءَ ريت آڊٽ وارو عمل ٽيڪس جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي همت نه ٿو وڌائي.

هن صلاح ڏيڻ واري انداز ۾ چيو ته، ٽيڪسن وصولين جي دائري کي وڌائڻ خاطر نون ٽيڪس ڏيڻ وارن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ جامع سروي ڪرائڻ گھرجي. باقاعدگيءَ سان ٽيڪس ادا ڪرڻ وارن جن کي اين ٽي اين به مليل آهي انهن جو تعداد 3.7 ملين آهي جڏهن ته انهن جو تعداد 12 ملين هجڻ گھرجي.

قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اڪنامڪس جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر انور شاهه صلاح ڏني ته پيسن جي هر قسم واري ڏيتي ليتيءَ کي دستاويزي شڪل ڏيڻ سان ملڪ جي ٽيڪس نظام ۾ پاڻمرادو ڦهلاءُ اچي ويندو.

ڊاڪٽر انور شاهه جو چوڻ هو ته، ادارن ۽ انتظامي عملداريءَ جي ڪمزور هجڻ سبب اهو لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ته خوشحال ماڻهن خاص ڪري سياستدانن ۽ سندن ويجهن مائٽن کي ٽيڪس ادائيگين واري دائري ۾ شامل ڪري سگھجي.

بجيٽ وسيلي ڪيل سفارشن ۽ قدمن جو تجزيو ڪندي آءِ پي ايس جي جائزي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته توانائيءَ جي مجموعي بحران سان جڙيل گردشي قرضن واري اهم ترين مسئلي کي حل ڪرڻ متعلق واضح حڪمت عمليءَ کي ته بجيٽ ۾ شامل ئي ناهي ڪيو ويو جڏهن ته اهو مسئلو هڪ دفعو ٻيهر زور وٺڻ لڳو آهي.

ٽريڊرز ايسوسيئيشن راولپنڊيءَ جي هڪ اڳواڻ عمر ناصر جو چوڻ هو ته، بجيٽ جي خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ خوشحال ۽ امير ماڻهن مٿان ٽيڪس هڻڻ بجاءِ حڪمران هميشهه مِني بجيٽ جي شڪل ۾ ننڍن واپارين مٿان ٽيڪس هڻڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. حڪومت طرفان هر سال مِني بجيٽ مڙهي ويندي آهي ۽ معاشري جي غريب طبقن کي ئي هر دفعي اهڙي بجيٽ جو بار سهڻو پوندو آهي.

سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ) پاران 2013 ۾ تيار ڪيل هڪ اڀياس جي مسودي مطابق، پاڪستان جي ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ خاطر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٽيڪس وصولين واري نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ موذون ۽ جوڳا قدم کنيا وڃن. جيئن ته معاشري جي ڪجهه طبقن کي ٽيڪسن جي مد ۾ ڇوٽ ڏني وڃي ٿي ۽ کين مراعتون ڏيڻ واري سلوڪ سان نوازيو وڃي ٿو، ٻئي طرف زراعت، دولت جي ڪمائيءَ ۽ غيرمتحرڪ جائيداد تي ٽيڪس هڻي، نه هجڻ جي برابر ٽيڪس وصول ڪو وڃي ٿو، ان ڪري پاڪستان جي ٽيڪسن واري نظام کي سڀني لاءِ هڪجهڙو قرار نه ٿو ڏئي سگھجي.

ڊاڪٽر عبدالرشيد جو چوڻ هو ته، ٽيڪس وصولين ۾ واڌاري جو مطلب هوندو ته حڪومت کي تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن لاءِ وڌيڪ مالي وسيلا خرچ ڪرڻ جي سگھ حاصل ٿي پوندي. هن اها راءِ پڻ ڏني ته بهتر وصولين جو هڪ مطلب اهو به هوندو آهي ته حڪومت جو کيسو ڀريل رهندو ۽ ان جي نتيجي ۾ عوامي ڀلائيءَ وارين رٿائن تي ناڻو خرچڻ سان مجموعي ترقيءَ جي شرح به بهتر ٿيندي رهندي.

فيڊرل بورڊ آف ريونيو پاران پنهنجي ويب سائيٽ وسيلي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو آهي ته، ٽيڪس وصولين ۾ واڌ خاطر ٽيڪس ڏيڻ جي طريقه ڪار کي سولو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته ٽيڪس ادا ڪندڙن سان ٽيڪس وصول ڪرڻ وارن جي رابطي کي گھٽايو پيو وڃي.

هن سلسلي ۾ ايف بي آر جي ترجمان سان رابطي جون ڪوششون ڪيون ويون پر ترجمان سان رابطو نه ٿي سگھيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here