فاٽا ۾ تدريسي عملي جي کوٽ سبب انتهاپسنديءَ جو رجحان زور وٺي سگھي ٿو

0
793

پشاور: اسڪولي شاگردن، والدين ۽ استادن جو چوڻ آهي ته، ترقيءَ کان محروم پاڪستان جي قبائلي علائقي فاٽا سان تعلق رکندڙ نوجوانن جا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بنجڻ وارا خواب ان ڪري چڪناچور ٿي پون ٿا ڇو ته اسڪولن ۾ استادن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي.

ڏکڻ وزيرستان جي سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ اسڪول ۾ پڙهندڙ 07 سالن جي شاگرد عابد جان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”ٻالڪپڻ کان وٺي سندس اها خواهش آهي ته ڊاڪٽر بڻجي هو پنهنجي علائقي جي مريضن جو مفت علاج ڪري. هن اهو پڻ چيو آهي ته گھر کان اسڪول تائين پهچڻ لاءِ مناسب ٽرانسپورٽ ميسر نه هجڻ ڪري مان اڪثر دير سان اسڪول پهچندو آهي. ”ٻين علائقن جي اسڪولي ٻارن کي جيڪي سهولتون ميسر آهن انهن جي ڀيٽ جڏهن به پنهنجي علائقي سان ڪندو آهي ته کيس مايوسي پلئِه پوندي آهي“.

ڏکڻ وزيرستان جي هڪ پرائمري اسڪول سان واسطو رکندڙ استاد جهانزيب چيو آهي ته اسانجي اسڪول کي ماهر استادن، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ، ڪاڪوسن ۽ راندين جي ميدانن کان علاوه ٽرانسپورٽ وارين سهوليتن جي اشد ضرورت آهي. تعليم کاتي فاٽا جي عملدارن ۽ قبائلي چڱن مڙسن جو چوڻ آهي ته مسئلن جي ماريل هن قبائلي پرڳڻي ۾ 2 هزار 362 استادن جي مقرريءَ واري فيصلي جي منظوري ڏيڻ ۾ خزاني واري وفاقي وزارت جيڪا دير ڪري رهي آهي ان جي ڪري انهن ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي جن وسيلي انتهاپسنديءَ جو زور گھٽائڻ خاطر ڪم ٿي رهيو آهي.

قبائلي چڱي مڙس ملڪ نور نواز يادگيرين کي سهيڙيندي ٻڌايو ته گذريل ڏهاڪي دوران گھڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل نوجوان ئي ويڙهاڪ جٿن ۾ وڃي شامل ٿيا هئا.

نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ نور نواز چيو ته ”هتان جي تعليم واري شعبي کي بهتر ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي نه ته عسڪريت پسنديءَ کي صرف ۽ صرف طاقت جي زور تي شڪست ڏيڻ ممڪن نه آهي“.

آل فاٽا ٽيچرز ايسوسيئيشن جي صدر خان ملڪ چيو ته 2007 کان قبائلي علائقن ۾ تعليمي ادارن جون شاندار عمارتون تعمير ڪيون پيون وڃن. فاٽا جو تعليم بابت ڊائريڪٽوريٽ انهن تعليمي ادارن لاءِ استادن کي ڀرتي ڪرڻ بابت ڪوششون وٺي رهيو آهي. خان ملڪ جي راءِ آهي ته ”اسانجي سمورن مسئلن جو آخري حل تعليم ئي آهي. جيڪڏهن توهان حقيقت ۾ چاهيو ٿا ته هتان انتهاپسنديءَ جو مڪمل خاتمو آندو وڃي ۽ توهان حقيقت ۾ هن پرڳڻي کي ترقي به وٺرائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي خواندگيءَ ۾ اضافو هر صورت ۾ ڪرڻو پوندو“.

ڏکڻ وزيرستان ۾ اسسٽنٽ ايجنسي ايجوڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيل استادياڻيءَ نسيمه بي بيءَ ٻڌايو ته ”سموري قبائلي پرڳڻي اندر تعليم جو شعبو ڏکيائين جو شڪار آهي. اڪثر تعليمي ادارن ۾ استادن جي رهائش لاءِ سهوليتون ميسر نه آهن، اسڪولن ۾ ماهر استاد مقرر ٿيل نه آهن ۽ اڪثر اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي. هي اهي چند مسئلا آهن جن کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي“.

قبائلي علائقن ۾ امن امان ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ غيرسرڪاري اداري ”ڪميونٽي اپريزل اينڊ موٽيويشنل پروگرام“(CAMP) مطابق 1998 جي آدمشماريءَ مطابق فاٽا جي ڪل آبادي 3.17 ملين هئي. علائقي جي ڪل آباديءَ مطابق مقامي ادارن جي ڪاٿي موجب هاڻي آبادي 07 ملين ٿي چڪي آهي. 2008 دوران مقامي ماڻهن پاران لڏپلاڻ ڪرڻ جو رجحان عروج تي پهچي چڪو هيو ۽ لڳ ڀڳ 30 لک ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏي خيبرپختونخوا صوبي ۽ قبائلي علائقي جي محفوظ هنڌن ڏانهن روانا ٿيا هئا.

2016 ۾ پاڪ فوج پاران اعلان ڪيو ويو ته اڪثر قبائلي علائقن مان ويڙهاڪن جو خاتمو آندو ويو آهي ۽ ملڪ ئي اندر لڏپلاڻ ڪري ويلن کي واپس سندن علائقن ۾ آباد ڪرڻ وارو ڪم 2016 جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو.

وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائي علائقن (فاٽا) ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عسڪريت پسندن وچ ۾ ويڙهه شروع ٿيڻ کانپوءِ هي علائقو ستن سالن تائين غيريقينيءَ ۽ افراتفريءَ جو شڪار رهيو. وانا جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ ڏهين درجي جو شاگرد علي شاهه انجنيئر بڻجي ملڪ ۽ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو.

نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي علي شاهه چيو ته ”مان چاهيان ٿو ته جنگ سبب تباهه ٿي ويل اباڻي شهر جي نئين سِري سان تعمير وارو ڪم ڪيان. پر جهڙي قسم جي صورتحال موجود آهي ان کي ڏسندي خوف ٿئي ٿو مان شايد اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگھان“.

نيوز لينز پاران جن دستاويزن جو جائزو ورتو ويو آهي انهن مان پتو پيو آهي ته فاٽا ۾ تعليم بابت ڊائريڪٽوريٽ پرائمري، هاءِ ۽ هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ 02 هزار 82 استادن کي مقرر ڪرڻ چاهي ٿي، انهن کان علاوه نيئن قائم ٿيل ڪيڊٽ ڪاليج جي 280 آسامين تي مقررين جي منظوري ملڻ جو به انتطار ڪيو پيو وڃي.

خان ملڪ جو چوڻ هو ته، تعليمي ادارن لاءِ اربين روپين جي لاڳت سان نيون عمارتون جوڙايون ويون آهن پر هڙئي عمارتون ويران پيل آهن ۽ خدشو اهو آهي ته استعمال نه ٿيڻ سبب تباهه ٿي وينديون.

هڪ غيرسرڪاري اداري ”فزيشنز فار سوشل ريسپانسبلٽيز“ (پي سي آر) مطابق گذريل ڏهاڪي دوران سموري پاڪستان اندر 80 هزار ماڻهو (جن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا جوان، عام شهري ۽ عسڪريت پسند شامل آهن) مارجي چڪا آهن.

قبائلي چڱي مڙس امير محمد جا ٻه پٽ وانا جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائن ٿا. هن جي ٻارن شڪايت ڪئي آهي ته سندن اسڪول ۾ سائنس جي ليبارٽري نه آهي ۽ استادن جو انگ به گھرج کان گھٽ آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي امير محمد چيو آهي ته ”اسان وٽ نه ته صنعتون آهن نه ئي ڪو ٻيو ڪاروبار آهي ان ڪري اگر اسانجا ٻار اڻ پڙهيل رهجي ويندا ته انهن کي به جياپي لاءِ متبادل رستا ڳولهڻا پوندا.

حڪومت کي استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ بابت سنجيدگيءَ سان قدم کڻڻ گھرجن ٻي صورت ۾ تعليمي عمل جي اڌوري هجڻ سان سماجي بگاڙ پيدا ڪرڻ وارن جا هٿ مضبوط ٿيندا رهندا“.

فاٽا ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر هاشم خان آفريديءَ جو چوڻ آهي ته اسانجو کاتو نون تعمير ٿيل اسڪولن کي فعال ڪرڻ ۽ استادن جي مقرري ڪرڻ جي سلسلي ۾ قدم کڻي رهيو آهي. ”اگر خالي پيل آسامين تي ڀرتيون ڪرڻ بابت منظوري ملي ويندي ته پوءِ فاٽا جا 07 سو اسڪول فعال ٿي پوندا“.

فاٽا سيڪريٽريٽ ۽ شمارياتي بيورو پاران گڏيل انداز سان ڪيل تازه ترين سروي جي نتيجن مان معلوم ٿيو آهي ته فاٽا ۾ مجموعي خواندگيءَ جي شرح 33.3 سيڪڙو آهي جيڪا 2013-14 ۾ رڪارڊ ٿيل قومي سطح جي خواندگي شرح کان گھڻي گھٽ آهي.

ساڳيءَ ريت فاٽا ۾ بالغن جي خواندگيءَ واري شرح 28.4 سيڪڙو آهي ان جي ڀيٽ ۾ قومي سطح تي بالغن جي خواندگيءَ واري شرح 57 سيڪڙو آهي. جڏهن ته صنفي اعتبار کان خواندگيءَ جي شرح ۾ هڪ وڏو تفاوت موجود آهي. فاٽا ۾ مردن جي خواندگيءَ جي شرح 45 سيڪڙو آهي جڏهن ته عورتن جي خواندگيءَ واري شرح 7.8 سيڪڙو آهي.

هاشم آفريديءَ ٻڌايو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ ڇوڪرين جو پهريون ڪاليج ته کلي چڪو آهي پر ان ۾ به استادن جي مقرري اڃان تائين ناهي ٿي سگھي. ”مقامي ماڻهن کي اگر تعليم جون سهولتون وڌ کان وڌ مهيا ڪيون وينديون ته ان طريقي سان عسڪريت پسنديءَ کي زور وٺڻ کان روڪي سگھجي ٿو“.

ناڻي واري وفاقي وزارت جي ڊپٽي فنانشل ايڊوائيزر مظفر بخاريءَ ٻڌايو ته، مالي سال 2014-15 دوران فاٽا ۾ 386 استادن جي ڀرتيءَ جي اجازت گھري وئي هئي ۽ وزارت پاران 335 استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

استادن جي تنظيم جي صدر خان ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت تعليم کاتي جي گذارشن تي اجايا اعتراض هڻندي رهندي آهي. سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان ابراش پاشا جو چوڻ آهي ته عسڪريت پسنديءَ جي ڪري فاٽا شديد متاثر ٿيو آهي. ”اها بدقسمتيءَ جي علامت آهي ته فاٽا ۾ تعليم سڀني لاءِ يا صدسالا ترقيءَ وارن مول متن تحت ترقيءَ جو جيڪو حدف مقرر ڪيو ويو هيو اهو حاصل ناهي ٿي رهيو“. ابراش پاشا اهو پڻ چيو آهي ته، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ پاسي حڪومت تعليمي ادارن کي فعال ڪرڻ ۾ دير ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي نجي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو فاٽا جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هيڏانهن اچڻ تي راضي نه پيا ٿين.

هاشم آفريديءَ چيو آهي ته اسان جو کاتو ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي خواندگيءَ واري شرح وڌائڻ ۽ تعليمي عمل کي بهتر ڪرڻ خاطر ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. ”داخلا وڌائڻ واري مهم اڳ ۾ ئي هلندڙ آهي جنهن تحت 05 سالن جي ڄمار وارن 02 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪيو ويندو اهو حدف ماڻڻ هڪ وڏي ڪاميابي هوندي. ان مهم جو پهريون مرحلو مئي 2016 تائين مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 60 سيڪڙو نتيجا حاصل ڪياسين. انهيءَ مهم جو ٻيو مرحلو سيپٽيمبر 2017 کان شروع ڪيو ويندو“.

گذريل ٽن سالن کان فاٽا ۾ تعليمي سڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ فاٽا سان ئي واسطو رکندڙ هڪ سرڪاري ڪاموري احسان الله خان چيو آهي ته هن پرڳڻي ۾ حالتن جي خرابيءَ سبب سڀ کان گھڻو نقصان تعليم جي شعبي ۾ ٿيو آهي. ”فاٽا جو تعليمي شعبو مڪمل طور تي برباد ٿي ويو. پاڪ فوج پاران ڪيڊت ڪاليج ۽ آرمي پبلڪ اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن پر تعليم جي شعبي بابت حڪومت جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ آهي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here