ڪراچي(فرحانه نيازي وٽان) 45 سالن جي عابده پروين ليڊي هيلٿ ورڪر آهي، جيڪا 1998ع کان هر پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شريڪ ٿيندي آئي آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ صحت کاتي موجب 6 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ شريڪ ٿينديون آهن ۽ في ڏينهن جو معاوضو پنج سئو رپيا مقرر ٿيل آهي.
عابده پروين موجب مهم کان 20 ڏينهن پهرين ئي ان جون تياريون شروع ٿي وينديون آهن، جنهن لاءِ صحت مرڪزن ۾ ميٽنگس ۽ تربيتي گڏجاڻيون ٿينديون آهن، جنهن ۾ انهن کي ڦڙا پيارڻ کانسواءِ ماڻهن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه جي تربيت ڏني ويندي آهي.
عابده پروين لانڍي ۾ مقرر آهي، هن موجب مهم جي ڏينهن صبح جو صحت مرڪز تي پهچندي آهي، جتان ٽيمون مختلف علائقن طرف روانيون ٿي وينديون آهن ۽ نقشي موجب طئي ٿي ويندو آهي ته ڪنهن کي ڪهڙو علائقو ڏيڻو آهي.
عابده پروين موجب هر ٽيم سان گڏ ٻه پوليس اهلڪار مقرر هوندا آهن، جيڪي علائقا وڌيڪ حساس هوندا آهن اتي وڌيڪ نفري ڏني ويندي آهي.
اها پوليس گهر جي اندر ناهي هوندي، جيڪڏهن عورت پوليس اهلڪار ڏنيون وڃن ته سٺي ڳالهه آهي، ڇو ته مرد پوليس وارن جي ڪوشش هوندي آهي ته گهڻو وقت نه لڳي پر گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڦڙا پيارڻ کان منع ڪري رهيو آهي ته گهر جي اندر به وڃڻو پوندو آهي.
عابده پروين موجب پوليو ورڪرن کي وڌيڪ پريشاني پشتون آبادي وارن علائقن ۾ ٿيندي آهي ۽ هو اتي ڪلمو پڙهي ۽ جان تري تي رکي ويندا آهن.
عابده ٻڌايو ته ڪنهن جو چوڻ هوندو آهي ته اها آمريڪا جي مهم آهي، اها خانداني منصوبا بندي جي لاءِ آهي ۽ ڪي وچ ۾ مذهبي مسئلن کي کڻي ايندا آهن، ڪجهه ته اهو چوندا آهن ته اسان جا پنهنجا ٻار آهن جڏهن اسان ڦڙا نٿا پياريون ته توهان ڇو ٿا چئو.
عابده وڌيڪ چئي ٿي ته مهم دوران ڪجهه ابتا سبتا جملا به ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن ۽ ان کان علاوه جملي بازي به ڪئي ويندي آهي، ڪيترائي ڀيرا اسان کي پٿر به کائڻا پيا آهن.
هڪ ڀيري اسان لانڍي شير پائو ڪالوني طرف وياسين ته هڪ ڇوڪري اسان مٿان پستول تاڻي ورتو، ان ڏينهن اسان سان گڏ ڪا به سيڪيورٽي نه هئي، پوءِ اسان فورن شڪايت ڪئي ته پوليس ۽ رينجرز سڀئي اچي ويا.
بي بي سي جي هڪ رپورٽ موجب سن 2011 تائين پاڪستان انهن چئن ملڪن ۾ شامل هو جتي اڃا تائين پوليو ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته 2012ع ۾ پاڪستان دنيا جي انهن ٽن ملڪن مان هڪ هو جتي پوليو جو وائرس اڃا به موجود آهي، ٻين ملڪن ۾ افغانستان ۽ نائيجيريا شامل آهن.
عابده وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان منع ڪندا آهن ته انهن کي مڃرائڻ مشڪل هوندو آهي، جيڪڏهن اهي کين نه مڃائي سگهندا آهن ته پوءِ ميڊيڪل آفيسر کي وٺي ويندا آهيون، ان سان به نه مڃين ته پوءِ ڊبليو ايڇ او وارن کي وٺي ويندا آهيون.
واضح رهي ته هاڻ دنيا ۾ صرف ٻه ملڪ پاڪستان ۽ افغانستان باقي آهن جتي پوليو جو وائرس موجود آهي جنهن جي پکيڙکي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايڇ او پاڪستان تي سفري پابندي به لاڳو ڪري رکي آهي.
عابده چوي ٿي ته مشڪلاتون ڪيتريون به آيون پر پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ناهي ڪيو، هن موجب نيڪ ڪم لاءِ نڪرندي آهيان ان لاءِ جيڪڏهن مري به وڃان ته ڊپ ناهي لڳندو پر اسان ٻارن لاءِ نڪتا آهيون مان چاهيان ٿي ته پاڪستان مان اهو موذي مرض ختم ٿي وڃي ڇو ته منهنجو پنهنجو پٽ ان مرض ۾ جان ڏئي چڪو آهي.
پاڪستان ۾ القاعده جي اڳواڻ اسامه بن لادن جي موت کان پوءِ پوليو ٽيمن تي حملن ۾ واڌارو ٿيو. ڪجهه رپورٽن موجب پوليو ويڪسين جي بهاني اسامه جي ڪمپائونڊ تائين رسائي حاصل ڪئي وئي، ڪراچي ۾ انهن حملن جي نتيجي ۾ ست رضاڪار مارجي چڪا آهن، هڪ اهڙي ئي حملي ۾ پوليو رضاڪار سلميٰ جعفر زخمي ٿي وئي هئي.
سلميٰ جعفر جو چوڻ آهي ته قيوم آباد جي علائقي ۾ ويهه فيبروري 2014ع تائين سڀ ٺيڪ ئي رهيو، پر اڳئين ڏينهن هنن مهم شروع ئي ڪئي هئي ته هڪدم موٽرسائيڪل تي ٻه ماڻهو آيا جن فائر کولي ڇڏيا، جنهن ۾ هن جي سيني ۽ هٿن تي ٻه ٻه گوليون لڳيون، حملوڪندڙن ساٿي عورت انيتا کي هڪ ئي گولي هنئي جيڪا ان جي ڳل تي لڳي ۽ هڪ ڇوڪري کي به گولي لڳي جنهن ۾ ٻئي مارجي ويا.
واضح رهي ته 2012ع ۾ تقريبن هر سال ڪراچي ۾ پوليو ورڪرن تي حملا رپورٽ ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا مناسب سيڪيورٽي نه ملڻ سبب پوليو جي خاتمي واري مهم ملتوي ڪرڻي پئي، جڏهن ته انهن حملن بعد ڪراچي ۾ صحت جي عالمي اداري جو دفتر به بند ڪيو ويو.
سلميٰ موجب ان کان پهرين علاج ڪرائڻ تي پنج لک رپيا خرچ آيو ۽ هوءَ قرضي ٿي وئي، هاڻ نوڪري به نٿي ڪري سگهان ڇو ته بيمار آهيان، منهنجو ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي، منهنجي مڙس 6 سال اڳ گذاري ويو ۽ ان ڪري پريشان رهندي آهيان، ٻيو ڪو ڪمائڻ وارو ناهي.
سلميٰ جعفر ٻڌايو ته وزير اعظم نواز شريف کيس گهرايو هو ۽ هن ٽڪيٽ به ڪرائي پر وري هو ڪيڏانهن هليو ويو ۽ هن کي منع ڪيو ويو جنهن بعد وزير اعظم پاران ٻيهر ڪو رابطو ناهي ڪيو ويو.
هڪ لک رپيا ايڌي فائونڊيشن ۽ ٻه لک رپيا سنڌ جي وڏي وزير پاران ڏنا ويا هئا پر وزير اعظم ٽي لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو اهو اڃا تائين اسان کي ناهي ملي سگهيو.
صحت کاتي موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ پوليو جو هڪ ڪيس اٺ جنوري 2016ع تي گڏاپ ٽائون يو سي ست ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ته گذريل سال اهو تعداد ست هو.
صحت کاتي موجب سنه 2014ع ۾ پاڪستان ۾ پوليو جا 306 ڪيس سامهون آيا هئا جڏهن ته 2015ع ۾ ملڪ مان ڪل 54 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا جن ۾ ڪراچي جي 7 ڪيسن سميت سڄي سنڌ ۾ 19 ڪيس شامل هئا.
محمد عثمان چاچڙ ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر آهي هن موجب ڪل اسٽاف ڇهه هزار ٽيمن تي ٻڌل آهي هر ٽيم ۾ ٻه ميمبر هوندا آهن ۽ پنج ٽيمن تي هڪ انچارج هوندو آهي، ان کان علاوه ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جو به اسٽاف هوندو آهي جيڪو گڏ ڪم ڪندو آهي، ليڊي هيلٿ ورڪرن جو پروگرام الڳ آهي پر هاڻ اسٽاف جي کوٽ سبب پوليو جي خاتمي واري مهم لاءِ انهن جون خدمتون به حاصل ڪيون وينديون آهن.
عثمان چاچڙ موجب گذريل سال ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي ڌمڪيون يا ڪو واقعو ٿي ويندو آهي، هي ايڏو وڏو شهر آهي سو خدشا ته رهندا آهن پر سيڪيورٽي ڏني ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ پوليو ٽيمن تي حملن جا واقعا 2012ع کان 2014ع تائين پيش آيا.
انهن ٻنهي سالن دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليو ٽيمن تي ڪيل حملن ۾ ڪل 9 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته اٺ زخمي ٿيا، جنهن بعد هاڻ ڪو اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو، جنهن ۾ ڪو پوليو رضاڪار مارجي يا زخمي ٿيو هجي.
هن موجب عورت ورڪرز سان بدتميزي جا واقعا به ڪڏهن ڪڏهن پيش ايندا آهن پر ان جو تدارڪ ڪيو ويندو آهي.
اهڙا ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن پر جنهن علائقي ۾ اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيندا اهن ته ان خلاف ايڪشن کنيو ويندو آهي علائقي جي ذميوارن سان ڳالهايو ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته هر مهيني ۾ هڪ مهم هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪيس رجسٽرڊ ٿيندو آهي ته ان جي آسپاس جي علائقي ۾ اضافي پوليو مهم هلائي ويندي آهي.
واضح رهي ته وزارت صحت پاڪستان پوليو جي مهم جو آغاز 1994ع ۾ ڪيو هو، جنهن جي تحت پنج سال يا ان کان گهٽ عمر جي ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا آهن.
پوليو ورڪرز کي سهولتن جي فراهمي بابت محمد عثمان جو چوڻ آهي ته انهن کي ٽرانسپورٽ ڏني ويندي آهي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جنهن علائقي ۾ پوليو رضاڪارن جي رهائش آهي اتي انهن کان مهم ڪرائي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن پري وڃڻو آهي ته پوءِ ٽرانسپورٽ ۽ مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته زخمي ٿيندڙ رضاڪارن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن مارجي وڃي ته حڪومت ان جي مدد ڪندي آهي، انهن جي وارثن کي ملازمت ڏيڻ جي جيستائين ڳالهه آهي ته اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪا نوڪري موجود آهي ۽ ان جي تعليم ان موجب آهي ته ڏني ويندي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here