خيبر ايجنسي: لڳ ڀڳ ڏهاڪو سالن تائين جاري رهيل بحران، ويڙهاند ۽ بي گھريءَ واري صورتحال، جنهن خيبرايجنسيءَ جي عوام کان سندن ثقافت ۽ تعليم به ڦري ورتي، انهيءَ علائقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي گروه پنهنجي مدد پاڻ تحت جمرود شهر ۾ قبائلي پرڳڻي جي سڀ کان پهرين لائبريري قائم ڪري ورتي آهي.

مقامي ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن انهيءَ قدم کي نمايان اڳڀرائي قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ مقصديت سان ڀرپور موثر ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين جي اڻهوند رهندي آئي آهي ۽ دهشتگردن هٿان تعليمي ادارن جي تباهيءَ وارا خطرا موجود رهندا آيا آهن.

رياستن ۽ سرحدي معاملن واري وزارت جي انگن اکرن مطابق، سال 2015 دوران وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن جي ٽن ايجنسين جا 360 اسڪول دهشتگردن پاران تباهه ڪيا ويا. تباهه ٿيل انهن اسڪولن مان 166 اسڪول اتر وزيرستان، 139 خيبرايجنسي ۽ 55 اسڪول ڏکڻ وزيرستان ۾ قائم هئا.

library-10
Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan

نوجوانن پاران قائم ڪيل لائبريريءَ جي نگران عصمت آفريديءَ ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان خواندگيءَ جي شرح وڌائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي صرف اسڪولن ۽ ڪالجن مٿان ئي نه ڀاڙڻ گھرجي. هن ٻڌايو ته، رحمت ميموريل ٽرسٽ پاران جيئن ته لائبريريءَ کي قائم ڪرڻ ۾ اسانجي تمام گھڻي مدد ڪئي وئي ان ڪري لائبريريءَ جو نالو به ”رحمت لائبريري“ رکيو ويو آهي. لائبريريءَ ۾ 10 هزار ڪتاب رکڻ جي گنجائش آهي. هن پاران ڏنل معلومات مطابق ”مقامي ماڻهو به هاڻي ڪتابن جو عطيو ڏيڻ لڳا آهن جنهن ڪري ڪتابن جو تعداد وڌي 17 سو تائين پهچي چڪو آهي.

library-1
Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan

عصمت آفريديءَ جو چوڻ هو ته، مالي وسيلن ۽ ٻين سهولتن جي عدم موجودگيءَ سبب لائبريريءَ جا سمورا معاملا نوجوان رضاڪاراڻن بنيادن تحت پاڻ هلائي رهيا آهن ۽ هي اهي ئي نوجوان آهن جيڪي معاشري کي سڌارڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻي رهيا آهن، توڙي جو گذريل سالن دوران دهشتگرديءَ جي لهر کانئن هر قسم جا وسيلا ڦري ورتا هئا.

ٿورو وقت اڳ تائين به هن پرڳڻي ۾ دهشتگرديءَ جو راڄ قائم هيو ۽ درسگاهن جون عمارتون خطرن جي ور چڙهيل هيون، انهيءَ علائقي ۾ هاڻي زندگي معمول طرف اچڻ لڳي آهي، اهڙي صورتحال ۾ مقامي نوجوانن پاران لائبريري قائم ڪرڻ ۽ انهيءَ سلسلي ۾ رضاڪاراڻيون خدمتون آڇڻ واري عمل کي عصمت آفريدي تازي هوا جو جهوٽو قرار ڏنو آهي.

تعليم واري شعبي سان لاڳاپيل خيبرايجنسيءَ جي عملدارن مطابق، خيبرايجنسيءَ جي صرف باڙا تعلقي ۾ گذريل ڏهن سالن تائين جاري رهيل دهشتگرديءَ وارين ڪاررواين سبب ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جا 102 اسڪول تباهه ڪيا ويا. باڙا تعلقي ۾ لڳ ڀڳ 4 سو اسڪول ۽ ڪاليج قائم ٿيل آهن، جن ۾ پڙهندڙ لڳ ڀڳ 64 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جي حاصلات کان محروم رهجي ويا ڇو ته ويڙهاند جي ڪري يا ته انهن کي هي علائقو ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي يا وري سندن اسڪول تباهه ڪيا ويا.

افغانستان جي سرحد ڀرسان واقع، وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ ستن قبائلي ايجنسين مان هڪ خيبر ايجنسيءَ اندر دهشتگرديءَ ۾ واڌ سبب 2001 کان وٺي حالتون عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويون. دهشتگرديءَ ۽ بحراني حالتن کان علاوه افغانستان ۾ واقع نيٽو جي اڏن طرف سامان کڻي ويندڙ ٽرانسپورٽ مٿان حملن ٿيڻ کانپوءِ فوج پاران دهشتگردن خلاف جيڪو آپريشن شروع ڪيو ويو ان جي نتيجي ۾ هزارين خاندانن کي هي علائقو ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻي پئجي وئي.

باڙا سب ڊويزن، خيبرايجنسيءَ جو اهو علائقو آهي جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو. حڪومت جي انتظام هيٺ باڙا ۾ قائم ٿيل پرائمري، مڊل، هاءِ، هائير، سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪاليج حڪومت کي خراب حالتن جي ڪري بند ڪرڻا پيا يا وري دهشتگردن انهن تعليمي ادارن مٿان حملا ڪري انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. انهيءَ علائقي ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن سميت جيڪي درجنين تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويا انهن مان ڪيترن جي تباهيءَ جي ذميواري ويڙهاڪن قبول ڪئي، جڏهن ته باقي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران تباهيءَ جو شڪار ٿيا.

هڪ ڏهاڪي تائين جاري رهيل ويڙهه سبب خيبرايجنسيءَ ۾ بنيادي سهولتن جو ڍانچو گھڻي ڀاڱي تباهه ٿيڻ بعد افغانستان جي سرحد ڀرسان ڦهليل هن پرڳڻي جي قبائلي ضلعن ۾ 2015 دوران حالتون معمول تي اچڻ بعد سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج ٻيهر کلڻ شروع ٿي ويا آهن.

Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan
Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan

لائبريريءَ ۾ ماڻهن جي دلچسپيءَ ۽ ميمبرشپ لاءِ لاڳو قابليت جي معيار جي وضاحت ڪندي عصمت آفريديءَ ٻڌايو ته پهرين سيپٽيمبر کان اڳ لائبريريءَ جا صرف 20 ميمبر هئا، پر جيئن ئي لائبريريءَ جي شروعات باقاعدگيءَ سان ڪئي وئي ته ان بعد ميمبرن جو تعداد وڌي 180 ٿي ويو، جن ۾ گھڻائي خيبرايجنسيءَ ۾ قائم تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي آهي ۽ خواهشمندن کي ميمبرشپ مفت ۾ ڏني وڃي ٿي.

هن جو چوڻ هو ته، لائبريري کولڻ جو مقصد تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائي شاگردن جي صلاحيتن ۾ نِکار آڻڻ کان علاوه مقامي سطح تي ڪتاب پڙهڻ ۽ علمي ڳالهين کي تحقيقي انداز ۾ پروڙڻ واري رجحان کي زور وٺرائڻ آهي. جيتوڻيڪ لائبريري ننڍڙي آهي پر ان کي تاريخ، جنرل ناليج، ثقافت، اسلامي تاريخ ۽ اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽي سطح جي نصاب سان لاڳاپيل ڪتابن آڌار هڪ کان وڌيڪ حصن ۾ ورهايو ويو آهي. لائبريريءَ ۾ پرائمري سطح جي شاگردن لاءِ به ڪجهه ڪتاب رکيا ويا آهن.

لائبريريءَ اندر سماج جي سمورن طبقن کي برابريءَ جي سطح تي موقعا ميسر ڪرڻ جي غرض سان ڇنڇر وارو ڏينهن صرف عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. هڪ اهڙي قبائلي علائقي جتي عورتن جي علم پرائڻ کي گھڻو پسند نه ٿو ڪيو وڃي اتي هي قدم تعريف لائق آهي. عصمت آفريديءَ جو چوڻ هو ته هي قدم عورتن کي بنان خوف ۽ هٻڪ جي لائبريري اچڻ توڙي تعليم سان وابسته رهڻ جو حوصلو ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan
Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan

لائبريريءَ ۾ اچي ڪتاب پڙهندڙن جو روزاني جي بنياد تي تناسب 10 کان 20 ماڻهو آهي پر جيئن جيئن قبائلي ايجنسيءَ جي ماڻهن کي لائبريريءَ جي سهولت متعلق ڄاڻ ملي رهي آهي ان حساب سان لائبريري ايندڙن جي تعداد ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

رحمت ميموريل ٽرسٽ جي صدر عطاءُ الله آفريديءَ چيو ته، ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندڙ اڳڀراين متعلق قبائلي علائقن جي شاگردن کي ڄاڻ ڏئي، کين باقي دنيا جي ماڻهن جيان اڳتي وڌڻ جا موقعا ڳولڻ واري سهولت ڏيڻ جي ارادي تحت هيءَ لائبريري قائم ڪئي وئي.

عطاءُ الله آفريديءَ وڌيڪ چيو ته هن پرڳڻي ۾ ويڙهاند واري صورتحال سبب ڄاڻ توڙي تعليم پرائڻ واري رجحان کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ هو گذريل اٺن سالن دوران اها ڪوشش ڪندا رهيا ته ڪهڙيءَ ريت ان صورتحال جو مقابلو ڪري سگھجي ۽ آخرڪار هيءَ لائبريري قائم ڪري هنن پنهنجي انهيءَ ارادي کي عملي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جنهن وسيلي هتي خواندگيءَ جي شرح کي وڌائي ماڻهن ۾ قابليت حاصل ڪرڻ جي شوق کي عروج ڏانهن وٺي وڃي سگھجي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته، هي لائبريريءَ قائم ٿيڻ شاگردن جي ڪوششن جو نتيجو آهي. هن انهن ماڻهن جي سهڪار کي تمام گھڻو ساراهيو جن ڪتابن جا عطيا ڏنا ۽ رضاڪاراڻيون خدمتون مهيا ڪري لائبريري قائم ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو.

Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan
Rehmat Public Library: Photo by News lens Pakistan

هن نشاندهي ڪئي ته، جنهن جڳهه ۾ هيءَ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي اتي پهريان منشيات وڪرو ڪرڻ جو دڪان قائم ٿيل هيو. عطاءُ الله آفريديءَ ٻڌايو ته، هو لائبريريءَ کي وڌيڪ وسعت ڏئي انٽرنيٽ وسيلي شاگردن کي ڪتابن ۽ ڄاڻ تائين رسائي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان لاءِ مالي سهڪار جي حاصلات خاطر جاکوڙ پڻ ڪري رهيا آهن.

19 سالن جي صائمه ملڪ جيڪا بي اي انگلش جي شاگردياڻي آهي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هوءَ گذريل مهيني لائبريريءَ جي ميمبر ٿي آهي. لائبريريءَ جو ميمبر ٿيڻ سان کيس گھڻو فائدو ٿيو آهي ۽ پڙهائي خاطر جن ڪتابن جي گھرج پوندي هئي اهي سڀ هاڻي آسانيءَ سان پڙهڻ لاءِ ملي وڃن ٿا.

صائمه ملڪ اهو پڻ چيو ته لائبريري کلڻ تي انتهائي خوشي ٿي آهي ڇو ته باڙا تعلقي جي شاگردياڻين کي به پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۽ پڙهائيءَ ۾ بهتري آڻڻ جا موقعا ميسر ٿي پيا آهن. جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ لائبريريءَ اندر هڪ سڄو ڏينهن مخصوص ڪرڻ جو به گھڻو فائدو ٿيو آهي جو اسان آرام سان ۽ ڪنهن به اعتراض کانسواءِ ڪتاب پڙهي سگھئون ٿيون“.

انٽر جي هڪ شاگرد عزيزالله خان، جيڪو جنرل ناليج جا ڪتاب پڙهڻ جو گھڻو شوقين آهي، جو چوڻ هو ته ڪاليج جا ڪلاس وٺڻ بعد هو روزانو لائبريري وڃي ڪتاب پڙهندو آهي. ان جي نتيجي ۾ کيس پنهنجي عام معلومات ۽ هر قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ گھڻي مدد ملي ٿي. عزيزالله ٻڌايو ته هو اهڙي هنڌ رهندو آهي جتي ميڊيا، ٽي ويءَ يا معلومات مهيا ڪري ڏيندڙ ڪنهن به ٻئي ذريعي تائين پهچ حاصل ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي. هن علائقي ۾ لائبريريءَ جو کلڻ هن لاءِ روشنيءَ جو ڪرڻو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here