اسلام آباد: پاڪستان جي سپريم ڪورٽ پاران هلندڙ مهيني هڪ اهڙي شخص کي قتل جي الزام مان آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو جنهن کي 19 سال اڳ جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو جڏهن ته فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت کي اها ڄاڻ حاصل نه هئي ته ڄاڻايل ملزم ٻه سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي.

آڪٽوبر جي ڇهين تاريخ فيصلو ٻڌائيندي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسا اهو پڻ چيو ته ”قتل جي الزام هيٺ حياتيءَ جا 19 سال جيل ۾ ڪاٽيندڙ کي اهو وقت ڪيئن واپس ورائي ڏئي سگھجي ٿو، وٽس ان متعلق اظهار لاءِ لفظ ئي نه ٿا ملن.

ماتحت عدالت پاران 2010 ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد ٻڌايل موت جي سزا خلاف خواجه مظهر حسين پاران سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي. 1997 ۾ مٿس قتل جو ڪيس داخل ٿيو جنهن تحت کيس قيد پڻ ڪيو ويو.

خواجه مظهر حسين جي سوٽ خواجه صغير ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته جڏهن 1997 ۾ سندس سوٽ مٿان خون جو ڪيس داخل ٿيو تڏهن کان هو انهيءَ ڪيس جي عدالتن ۾ پوئواري ڪندا پيا اچن. عدالتن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيندي ٿيندي تمام گھڻو وقت گذري ويو ۽ ڳچ پيسو پڻ خرچ ڪرڻو پيو.

ڪيس متعلق جيڪا اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي انهيءَ تي فيصلي اچڻ جو انتظار ڪندي ڪيس جو مک فريادي ۽ ٻه شاهد فوت ٿي ويا، ساڳيءَ ريت خواجه مظهر جو پيءُ ۽ سندس ٻه چاچا به هن فاني جهان مان گذاري ويا.

1997 ۾ خواجه مظهر کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته ان وقت سندس وڏي پٽ جي عمر 8 سال ۽ سندس ننڍي پٽ جي ڄمار 6 مهينا هئي. هن جي زال اسلام آباد جي پسگردائيءَ ۾ واقع علائقي ڍوڪ حيدر عليءَ ۾ رهندي هئي. 2015 ۾ قومي اسيمبليءَ کي اها ڄاڻ ڏني وئي ته، سپريم ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن ۾ جيڪي ڪيس التويٰ هيٺ پيل آهن انهن جو تعداد 17 لک آهي.

31 ڊسمبر 2013 واري ڏينهن ڪيل ڳڻپ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ التويٰ هيٺ پيل ڪيسن جو تعداد 20 هزار 480 هيو، جڏهن ته چيف جسٽس سميت عدالت عظميٰ ۾ انهن ڪيسن جو اڪلاءُ ڪرڻ لاءِ ڪل 17 جج مقرر ٿيل هئا. سال 2011 ۽ 2012 ۾ هاءِ ڪورٽن پاران جن ڪيسن ۾ موت جون سزائون ڏنيون ويون سپريم ڪورٽ هاڻوڪي وقت ۾ انهن فيصلن خلاف داخل ڪرايل اپيلن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر قاضي انور جو چوڻ هو ته جيل ۾ پنهنجي اپيل متعلق فيصلي جو انتظار ڪندي فوت ٿي ويل قيديءَ جي موت جي ذميواري سپريم ڪورٽ مٿان لاڳو ٿئي ٿي. اسان کي وڏي تعداد ۾ التويٰ هيٺ پيل ڪيسن جي اڪلاءُ جو هڪ نظام ترتيب ڏيڻ گھرجي.

حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ سينيٽر ظفر علي شاهه ايڊووڪيٽ جي راءِ هئي ته جيتوڻيڪ اسان جو قانوني ۽ عدالتي نظام تمام گھڻو خراب نه آهي پر ان ۾ ڪجهه خاميون موجود ضرور آهن. انهيءَ نظام جي هر هڪ شراڪت دار حڪومت، عدليه، وڪيلن ۽ انتظاميا پاران اهڙيون ڪوتاهيون ڪيون وڃن ٿيون جن مٿان سنجيدگيءَ سان توجهه ڏئي انهن جو خاتمو آڻي عدالتن مٿان التويٰ هيٺ پيل ڪيسن جو بار گھٽائڻ گھرجي.

هن چيو ته ڪوشش اها ڪرڻ گھرجي ته هن سال جي آخر تائين تڪڙي انصاف جي فراهميءَ خاطر وڏي وقت کان التويٰ هيٺ پيل ڪيسن جو اڪلاءُ هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ گھرجي. آڪٽوبر مهيني ۾ ئي سپريم ڪورٽ پاران قتل جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ٻن قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو انهيءَ حقيقت جو علم نه هوندي ٻڌايو ويو ته 2015 ۾ اهي قيدي ڦاهيءَ جي ڦندي تي لٽڪائجي چڪا آهن.

انهن قيدين پاران ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل سپريم ڪورٽ پاران رد ڪئي وئي جڏهن ته صدر مملڪت کي اماڻيل رحم جي اپيل به رد ٿي. جنهن بعد کين ڦاهيءَ جي سزا ڏيڻ واري فيصلي خلاف سندن وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي اپيل داخل ڪئي.

پنجاب صوبي جي جيل کاتي جي سربراهه فاروق نذير ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جيل کاتي جو اهڙن معاملن سان ڪجهه نه وڃي ان سلسلي ۾ هو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگھن. موت جي سزا جو هر هڪ پروانو عدالت جاري ڪري سگھندي آهي. ڪيس متعلق ٿيل سموري لکپڙهه ۽ رابطن جو رڪارڊ ڏسڻڻ کانپوءِ ئي مقامي عدالت قيديءَ کي ڦاهي ڏيڻ بابت بليڪ وارنٽ جاري ڪندي آهي. اسان صرف انهن قيدين کي ئي عدالت آڏو پيش ڪندا آهيون جن جا ڪيس هلندڙ هوندا آهن.

خواجه مظهر حسين جي سوٽ خواجه صغير جو چوڻ هو ته ”اعليٰ ترين عدالت پاران اسان جي جنهن ڀاءُ کي بيگناهه قرار ڏنو ويو افسوس ته اهو اسان کان وڇڙي چڪو آهي. انهيءَ سانحي جو ذميوار ملڪ جو انصاف واري نظام آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here