ڪراچي: بِنديا جڏهن اڃان جوان هئي ته هر شام هوءَ چمڪيلا ڪپڙا پائي، خوب ميڪ اپ ڪري ڊانس ڪرڻ لاءِ ويندي هئي. هن جو چوڻ آهي ته ”اها ئي اسانجي ڪل زندگي هئي، ڪپڙا مٽائي

ماڻهن جي سامهون ڊانس ڪيو ۽ پوءِ ماڻهن کان پري اڪيلائيءَ ۾ زندگي گذاريو“.

خوشيءَ جي موقعن خاص ڪري شادين جي تقريبن ۾ عورتاڻي خاصيت وارن کدڙن کي ڳائڻ ۽ نچڻ لاءِ سڏائڻ جو رواج پاڪستان ۾ ڪافي پراڻو آهي. جيترو سٺو ناچ ۽ گانو اهي کدڙا ڪندا اوترا گھڻا پيسا گھور ۾ ڪمائي وٺندا آهن، پر ڪافي سالن کان اهو رواج هاڻي گھٽجي چڪو آهي ۽ هاڻي 48 سالن جي ڄمار ۾ بِنديا رانا ۽ سندس 50 چيلن کي مشڪل سان ئي اهڙي ڪنهن پروگرام ۾ اچڻ جي دعوت ملي ٿي.

جيئن ته اهڙيون دعوتون ملڻ هاڻي گھٽجي ويون آهن ان ڪري بِنديا جون ٻيون سرگرميون عروج تي پهچي چڪيون آهن، خوشين جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ واري مصروفيت نه رهڻ ڪري هن 2013 وارين عام چونڊن ۾ پاڪستان جي پهرين ٽين جنس واري فرد طور حصو ورتو. اهڙي ڪوشش جي نتيجي ۾ مليل مشهوريءَ جي ڪري کيس هر قسم جي پذيرائي ملي جنهن ۾ کيس قتل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ۽ ٽي وي چينلن تي انٽرويو ڏيڻ به شامل آهن.

هن جي سمورين ڪاميابين توڙي ٽين جنس وارن جي ذهني نشونما لاءِ هڪ گروپ جوڙڻ باوجود بِنديا رانا سرڪاري رڪارڊ ۾ ڪو به وجود نه ٿي رکي. هن جي قومي شناختي ڪارڊ ۾ هن جي شناخت اڃان به مرداڻي نالي ”عبدالعزيز“ سان درج ٿيل آهي. فوٽ بال جي رانديگرن ۽ گينگسٽرن جي ڪري گھڻو مشهور رهندڙ ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ ۾پنهنجي اباڻي ملڪيت جي مالڪي به هوءَ انهيءَ نالي وارن دستاويزن تحت ڪندي آهي.

سرگرم رهڻ واري جذبي ئي بِنديا کي اهو حوصلو ڏنو ته هوءَ خواجه سرائن، اڌ عورت اڌ مرد توڙي عورتاڻي مزاج رکڻ وارن مردن جن لاءِ اردو ۾ گھڻي ڀاڱي ”خواجه سَرا“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي، پنهنجي شناخت لاءِ اهو لفظ استعمال ڪري. کيس انهيءَ لفظ جو حقيقي ادراڪ 2009 ۾ ان وقت ٿيو جڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيصلو ڏنو ته حڪومت خواجه سرائن جي جداگانه رجسٽريشن ڪري ۽ فيصلي اچڻ کان وٺي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) 4 هزار خواجه سرائن کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا آهن.

پاڪستان جي خواجه سرا برادري جو پنهنجو مخصوص گروه آهي جيڪي ”گُروءَ ۽ چيلي“ واري نظام تحت ڪم ڪندا آهن. کدڙا پاڻ جهڙي جنس وارن ٻين ماڻهن جو کوج لڳائي کين سندن خاندان جي سختين کان بچائي وٺي ايندا آهن ۽ کين تحفظ ڏيندا آهن. انهيءَ قسم جي بندوبست سبب پوءِ چيلو سڄي عمر لاءِ گُروءَ سان وفادار رهڻ جو عهد ڪندو آهي جنهن کانپوءِ گُرو انهيءَ نئين چيلي کي پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ رهڻ، کائڻ پيئڻ توڙي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري کڻي وٺندو آهي ۽ چيلا کيس پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ڏيندا رهندا آهن.

16 کان 19 صديءَ جي وچ واري عرصي دوران مغل بادشاهت وارن قتن ۾ کدڙن کي عورتاڻا ڪپڙا پارائي کين ذاتي محفلن ۾ نچائي لطف ورتو ويندو هيو يا وري وڏن گھراڻن جي حرم ۾ عورتن کي ڪم ڪار ۾ مدد ڏيڻ لاءِ کين رکيو ويندو هيو. جڏهن ته ڪيترن ئي کدڙن جون خدمتون عورتن کي ڪلاسيڪل ناچ، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ لاءِ به حاصل ڪيون وينديون هيون. وقت گذرڻ سان گڏ ئي خواجه سرا پيشور ڳائڻا، ناچُو ۽ تفريح جو وسيلو بڻجي پيا.

مغل بادشاهت جو ته خاتمو اچي ويو پر خواجه سرائن جو اهو پيشو هلندو رهيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙن ماڻهن جو هڪ ٽيون طبقو ”خواجه سرا“ واري حيثيت اختيار ڪري ويو. اهو هڪ وسيع اصطلاح آهي جيڪو مختلف شخصي ۽ جنسي رجحان جي فرق وارن ماڻهن لاءِ جامع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هنن لاءِ اهو تصور به زور وٺي ويو ته هو خدا کي پيارا آهن.

انهيءَ عقيدي جي ڪري ئي ماڻهو کين خوشيءَ جي موقعن تي نچڻ ۽ ڳائڻ لاءِ سڏائيندا هئا. خوشي ملهائيندڙ خاندان جي دعوت ملڻ بعد گانا ڳائڻ وارو گُرو پنهنجي ناچُو چيلن سميت ڄاڻايل هنڌ تي پهچي تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ انهيءَ خاندان کي بُري نظر کان بچائڻ واريون دعائون به ڏيندو آهي. جيتوڻيڪ هر خواجه سرا ٽين جنس وارو هوندو آهي پر هر ٽين جنس وارو خواجه سرا ناهي هوندو. خواجه سرا صرف انهن کي سڏيو ويندو آهي جيڪي نچڻ ۽ ڳائڻ واري روايتي سڃاڻپ حاصل ڪري وٺندا آهن.

بِنديا پنهنجي يادگيرين کي ساريندي ٻڌايو آهي ته ”مان سٺي دانسر ته ناهيان رهي پر مان خوبصورت ضرور هئس. جنهن جي ڪري ناچ تي گھڻي محنت ڪرڻ وارا منهنجا ساٿي به مون سان حسد ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ اسان واندا هوندا هئاسين ته پوءِ اسان ڀارتي فلمون ڏسي انهن جي گانن تي ناچ جي ريهرسل ڪندا هئاسين“.

خواجه سرائن کي شاديءَ جي محفلن ۾ ناچ گاني لاءِ گھرائڻ وارو رواج جيئن ئي گھٽجڻ لڳو ته ان جي نتيجي ۾ ٽين جنس وارن جي هن برادريءَ ۾ به ويڇا وڌڻ لڳا. ڇو ته انهيءَ برداريءَ جي فردن لاءِ پاڪستان جي سماجي طور تي قدامت پسند معاشري ۾ رَلجي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ سندن خراب حالتن کي سڌارڻ لاءِ حڪومت پاران به ڪي قدم ناهن کنيا ويندا ۽ جيئن ته خواجه سرائن کي جياپي جو ڪو ٻيو وسيلو به حاصل ناهي هوندو ان ڪري بدپيشو ڪرڻ ۽ پنڻ کانسواءِ وٽن ٻي ڪا به واهه نه بچي.

2009 ۾ اهو تصور به اڀرڻ لڳو ته خواجه سرائن جي قسمت به بدلجي سگھي ٿي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته خواجه سرا برادريءَ جي فردن کي به ملڪ جي ٻين مرد توڙي عورت شهرين جيترا برابريءَ وارا حق حاصل آهن. عدالت پاران حڪومت کي حڪم ڏنو ويو ته سندن شناختي ڪارڊن ۾ ”صنف“ جو خانو درست ڪيو وڃي. ٽين جنس وارا پنهنجي شناخت لاءِ عورتاڻي، مرداڻي يا وچئين صنف جي چونڊ ڪري سگھن ٿا.

پاڪستان ۾ ٽين جنس وارن جو ڪل تعداد ڪيترو آهي انهيءَ سوال جو جواب 18 سالن جي وقفي کانپوءِ ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل آدمشماريءَ جي انگن اکر آڌار هاڻي ڪنهن حد تائين ملڻ ممڪن بڻجي سگھيو آهي. ابتدائي انگن اکرن مطابق سموري ملڪ ۾ ٽين جنس وارن جو تعداد 10 هزار 418 ڄاڻايو ويو آهي. انهن انگن اکرن ۾ وڏو فرق آهي ڇو ته نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران جيڪو تعداد سامهون آندو ويو آهي ان مطابق ٽين جنس وارن جو انگ 1 لک 50 هزار آهي. ڳڻپ جي انهيءَ فرق باوجود آدمشماريءَ ۾ سندن ڳڻپ ڪرڻ اهم قدم آهي. 2017 کان اڳ ٿيل سمورين آدمشمارين ۾ يا ته ٽين جنس وارن کي نظرانداز ڪيو ويو يا کين معذور ماڻهن سان گڏ اندازي جي بنياد تي ڳڻيو ويندو هيو.

2011 ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ڪيترن ئي حڪمن تحت عدالت ٽين جنس وارن کي تعليم، صحت، نوڪرين ۽ ووٽ جي سلسلي ۾ برابريءَ وارا حق ڏيڻ جي هدايت ڪندي رهي. حڪومت جي ادارن کي چيو ويو ته ٽين جنس وارن کي اهڙن ماڻهن جي گروپ ۾ شامل ڪيو وڃي جن کي تمام گھٽ نمائندگي ملي رهي آهي ۽ اهي مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن. اهڙو حق ملڻ کانپوءِ خواجه سرائن عورتن ۽ اقليتن جي گروپن ۾ شموليت اختيار ڪئي. عدالت جي انهيءَ فيصلي ئي بِنديا جي صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي راهه هموار ڪئي.

عدالت جي حڪم ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل تبديلين باوجود پاڪستان جي انهيءَ سماجي سوچ تي گھڻو فرق نه پيو جنهن آڌار ٽين جنس وارن کي ڪمتر سمجهيو ويندو آهي. ٻئي طرف خواجه سرائن کي به روزاني معمول واري زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جا نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا. مثال طور ٽين جنس واري هڪ فرد کي نئون ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻو آهي ته ان لاءَ کيس والدين جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي به ڏيڻي پوندي آهي، پر اڪثر خواجه سرا پنهنجي خاندانن طرفان ڌِڪاريل هوندا آهن.

باوجود ان جي ته بِنديا شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ واري سلسلي ۾ سوين ٻين خواجه سرائن جي مدد ڪندي رهي آهي پر سندس پنهنجي شناختي ڪارڊ تي هن جي مرضيءَ مطابق سندس نالو اڃان به عبدالعزيز ئي لکيل آهي. بِنديا جو چوڻ آهي ته منهنجو خاندان ٽين جنس هجڻ باوجود هميشهه منهنجو مددگار رهيو ۽ مونکي اهو ڊپ به آهي ته شناخت تبديل ڪرڻ سان مان پنهنجي اباڻي ملڪيت کان محروم ٿي سگهان ٿي.

هن جي پيءُ پنهنجو گھر وڏي پٽ بجاءِ بِنديا جي نالي ڪيو پر پاڪستان جا قانون مردن کي اهو حق ڏين ٿا ته عورتن جي ڀيٽ ۾ کين وراثتي ملڪيت جو حصو ٻِيڻ تي وڌيڪ ملندو آهي. ملڪيت جي اصل وارث جي فوت ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ان جي ملڪيت سندس وارثن ۾ هڪ ڀاڱي ٻه جي تناسب سان ورهائي ويندي آهي. پر بِنديا جي معاملي ۾ ٻيون به ڪيتريون الجهنون هيون ڇو ته هوءَ ڄمڻ وقت ڇوڪرو هئي ۽ بعد ۾ سندس عورتاڻي سڃاڻپ ظاهر ٿي. ان ڪري اهو واضح ناهي ته هاڻي سندس وراثتي حق تي ڪهڙا اثر ظاهر ٿيندا.
حڪومت جي ڪاموراشاهيءَ مان ڪم وٺڻ به بِنديا لاءِ اضافي خطري جو سبب ۽ ڀيانڪ خواب جهڙو بڻجي پوي ٿو ڇو ته نه صرف کانئس رشوت جي تقاضا ڪئي وڃي ٿي پر ساڻس بدمعاشي به ٿيندي رهي ٿي. بنديا سواليه انداز ۾ چيو آهي ته ”ڇا توهان کي خبر آهي ته سرڪاري آفيسن ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ مونکي توهين آميز ۽ رڪاوٽن واري ان مرحلي مان ڇو گذرڻو پوندو آهي ڇو ته مان پنهنجي مليڪت وڃائڻ نه ٿي چاهيان“. جسم وڪڻندڙ مردن جي حقن لاءِ سنڌ صوبي ۾ جاکوڙ ڪندڙ سينيئر ڪارڪن واجد عليءَ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جا حڪم مصنوعي فائدو ڏيندڙ قدم آهن.

آدمشماريءَ دوران ٽين جنس وارن جي صرف ڳڻپ ڪرڻ جي ڪري خاندانن گهري شرمساري محسوس ڪئي آهي. ڪجهه واقعن ۾ ته پنهنجي پاڻ کي شرمساريءَ کان بچائڻ لاءِ اها معلومات به لڪائي وئي ته ڪنهن خواجه سرا سان سندن ڪٽنب جو رشتو آهي. ”ڏسو توهان هر قسم جا قانون منظور ڪري سگھو ٿا پر حقيقي تبديلي تيستائين اچي ڪو نه سگھندي جيستائين ماڻهن جي روين کي تبديل نه ڪيو ويندو“.

بنيادي سهولتون جهڙوڪ سڄي ملڪ اندر صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ به خواجه سرائن لاءِ مسئلو بڻيل آهن. هڪڙو اهو به سبب آهي جنهن جي ڪري بنديا ميٽروپوليٽن شهر ڪراچيءَ جي مصروف علائقي مان پنهنجي بهترين آفيس ڇڏي جيڪب لائين جهڙي ڪچيءَ آباديءَ ۾ هڪ وڏي سرڪاري اسپتال جي پٺيان ٻن ڪمرن واري گھر اندر زندگي گذاري رهي آهي. هن جو گھر هاڻي سندس برادريءَ جي ماڻهن لاءِ آفيس طور به ڪتب ايندو رهي ٿو.

بنديا جي جاکوڙي ڪردار هجڻ جي ڪري کيس سرڪاري آفيسن ۾ مٿڀرائيءَ وارو مقام به ڏنو ويندو آهي اهڙين سرڪاري آفيسن مان سرڪاري اسپتال به هڪ آهي. هن جو چوڻ آهي ته ”ڪنهن حادثي يا منهنجي برادريءَ جي ڪنهن ميمبر مٿان تشدد ٿيڻ جي صورت ۾ مان کين طبي امداد وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن هنن لاءِ اسپتال کان سڌو گھر وڃڻ ممڪن ناهي هوندو ان ڪري هو مون وٽ رهي پوندا آهن“.

نشا به اهڙن خواجه سرائن مان هڪ آهي جنهن جي بنديا اسپتال اندر علاج خاطر گھڻي مدد ڪئي. نشا جو پيدائشي نالو محمد ڪاشف آهي ۽ هن جي اها دستاويزي سڃاڻپ اڃان به برقرار آهي. نشا ڏسڻ وائسڻ ۾ بنديا جي بنهه ابتڙ آهي هوءَ سنهڙي، سُست چال، ڪارسِرين بادامي رنگ وارين اکين واري آهي پر ها هوءَ ڳالهائڻ جي گھڻي نفيس آهي. ڌيمي لهجي ۾ ڳالهه ڪندڙ نشا جو آواز بنديا جي گھگھي آواز کان ڪافي بهتر آهي. نشا جو چوڻ آهي ته ٽين جنس واري هڪ فرد وٽ روايتي طور تي ٽي راهون هونديون آهن ”ڳائڻ، نچڻ يا جسم وڪڻڻ“.

نشا ايم اي جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال ملائيشيا ۾ گذاريو جتي هن هڪ بار ۾ پڻ ڪم ڪم ڪيو پر هن کي اتي مزو نه آيو جنهن ڪري هوءَ واپس ملڪ موٽي آئي ۽ لا ڪاليج ۾ داخلا وٺي قانون جي ڊگريءَ جي پڙهائي شروع ڪري ڏنائين. هوءَ پنهنجي فارغ وقت ۾ پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي گذارو ڪري ٿي. نشا ٻڌائي ٿي ته ”منهنجا ڪجهه شاگرد پوليس کاتي جي نوڪرين لاءِ امتحان ۾ ويٺا ۽ گذريل سال انهن کي نوڪريون به مليون آهن. جڏهن هو اڪثر ڪري مونکي روڊ تي گھمندي ڏسندا آهن ته مونکي سَر چئي مخاطب ٿيندا آهن پر مان کين ايئن چوڻ کان منع ڪندي آهيان ڇو ته مان کين شرمندو ٿيڻ کان بچائڻ چاهيان ٿي پر هو منهنجي ڳالهه ٻڌندا ئي ناهن“.

پنهنجي گھر اندر نِشا پينٽ ۽ ٽي شرٽ وارو لباس پهريندي آهي، جيستائين هوءَ ڪجهه ڳالهائي نه تيستائين سڀ ڪو ڀلجي کيس مرد ئي سمجهندو آهي. جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پڙهائيءَ دوران چار ئي سال هن عورتاڻو لباس پاتو ۽ جڏهن ساڻس منهنجي ملاقات ٿي ته ان وقت به هوءَ عورتاڻا ڪپڙا پايو ويٺي هئي. پر قانون جي شاگرد طور هوءَ پنهنجي زندگي مرد واري انداز ۾ گذاري رهي آهي. ڇو ته نِشا محسوس ڪري ٿي ته لا ڪاليج ۾ عورت طور سندس آجيان مناسب انداز سان نه ٿيندي.

نشا جي راءِ آهي ته ”مان پهريان به محسوس ڪندي هئس ۽ هاڻي سمجهان ٿي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو وقت بغير ڪنهن مشڪل جي گذريو ۽ مان هن ئي روپ ۾ اتي ويندي هئس“. هن پنهنجي مٿي ۽ سيني تي ويڙهيل رئي ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”پر هاڻي ايس ايم لا ڪاليج جي داخلا ڏيڻ واريءَ ڪميٽيءَ مونکي مرداڻو لباس پائڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ هاڻي سڀني کي منهنجي صنف جي خبر به پئجي چڪي آهي ان هوندي به هاڻي مان ڪجهه ناهيان لڪائيندي، سو ان ڪري هي تجربو گھڻو خراب به نه آهي“.

نِشا جو چوڻ آهي ته خواجه سرا برداريءَ ۾ ناخواندگيءَ جو هجڻ وڏو مسئلو آهي ۽ سندن محرومين جو هڪ وڏو سبب به اهو ئي آهي. بنديا پراميد آهي ته سندس 50 چيلن مان 10 ڄڻن اسڪول سطح جي تعليم مڪمل ڪئي آهي جڏهن ته ٻيا 10 ڄڻا به پڙهيل لکيل آهن. باقي ٻيا سڀ نه پڙهي سگھڻ جي اهل آهن نه ئي ڪجهه لکي سگھڻ جي. بنديا پاڻ به اٺين درجي کانپوءِ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني.

بنديا چيو آهي ته 2011 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ هنن لاءِ به سٺي روزگار جا دروازا کليا آهن ٽين جنس وارا به هاڻي ان لائق آهن ته نوڪريون وٺي سگھن ٿا. پر اڪثر ڪري نوڪريءَ واري هنڌ تي سندن آجيان سٺي انداز سان نه ٿي ڪئي وڃي. مينيجر ۽ سپروائيزر اڪثر سندن بيعزتي ڪندا رهن ٿا ۽ عورت خواجه سرائن کي به مرداڻي پوشاڪ پائڻ تي مجبور ڪن ٿا.

مشڪلاتون هجڻ باوجود پاڪستان جي خواجه سرائن جي زندگيءَ ۾ هاڻي تبديليون اچڻ لڳيون آهن. قانونن ۾ تبديلين سبب کين مناسب مدد ملڻ لڳي آهي ۽ سماجي تبديليءَ خاطر سرگرميءَ سان ڪم ڪرڻ جا موقعا به کين ملڻ لڳا آهن. سوشل ميڊيا خواجه سرائن لاءِ اها سهوليت مهيا ڪئي آهي ته هو گڏيل آواز اٿاري سگھن ٿا.

بنديا ٻڌايو آهي ته ”ٽيڪنالاجيءَ اسانکي آواز ڏنو آهي“. هوءَ پنهنجو فيس بوڪ پيج پوري ڌيان سان ترتيب ڏيندي رهي ٿي ۽ هر ڪلاڪ ۾ ان کي اپڊيٽ ڪندي رهي ٿي. ”مون لاءِ هاڻي ڪيتريون ڳالهيون آسان ٿي پيون آهن پر مونکي خبر آهي ته ٻين لاءِ ساڳيون ڳالهيون اڃان به مشڪل آهن. ڇو ته اسان مشڪلاتن لاءِ چقمق جهڙي حيثيت رکئون ٿا. اسانکي اڃان ٻيون به ڪيتريون لڙايون کٽڻيون آهن“.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.