اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) پاڪستان جي ڏورانهين قبائلي پرڳڻي ۾ سرگرم سياسي پارٽين جي اتحاد جي اڳواڻن پاران چتاءُ ڏنو ويو آهي ته فاٽا جي پوئتي پيل علائقن کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ شامل ڪرڻ وارو مطالبو جيڪڏهن ترت تسليم نه ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

آل فاٽا پوليٽيڪل پارٽيز الائنس جي جنرل سيڪريٽري حاجي اقبال آفريديءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته فاٽا کي ضم ڪرڻ متعلق سندن جائز مطالبو جيڪڏهن تسليم نه ڪيو ويو ته پوءِ هو تحريڪ ۾ شدت آڻيندي سڄي ملڪ ۾ ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيندا.

وفاقي حڪومت جي رياستن ۽ سرحدي پرڳڻن بابت وزارت جي هڪ سينيئر عملدار، سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي، ٻڌايو ته فاٽا ۾ سڌارا آڻڻ خاطر سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي ان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ وزيراعظم نوازشريف پاران فاٽا جي سڌارن واري ڪاميٽي (فاٽا ريفارم ڪاميٽي) قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو. ان ڪاميٽيءَ کي ويڙهه هيٺ آيل قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين علائقن جيان ترقي وٺرائڻ خاطر سفارشون تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي.

جڏهن ته فاٽا مان چونڊيل عوامي نمائندن کي فاٽا ريفارم ڪاميٽيءَ ۾ نمائندگي نه ڏيڻ واري عمل کي قبائلي ماڻهن پاران ناپسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي. فاٽا جي سياسي پارٽين واري اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ انيتا محسود جو چوڻ هو ته، هوءَ به ان ڳالهه جي حامي آهي ته فاٽا کي خيبرپختونخواه ۾ ضم ڪيو وڃي.

انيتا محسود پاران انهيءَ نقطي تي به شديد ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ويو ته فاٽا ريفارمز ڪاميٽيءَ ۾ هڪ به عورت کي نمائندگي ناهي ڏني وئي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي انيتا محسود چيو ته ڪاميٽيءَ کي، قوم جي تعمير ڪرڻ واري هن ڪم ۾ فاٽا جي عورتن کي اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گھرجي.

ملڪ جي ٻين علائقن ۾ لاڳو قانون بجاءِ فاٽا ۾ انگريزن پاران تيار ڪيل قانونن تحت عملداري ڪئي ويندي آهي انهن قانونن کي فرنٽيئر ڪرائيمز ريگيوليشن (ايف سي آر) طور ڄاتو سڃاتو ويندو آهي.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي پشاور چيپٽر پاران 2005 ۾ ”هڪ بڇڙو قانون جنهن جي حمايت ڪير به نه ٿو ڪري“ جي عنوان سان ترتيب ڏنل رپورٽ ۾ انهن قانونن کي مدي خارج ٿي ويل انتظامي ۽ قانوني نظام قرار ڏنو ويو هيو.

ايڇ آر سي پيءَ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”قبائلي علائقن کي نيم خودمختيار علائقي جو درجو مليل آهي ۽ انهن علائقن جو انتظام هڪ خاص قانون تحت هلايو وڃي ٿو انهيءَ قانون کي ايف سي آر (1901) چيو ويندو آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايف سي آر قانونن جو بنيادي مقصد اهو آهي ته دفاعي اهميت وارن قبائلي علائقن کي بيٺڪي راڄ وارين طاقتن جي خواهش پٽاندڙ اڻ سڌي حڪمرانيءَ واري انتطام هيٺ رکي سگھجي.

رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته، توڙي جو ايف سي آر قانون ڪيترو وقت اڳ ئي پنهنجو ڪارج وڃائي چڪا آهن جنهن ڪري حڪومت کي ايف سي آر ۽ فاٽا بابت متبادل انتظام ڪرڻ گھرجن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايف سي آر جا قانون انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۽ پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزيءَ تي ٻڌل آهن.

رپورٽ ۾ ان راءِ جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي ته، عام قبائلي ماڻهن جو اهو مطالبو زور وٺي رهيو آهي ته ايف سي آر قانونن جو خاتمو آندو وڃي، پر ڪجهه اهڙا ماڻهو، جن جا موجوده نظام سان مفاد سلهاڙيل آهن، اهي رواجن ۽ ماڻهن جي ثقافت جو جواز ڄاڻائيندي چاهين ٿا ته صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رکي وڃي.

اقبال آفريديءَ ٻڌايو ته، فاٽا جي سياسي پارٽين واري اتحاد پاران رٿابندي ڪئي وئي آهي ته اتحاد جي 31 آگسٽ تي رٿيل اجلاس ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويندا. اقبال آفريديءَ چيو ته حڪومت کي گھرجي ته فاٽا کي خيبرپختونخواه ۾ ضم ڪرڻ بابت سندن جائز مطالبو تسليم ڪري وٺي ٻي صورت ۾هو رستن تي نڪري اچڻ لاءِ مجبور ٿي پوندا.

پشاور يونيورسٽيءَ جي ايريا اسٽڊي سينٽر سان لاڳاپيل محقق الطاف الله پاران 2013 ۾ ترتيب ڏنل پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ چيو ويو آهي ته ايف سي آر قانون جوڳڻتيءَ وارو نقطو اهو آهي ته اهو نظام ”اجتماعي علائقائي ذميواريءَ“ تي بيٺل آهي. هن جو چوڻ هو ته، نون انگن اکرن مطابق اندازو لڳايو ويو آهي ته فاٽا جي آدمشماري لڳ ڀڳ 35 لک ٿي چڪي آهي.

افسوس وارو انداز اختيار ڪندي الطاف الله چيو ته ايف سي آر قانون جي نظام مطابق، قبائلي علائقن ۾ ڪٿي به ڪوئي ڏوهه ٿئي ٿو ته جيڪو به شخص ان ڏوهه ۾ ملوث هوندو ان جو خاندان يا سڄو قبيلو پوليٽيڪل انتظاميا آڏو ان ڏوهه جي ڪري جوابدار ٿي پوندو آهي.

الطاف الله جو چوڻ هو ته، اهو ئي سبب آهي ته قانون جي اهڙين شقن جي ڪري هڪ بي ڏوهي شخص به هڪ اهڙي ڏوهه جو جوابدار ٿي پوندو آهي جيڪو ڏوهه هن نه پر ڪنهن ٻئي ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت ”اجتماعي علائقائي ذميواري“ تحت ڏوهاريءَ جو سڄو خاندان، قبيلو، ذيلي قبيلو يا سڄو ڳوٺ مختلف سزائون ڀوڳڻ تي مجبور بنايو ويندو آهي.

قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ پوليس جي اڳوڻي اسسٽنٽ آءِ جي رحمت خان جو چوڻ هو ته، هو به ان حق ۾ آهي ته قبائلي علائقن کي خيبرپختونخواه صوبي سان جوڙيو وڃي. هن تفصيلي راءِ ڏيندي چيو ته فاٽا کي خيبرپختونخواه ۾ ضم ڪرڻ وارو عمل ئي اهو واحد موذون طريقو آهي جنهن تي عمل ڪري سگھجي ٿو ۽ فرسوده ايف سي آر قانونن مان جان آجي ڪرائڻ جو به اهو بهترين وسيلو ٿي سگھي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته، فاٽا قدرتي وسيلن سان مالا مال علائقو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي صوبائي درجو ملندو ته پوءِ قبائلي علائقن جي تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي کي به تڪڙي ترقي وٺرائي سگھجي ٿي.

وفاقي حڪومت جي سرحدي پرڳڻن ۽ رياستن بابت وزارت جي عملدارن وٽان معلوم ٿيو آهي ته، وزيراعظم پاران جوڙيل ڪاميٽيءَ طرفان ڪيترائي سڌارا ڪرڻ جون سفارشو تيار ڪيون ويون آهن جن ۾ اها تجويز به شامل آهي ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪيو وڃي.

هوڏانهن هڪ قبائلي اڳواڻ علي وزير جو چوڻ هو ته فاٽا جي مستقبل بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ ڪاميٽيءَ کي صرف ۽ صرف سرڪاري عملدارن سان گڏجاڻيون ڪرڻ بجاءِ سڌارن وارين تجويزن متعلق پڙهيل ڳڙهيل قبائلي اڳواڻن سان به صلاح مشورو ڪرڻ گھرجي. علي وزير جو چوڻ هو ته، فاتا متعلق ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ وفاقي حڪومت کي گھرجي ته پرڳڻي مان غيريقيني ۽ بيچينيءَ واري لهر جو خاتمو آڻڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري.

آل فاٽا پوليٽيڪل پارٽيز الائنس جي جنرل سيڪريٽري اقبال آفريديءَ کان جڏهن هي سوال ڪيو ويو ته حڪومت فاٽا کي خيبرپختونخواه صوبي ۾ ضم ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن ٻين سڌارن تي عمل جو اعلان ڪندي ته سندن ردعمل ڪهڙو هوندو؟ ان جي جواب ۾ هن چيو ته فاٽا ڪا تجربيگاهه نه آهي جو ڪير به تجربا ڪرڻ لاءِ ان کي پنهنجي مرضيءَ سان هيڏانهن کان هوڏانهن ڪندو رهي ته هتي ڪهڙا سڌارا عمل ۾ اچي سگھن ٿا يا ڪهڙا سڌار عمل لائق نه ٿيندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here