پشاور (اسد خان وٽان) ترڪيءَ جي حڪومت، پاڪ ترڪ اسڪولن جي بانيڪار کي جولاءِ مهيني ۾ ٿيل ناڪام فوجي بغاوت جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏيندي پاڪستاني حڪومت کان اهي اسڪول بند ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ بعد خيبرپختونخواه صوبي جي پاڪ ترڪ اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن جي والدين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت اسڪول نيٽ ورڪ جي مستقبل بابت ترت وضاحت ڪري.

03 آگسٽ تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد آيل ترڪيءَ جي پرڏيهي معاملن واري وزير ميولٽ ڪائسگُل پاران پاڪستاني اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته ناڪام فوجي بغاوت جي مبينا سرپرست فتح الله گولن جي اسڪولن واري نيٽ ورڪ کي بند ڪيو وڃي.

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت مشير سرتاج عزيز سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولٽ ڪائسگل پاران فتح الله گولن جي نيٽ ورڪ مٿان الزام مڙهيو ويو ته هي نيٽ ورڪ جتي به موجود آهي، اهڙي هر هڪ ملڪ جي تحفظ ۽ بقاء لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

ظاهر شاهه نالي هڪ شهريءَ، جنهن جا ٻه ٻارڙا پشاور جي حيات آباد واري علائقي ۾ واقع پاڪ ترڪ اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن، جو چوڻ هو ته اسڪولن جي بند ٿيڻ وارين خبرن ملڻ بعد والدين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙيل آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ظاهر شاهه چيو ته ٻارن کي گھربل سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ۽ پڙهائيءَ جو معيار بهترين آهي ان ڪري هو انهيءَ اسڪول مان مطمئن آهن. هن جو چوڻ هو ته، والدين کي اهڙي ڪا به خبر نه آهي ته اسڪول نيٽ ورڪ جو ترڪيءَ جي ڪنهن گروهه يا شخص سان ڪهڙو تعلق آهي. هو ته پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا ۽ ٻارن جي تعليم واري سلسلي ۾ پاڪ ترڪ اسڪول بهترين ذريعو آهي.

ظاهر شاهه مطالبي واري انداز ۾ چيو ته، صوبائي حڪومت کي گھرجي ته اها والدين جي خدشن کي ختم ڪرڻ خاطر سرڪاري سطح تي صورتحال واضح ڪندي اهو ٻڌائي ته اسڪول نيٽ ورڪ ڪم ڪندو رهندو يا بند ٿي ويندو. کين اهڙي صورتحال متعلق ترت آگاهي ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٻارن جي تعليم واري مستقبل بابت بروقت فيصلو ڪري سگھن.

پاڪ ترڪ اسڪول ۽ ڪاليج نيٽ ورڪ جي آفيشل ويب سائيٽ مطابق، پاڪستان ۾ واقع 28 پاڪ ترڪ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ 10 هزار شاگرد داخل ٿيل آهن. حيات آباد ۾ واقع پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪول جي جونيئر سيڪشن جي استاد مدثر شاهه ٻڌايو ته، خيبرپختونخواه صوبي ۾ 1990 کان وٺي ٻه پاڪ ترڪ اسڪول قائم ٿيل آهن جيڪي پشاور جي حيات آباد ۽ شاهين ٽائونن ۾ واقع آهن. ٻنهي اسڪولن ۾ 6 سو شاگرد داخل آهن ۽ تدريسي توڙي غير تدريسي عملي جا 70 ملازم به روزگار سان واڳيل آهن.

پاڪ ترڪ اسڪول جي انهيءَ استاد جو چوڻ هو ته، حڪومت پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولن کي بند ڪرڻ وارو فيصلو نه ڪندي ڇو ته هنن اسڪولن ۾ پڙهندڙ گھڻن شاگردن جو تعلق سياسي ۽ فوجي خاندانن سان آهي.
مدثر شاهه جو چوڻ هو ته والدين کي پريشان ٿيڻ نه گھرجي ڇاڪاڻ ته حڪومت ترت انهيءَ مسئلي جو حل ڪڍي وٺندي. هنن ٻڌو آهي ته ترڪ حڪومت به اهڙي ڪوشش ڪري رهي آهي ته هن مسئلي جو مثبت حل ڳولي لهجي ۽ اسڪولن کي بند ٿيڻ کان بچايو وڃي.

ٻئي پاسي، هڪ پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پاڪ ترڪ اسڪول فائونڊيشن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، تعليمي ادارن جي انتظاميا، مالي معاملن جو نظام ۽ اسڪولن جو نالو ڪنهن به ٻي تنظيم، ترڪيءَ جي حڪومت يا ڪنهن به ٻئي اداري جي انتطام هيٺ نه ڏنو وڃي.

ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري تعليم بابت خيبرپختونخواه صوبي جي تعليم واري وزير عاطف خان جو چوڻ هو ته، وفاقي حڪومت پاران سندن کاتي کي هن وقت تائين اهڙيون ڪي به هدايتون ناهن مليون ٿيون ته پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولن ۽ ڪاليجن کي کليل رکڻو يا بند ڪرڻو آهي.

عاطف خان وڌيڪ چيو ته هن معاملي متعلق حتمي فيصلو ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت کي حاصل آهي ۽ اسان وفاقي حڪومت جي فيصلي جي پوئواري ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته، والدين کي پريشان ٿيڻ نه گھرجي ڇاڪاڻ ته حڪومت اسڪولن جي بند ٿيڻ کان اڳ ئي انهيءَ معاملي جو بهترين متبادل ڳولي وٺندي.

پاڪستان ۾ قائم پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولن ۽ ڪاليجن جي انتطاميا پاران اداري جي ويب سائيٽ تي هڪ وضاحت جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي تعليمي ادارا عوامي ڀلائيءَ جي نوعيت وارا آهن ۽ هن ملڪ اندر هنن ادارن جا ڪي به سياسي مقصد نه آهن، اهي ادارا صرف ۽ صرف انساني ترقيءَ خاطر قائم ڪيا ويا آهن.

ويب سائيٽ تي جاري ڪيل انهيءَ پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي اسڪول ۽ ڪاليج هڪ مقامي ڪمپنيءَ پاران غير منافع بخش بنيادن تي قائم ڪيا ويا آهن ۽ اها ڪمپني سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي قانون مطابق ڪم ڪري رهي آهي.

جڏهن ته ترڪيءَ جي هڪ اخبار ”صباح“ پاران چيو ويو آهي ته، پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪول ۽ ڪاليجن لاءِ پاڪستان ۾ چندو، اهڙي غير منافعي بخش تنطيم گڏ ڪري رهي آهي جيڪا رجسٽر ٿيل نه آهي. ملڪ اندر اسڪول کولڻ متعلق معاهدو پاڪستان جي اڪنامڪ افيئرز ڊويزن ۽ پاڪ ترڪ انٽرنيشنل اسڪولز اينڊ ڪاليجز وچ ۾ ٿيو هيو.

اخبار پاران اطلاع ڏنو ويو آهي ته پاڪ ترڪ انٽرنيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ترڪيءَ ۾ خيراتي اداري طور رجسٽر ٿيل آهي. ترڪيءَ جي حڪومت پاران جيڪڏهن انهيءَ اداري جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي ته پوءِ ان صورت ۾ هي ادارو قانوني طور تي پاڪستان ۾ به ڪم ڪري نه سگھندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here