پشاور: هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستان اندر 15 هزار کان وڌيڪ فردن کي انساني هار سينگهار (بيوٽيشن) ٿيڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي ۽ امڪان آهن ته تربيت مڪمل ڪرڻ بعد اهي روزگار حاصل نه ڪري سگھندا. حقيقت اها ئي آهي ته ”ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ“ پروگرام تحت هن مهل تائين جيترن ماڻهن تربيت مڪمل ڪري ورتي آهي انهن مان 50 سيڪڙو کي ڪو به روزگار ملي ناهي سگھيو. ان جو سبب ڳو اهو نه آهي ته اهڙيون ملازمتون موجود ئي نه آهن، پر حقيقي سبب اهو ئي آهي ته تربيت وٺندڙن کي مناسب تربيت ئي نه ٿي ڏني وڃي.

ارڙهين ترميم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ جولاءِ 2011 ”پروفيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ“ واري وزارت قائم ڪئي وئي. فني تعليم ۽ هنري تربيت بابت ”نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (NAVTTC) وفاقي سطح تي قائم اهڙو ادارو آهي جيڪو هنري تربيت جي انهيءَ پروگرام جو بندوبست ڪرڻ کان علاوه ان لاءِ سهولتون ۽ رهنمائيءَ واري پاليسي مهيا ڪندو آهي.

ڄاڻايل وفاقي وزارت کي ابتدائي طور تي پاڪستان اندر هنري صلاحيتن کي ترتيب ڏئي بيروزگاريءَ واري مسئلي ۾ گھٽتائي آڻڻ واري ذميواري ڏني وئي ته جيئن ڪمزور ٿيندڙ معاشي ترقيءَ ۾ بهتري آني سگھجي. پاڪستان ۾ تربيت واري رواج کي هٿي وٺرائڻ خاطر فني تعليم ۽ هنري تربيت واري شعبي بابت سڀ کان پهرين پاليسي ويزن 2025 تحت GIZ Pakistan جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.

طلب هجڻ باوجود جهجها مالي وسيلا خرچ ڪرڻ کانپوءِ به محدود نتيجن جي حاصلات
سال 2015-16 بابت سرڪاري انگن اکرن مان پتو پئجي رهيو آهي ته فني تعليم ۽ هنري تربيت واري پروگرام تحت تربيت مڪمل ڪندڙ 03 لک گريجوئيٽن مان 50 سيڪڙو اڃان به بيروزگار آهن. اهڙن انگن اکرن مان ئي نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته هي هنري پروگرام انهيءَ ريت غلط رستي تي آهي جو ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ جهڙي نوعيت جي هنري ڪاريگرن جي ضرورت آهي انهن بجاءِ تربيتي پروگرام وسيلي اهڙن هنرن جي تربيت ڏني پئي وڃي جن جي ڪا به کپت نه آهي.

اسپيشل TVET سڌارا پروگرام تحت حڪومت کي GIZ سان صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ سال 2011 کان 2016 لاءِ عالمي امدادي ادارن وٽان 63 ملين يوروز جا فنڊ حاصل ٿيا. جن مان لڳ ڀڳ 04 ارب روپيا مختلف صوبن ۽ NAVTTC پاران خرچ ڪيا ويا. جڏهن ته 06 ارب روپيا اهڙي تربيت تي خرچ ڪيا ويا جنهن آڌار تربيت حاصل ڪندڙ ڪا نوڪري به حاصل ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگھيا آهن. ان جو صاف مطلب اهو ئي نڪري ٿو ته تربيتي پروگرام جي ڊزائين ترتيب ڏيڻ وقت ان ڳالهه جو ڪو به خيال نه رکيو ويو ته مارڪيٽ ۾ ڪهڙي قسم جي افرادي قوت گھربل آهي. سال 2011 کان 2016 تائين TVET سڌارا پروگرام جي بجيٽ مطابق تربيت وٺندڙ هر هڪ نوجوان مٿان 40 هزار روپيا خرچ ڪيو پئي ويو.

2013 دوران اقتدار ۾ آيل نئين حڪومت پاران وڌندڙ بيروزگاريءَ جي شدت اختيار ڪري ويل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ نيون ملازمتون پيدا ڪرڻ جي ارادي تحت ڪاروباري قرض ڏيڻ ۽ يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تي ٻڌل نئين حڪمت عمليءَ جو اعلان ڪيو ويو. پاڪستان ۾ هر 10 ماڻهن جي گروپ ۾ 3 نوجوان هوندا آهن جن جي عمر 15 کان 29 سالن جي وچ ۾ هوندي آهي.

گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پيءَ پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق پاڪستان جي اهڙن ٽن نوجوانن مان هڪ اهڙو هوندو آهي جيڪو اڻ پڙهيل هوندو آهي ۽ روزگار ڪرڻ لاءِ گھربل هنري اهليت کان به محروم هوندو آهي. ان سلسلي ۾ فني تعليم ۽ هنري تربيت بابت قومي پاليسيءَ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته معاشي ترقيءَ لاءِ موزون آسامين خاطر اهڙن نوجوانن جي سخت ضرورت آهي جيڪي هنرمند هجن ته جيئن معاشي ترقيءَ لاءِ گھربل اڳڀرائيءَ سان تضاد پيدا ڪندڙ صورتحال تي ضابطو آڻي سگھجي.

تربيت مڪمل ڪري وٺندڙ نوجوانن بابت جيڪي سرڪاري انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن اهي حيرت ڏياريندڙ آهن. ٻڌايو ويو آهي ته تربيت حاصل ڪندڙ هر 10 مان 06 تربيت وٺندڙ بيروزگار آهن، ٻه ڄڻا پنهنجو روزگار پاڻ ڪن ٿا جڏهن ته باقي نوجوان نجي شعبي، پرڏيهه، حڪومت، سکيا واري ڪم ۽ اعليٰ تعليم پرائڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن.

ايسوسيئيٽ اليڪٽريڪل انجنيئر ظفر حسن ملازمت حاصل ڪرڻ متعلق پنهنجو تجربو بيان ڪندي ٻڌايو ته ”TVET جي تربيتي اداري مان تربيت مڪمل ڪرڻ بعد ڊگريءَ مطابق ملازمت حاصل ڪرڻ بابت منهنجون سڀ ڪوششون بي نتيجا ثابت ٿيون. موجوده وقت ۾ مان ٽيڪسي هلائي پنهنجي خاندان جي مدد ڪري رهيو آهيان“.

پاڪستان ۾ هٿ جي هنر بجاءِ ڊجيٽل هنرن کي هٿي وٺرائڻ
پاڪستان شماريات بيورو پاران 2014-15 ۾ ڪرايل سروي مطابق پاڪستان جي ڪل 200 ملين آباديءَ ۾ مجموعي افرادي قوت 60 ملين فردن تي ٻڌل آهي، هن سروي ۾ فاٽا ۽ فوجي انتظام هيٺ رهندڙ علائقن جي ماڻهن جي ڳڻپ ناهي ڪئي وئي. پاڪستان اندر هر 10 مان 04 مزدور زرعي شعبي جڏهن ته باقي 06 مزدور مختلف شعبن جهڙوڪ تعميرات، شين جي تياري، هول سيل، ٽرانسپورٽ ۽ ذاتي خدمتن جي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

ٽي وي اِي ٽي وسيلي فني ۽ هنري تعليم ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته ٻنهي قسمن جي تربيت ۾ نصابي انداز واري پڙهائي گھٽ پر عملي ڪم واري مشق وڌيڪ ڪرائي وڃي ٿي. هنري تربيت دوران گھڻو ڌيان شين جي تياري ۽ جوڙجڪ تي هجي ٿو جڏهن ته فني نوعيت جي تربيت گھڻي ڀاڱي ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ جي حرفتن سکڻ تي ٻڌل آهي. هنري تربيت وسيلي نوجوانن کي هٿ جي هنرن وسيلي روزگار حاصل ڪرڻ جي راهه ڏيکاري وڃي ٿي. اهڙيءَ ريت فني تربيت مستقبل جي منظرنامي کي ذهن ۾ رکندي ملازمتن جي حاصلات خاطر ڏني وڃي ٿي.

نيشنل اسڪلز انفارميشن سسٽم (اين ايس آءِ ايس) جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ فني تعليم ۽ هنري تربيت جي ادارن جو مجموعي تعداد 3581 آهي جن مان 2500 ادارا نجي شعبي ۽ لڳ ڀڳ 1000 ادارا سرڪاري شعبي وسيلي هلي رهيا آهن. جڏهن ته انهن ادارن مان 26 سو هنري تعليم ڏين ٿا ۽ 9 سو ادارا فني نوعيت جي تربيت ڏين ٿا. انگن اکرن مان اهو پتو پڻ پيو آهي ته انهن ادارن مان تربيت مڪمل ڪندڙ هر 10 مان 08 شاگرد هنري جڏهن ته 02 ڄڻا فني تربيت حاصل ڪن ٿا.

ملازمتن واري مارڪيٽ بابت غلط ڪَٿ جي ڪري گھرج واري صورتحال سان نه ٺهڪندڙ هنر
نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ نجي تربيتي اداري جي مالڪ پروگرام تي تنقيد ڪرڻ جي ڪري نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ”حڪومتي اختيارين پاران ترتيب ڏنل پاليسيءَ تحت ئي اسان تربيتي ڪورس ڪرائي رهيا آهيون پر حقيقت اها ئي آهي ته موجوده وقتن ۾ حڪومت به تربيت جي ڪورس جي ڊزائين تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي“.

پاڪستان جي ملازمتن واري مارڪيٽ بابت گذريل سال ٿيل هڪ اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته پيشورانه تربيت ۽ مارڪيٽ جي گھرج ۾ ڪافي فرق موجود آهي. گذريل سال قومي توڙي بين الاقوامي سطح جي 05 لک نوڪرين بابت اشتهار شايع ٿيا جڏهن ته ملڪ ۾ 3 لک هنري تربيت مڪمل ڪيل نوجوان موجود هئا. ان جو مطلب ٿيو ته هر 05 نوجوانن لاءِ مارڪيٽ ۾ ملازمت موجود هئي. جن مان 03 نوجوان اهڙا هئا جن ستت ئي هنري يا فني تربيت مڪمل ڪئي هئي، پر جيڪو هنر کين آيو ٿي اهو آڇيل ملازمت جي موقعي سان مطابقت رکندڙ نه هيو.
ڪيترن ئي موقعن تي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ هڪ مخصوص قسم جي هنر بابت تربيت مڪمل ڪري ٿو جڏهن ته ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ وري فني نوعيت جون ملازمتون موجود هونديون آهن. مثال طور تي 2015 ۾ ايل ٽي وي ڊرائيور جي نوڪريءَ بابت 82 هزار اشتهار شايع ٿيا پر پاڪستان ڪل 6 هزار ايل ٽي وي ڊرائيونگ سکيل نوجوان موجود هئا. ان جو مطلب ٿيو ته نوڪرين جون جيڪي 14 کليل آڇون موجود هيون انهن کي ماڻڻ لاءِ صرف هڪ هنرمند موجود هيو. جڏهن ته اسٽيل فيبريڪيٽر جي ڪم لاءِ جيتريون ملازمتون موجود آهن انهن جي ڀيٽ ۾ هنرمندن جو تعداد انتهائي گھٽ آهي.

هڪ ٻي انتها اها به آهي ته ڪمپيوٽر جا پروگرام هلائڻ ۾ مهارت رکندڙ 36 سو شاگردن لاءِ صرف 2 هزار ملازمتون هيون. ان جو مطلب ٿيو ته اهڙي نوعيت جي هڪ نوڪريءَ لاءِ 18 نوجوانن ۾ چٽاڀيٽيءَ جو رجحان پيدا ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ وري دلچسپ صورتحال اها به آهي ته آءِ ٽي ۾ مهارت رکندڙ 2 هزار شاگردن لاءِ صرف هڪ ملازمت جو موقعو ميسر اچي ٿو ڇو ته فني تعليم ۽ هنري تربيت جي ادارن مان آءِ ٽيءَ ۾ ڪورس ڪندڙن جو انگ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو آهي.

هر هڪ پيشوراڻي شعبي ۾ تربيت وٺندڙ شاگردن جي انگ مطابق جيڪڏهن سالياني اعتبار کان جاري ٿيندڙ ملازمتن جي اشتهارن جي ڀيٽ ڪري ڏسبي ته هر شعبي بابت رٿابنديءَ ۽ ملازمتن جي مارڪيٽ سان مطابقت رکندڙ پاليسيءَ جو فقدان نظر اچي ٿو. انگن اکرن جو وڌيڪ جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيو آهي ته پنجاب صوبي ۾ ”بيوٽيشن“ جو ڪورس ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبول آهي جڏهن ته پيشوراڻي ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ انهيءَ هنر سان مطابقت ۾ نوڪرين جو تعداد بنهه ٿورو آهي. جڏهن ته ساڳي صوبي ۾ هنري نوعيت جي مقبول تربيت ”اليڪٽريڪل انجنيئرنگ“ آهي، جنهن جي سموري ملڪ ۾ ڪا گھڻي طلب نه آهي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته GIZ سان گڏجي هنري ۽ فني تربيت جي پروگرام کي نئين سِر ترتيب ڏنو پيو وڃي ته جيئن روزگار جا وڌيڪ موقعا مهيا ٿي سگھن. ان حوالي کان نجي شعبي سان به صلاح مشورو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اها ڄاڻ وٺي سگھجي ته نجي شعبي کي ڪهڙي نوعيت جي افرادي قوت وڌيڪ گھربل آهي ۽ تربيت جي پروگرام ۾ ان گھرج مطابق ئي تربيت ڏيڻ کي هٿي وٺرائي ويندي.

GIZ ۾ ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڪميونيڪيشن طور ڪم ڪندڙ ثانيه ايمان نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”نجي شعبي جي صلاح سان گھرج پٽاندر ڪورس ڪرائڻ واري حڪمت عمليءَ مطابق جيڪي ڪورس ترتيب ڏنا ويا آهن انهن جي مدد سان پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي مسئلي کي ويجهي مستقبل ۾ حل ڪري وٺبو“.

پاڙ پختي ڪري ويل ڪرپشن جي ڏکيائي
بيروزگاريءَ جو مسئلو جيئن ته پنهنجي شدت سان موجود آهي ان ڪري نوجوان هڪ تربيتي اداري مان ڪورس مڪمل ڪرڻ بعد ٻئي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ته جيئن شاگردن کي ملندڙ معاوضو وصول ڪندا رهن. حڪومت ۽ مالي امداد ڏيندڙ ادارن وٽ اهڙي نظام جي اڻهوند آهي جنهن وسيلي ڄاڻايل سرگرميءَ جو پتو لڳائي سگھجي ته ڪيترا شاگرد هڪ کان وڌيڪ ادارن مان مختلف تربيتون حاصل ڪري رهيا آهن.

عورتن کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ناڪامي
اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عورتن کي پاڪستان جي افرادي قوت واري شعبي ۾ آڻي پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ خاطر به ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا ويا پر ان حوالي کان عورتن کي ڀرتي ڪرڻ واريون هڙئي ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگھيون. عورتن لاءِ مخصوص ڪيل آسامين جو تعداد ته تمام گھڻو آهي پر اڪثر آساميون خالي ئي رهجي وڃن ٿيون. سماجي روايتن جي ڪري عورتن جو هنري ۽ فني تربيتن ۾ شامل ٿيڻ وارو رجحان گھٽ آهي. حڪومت اهڙن شعبن ۽ ڪمن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ به ناڪام رهندي آئي آهي جتي عورتن جي ملازمت وارن موقعن کي هٿي وٺرائي سگھجي ٿي ۽ اهڙي جاڳرتا واري مهم هلائڻ جو به اهتمام نه ڪيو ويو جنهن وسيلي ڪجهه خاص قسم جي پيشوراڻين ملازمتن ۾ عورتن جي شموليت کي تسليم ڪرڻ جي راهه هموار ٿئي.

GIZ جي ثانيه ايمان چيو ته اسان ٽيڪسٽائيل واري صنعت جي سهڪار سان عورتن لاءِ ڀرت ڀرڻ ۽ ڪپڙن سبڻ جا ڪورس ڪرائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ان نوعيت جو ڪم گھرن اندر به ڪري سگھجي ٿو ۽ اهڙن خاندانن لاءِ جيڪي پنهنجي ڇوڪرين کي گھر کان ٻاهر وڃي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين انهن لاءِ به هيءَ تربيت قابل قبول هوندي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي مالي سهڪار سان نوجوانن لاءِ هلندڙ پروگرامن ۾ به عورتن کي ڪاوروبار ڪرڻ ۽ انهيِءَ ڪاروبار خاطر ننڍا قرض ڏيڻ واري حڪمت عمليءَ تي عمل ڪيو پيو وڃي ته جيئن عورتن لاءِ موقعا وڌائي سگھجن.

بيوٽيشن جو ڪورس ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ذاتي بيوٽي پارلر کولڻ واري تجربي بابت معلومات ڏيندي سارا خان ٻڌايو ته ”مون جڏهن هنري تربيت وٺڻ لاءِ داخلا پئي ورتي ته منهنجا والدين ان جي حق ۾ نه هئا پر منهنجي ڀاءُ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي جڏهن مان پنهنجي محنت وسيلي پيسا ڪمائي خاندان جي مالي مدد ڪيان ٿي ته منهنجي خاندان کي به خوشي ٿئي ٿي“.

طلب ۽ رسد جو فرق ختم ڪرڻ ڏانهن قدم
پاڪستان جي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ جي پسمنظر ۾ ڦهلجندڙ ۽ وسعت ڏانهن وڌندڙ معيشت کي فوري طور تي درست راهه ڏانهن گامزن ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. عالمي طور تي معيشت کي ويجهي مستقبل ۾ 50 ملين هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت پوندي جڏهن ته پاڪستان بابت اندازو لڳايو پيو وڃي ته اهو پنهنجي غير هنرمند افردي قوت وسيلي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪندو رهندو.

سال 2015-16 ۾ وزيراعظم جي هنرمند نوجوانن جي ترقيءَ بابت پروگرام تحت سموري ملڪ جي 25 هزار تربيت وٺندڙ نوجوانن کي 1178 ملين روپين جي لاڳت سان روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا مهيا ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. حڪومت پاران تربيت وٺندڙ في نوجوان تي 30 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا. اهڙا ڪي به انگ اکر مهيا ناهن ٿي سگھيا جن مان پتو پئجي سگھي ته اهڙن ڪيترن نوجوانن کي ملازمت حاصل ٿي آهي جن انهيءَ پروگرام تحت تربيت مڪمل ڪئي.

گڏيل قومن جي ترقيءَ بابت پروگرام (يو اين ڊي پي) پاران سنڌ صوبي جي ڪراچي شهر جي نوجوانن جي ترقيءَ لاءِ هڪ پروگرام 2015 کان 2017 تائين هلايو ويندو. ان پروگرام لاءِ 03 ملين ڊالرن جي بجيٽ رکي وئي آهي ۽ 13 هزار نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي تربيت ڏني ويندي. تربيت جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 هزار نوجوانن تربيت مڪمل ڪئي آهي جن مان 3 هزار 7 سو نوجوانن ملازمتون به حاصل ڪري ورتيون آهن.

صنعتن جي مستحڪم ٿيڻ ڪري پنجاب ۾ هنرمند ملازمن جي گھڻي گھرج آهي. پنجاب ۾ اهڙن هنرمند ۽ باصلاحيت مزدورن جي سخت ضرورت آهي جيڪي صنعتن کي هلائي سگھن ان ڪري نوجوانن لاءِ ملازمت جا وسيع موقعا موجود آهن.

اڳتي وڌڻ وارو رستو
انگ اکر گڏ ڪرڻ توڙي انگ اکر گڏ ڪرڻ بابت حڪمت عمليءَ جي عدم موجودگيءَ ۾ اهو ممڪن نه آهي ته اهڙا مکيه سڌارا آڻي سگھجن جيڪي مارڪيٽ ۾ ملازمتن جي آسامين کي ڀري سگھڻ ۾ مدد ڏيندا رهن. ان ڪري پاڪستان جي نئين نسل جو معاشي مستقبل شڪ جي پاڇي هيٺ رهندو ايندو. نوجوانن کي هنرمند بنائي بيروزگاري گھتائڻ بابت پاڪستان جي ويزن 2025 تحت لازم آهي ته وچولي عرصي واري اهڙي حڪمت عمليءَ تي ڪم ڪيو وڃي جنهن آڌار 2020 تائين هر سال 10 لک نوجوانن کي هنري ۽ فني تربيت ڏني وڃي ته جيئن ملڪي توڙي عالمي سطح جي صنعتن ۽ ٻين پيشوراڻن شعبن لاءِ افرادي قوت مهيا ڪرڻ ممڪن ٿي سگھي.

NAVTTC جي شعبي اين ايس آءِ ايس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد عارف چانڊيو پروگرام کي درپيش مشڪلاتن جي وصاحت ڪندي چيو ته ”جڏهن هي پروگرام شروع ٿيو ته اسان وڌ کان وڌ نوجوانن کي تربيت ڏيڻ پئي چاهي ته جيئن حدف حاصل ڪري سگھئون، پر پوءِ جڏهن اسانکي ڪجهه ڏکيائيون پيش آيون جيئن ساڳيا نوجوان بار بار تربيت ماڻي رهيا هئا يا صرف مالي فائدا حاصل ڪندڙ تربيتي ادارن ۽ گھرج ۾ نه هجڻ وارن تربيتي ڪورسن جي نشاندهي ٿي ته هاڻي اسان هڪ نظام ترتيب ڏنو آهي جنهن مطابق اهڙا ڪورس ئي ڪرايا ويندا جن جي مارڪيٽ ۾ طلب آهي جنهن جي ڪري تربيت وٺڻ واري کي ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي.

جڏهن ته ويجهي مستقبل ۾ اسانکي اها اميد به آهي جيترا به نوجوان هنري ۽ فني تربيت حاصل ڪندا انهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ملازمت جا موقعا حاصل ٿيندا رهندا ڇو ته ان مقصد خاطر اسان مضبوط صنعتي ۽ سرڪاري طريقا طئي ڪرائي ڇڏيا آهن. گذريل سال اسان 5 سو پلمبرن کي تربيت ڏني انهن جيئن ئي تربيت مڪمل ڪئي ته انهن کي نوڪرين خاطر ستت ئي پرڏيهه اماڻيو ويو“.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.