لاهور (قاسم علي وٽان) پاڪستان ۾ صاف پاڻيءَ جي کوٽ سبب ان جي صفائي جا پلانٽ خوراڪ کاتي جي نگرانيءَ کانسواءِ ڪم ڪري رهيا آهن. لاهور ٽائون شپ جي رهواسي محمد شاهد بلال جو چوڻ هو ته شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پر عوام جي اڪثريت زندگي جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي.
شاهد گذريل ڇهن مهينن کان ڊائريا ۾ ورتل آهي ۽ گيس ۽ معدي جي مرض سبب سندس علاج ٿي رهيو آهي. هن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جڏهن هن علاج شروع ڪرايو ته خبر پئي ته اها بيماري کيس آلودو پاڻي پيئڻ سبب ٿي آهي ۽ اهو پاڻي واٽر اينڊ سينيٽيشن ايجنسي (واسا) لاهور پاران کين مهيا ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بيماري برقرار رهڻ بعد اسان اهو پاڻي پيئڻ بند ڪيو. شاه ٻڌايو ته هو هاڻي پاڻي نجي فلٽر پلانٽ تان وٺن ٿا.
شاهد اهو اڪيلو ماڻهو ناهي جيڪو حڪومت جي نااهليءَ جو شڪار آهي پر اهڙا کوڙ ماڻهو آهن جيڪي خراب پاڻي پيئڻ سبب بيمار ٿي رهيا آهن ۽ هاڻي اهي پاڻي ٻين هنڌن تان خريد ڪري رهيا آهن. هنن حالتن ۾ لاهور اندر نجي پاڻي فراهم ڪرڻ جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي. اهو ڪاروبار ڪندڙن جي دعوا آهي ته اهي گهڻ قومي ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ سستو ۽ صاف پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته اهي ڪاروباري 19 لٽرن جي بوتل 60 کان 90 روپين ۾ گهرن تائين پهچائين ٿا، جڏهن ته ملٽي نيشنل ڪمپنيون اهو پاڻي 190 روپين ۾ وڪرو ڪن ٿيون. ڌرمپورا لاهور ۾ قائم هڪ نجي ڪمپني جي مئنيجر عمير ٻڌايو ته ان علائقي ۾ سندن روزانو 5 هزار لٽرن جي خريداري ٿئي ٿي.
عمير، نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هو لاهور جي ڀرسان جلو مان نل وارو پاڻي وٺن ٿا ۽ پوءِ ان کي صاف ڪري ماڻهن تائين پهچائين ٿا. سندس موجب اهو پاڻي روزانو لاڳاپيل ليبارٽريءَ مان چيڪ ڪرايو ويندو آهي. جيتوڻيڪ عمير قانون تي هلي رهيو آهي پر کوڙ سارا ڪاروباري اهڙا آهن جيڪي ائين نٿا ڪن. اهي مبينه طور فلٽر تبديل نٿا ڪن ۽ نه ئي ماهوار ليبارٽريءَ مان چيڪ ڪرائين ٿا.
پنجاب فوڊ اٿارٽي (پي ايف اي) اهڙن فلٽر پلانٽن خلاف تڏهن قدم کڻي ٿي جڏهن ڪو شڪايت ڪري ٿو. پنجاب فوڊ اٿارٽيءَ ۾ فوڊ سيفٽي آفيسر ۽ اسپيشل ٽاسڪ فورس جي ميمبر ثمرگوندل، نيوزلينز پاڪستان سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته پلانٽ، فوڊ اٿارٽي ايڪٽ 2011 هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته اهي پلانٽ لائيسن وٺي ڪم شروع ڪندا آهن ۽ شڪايت جي صورت ۾ ترت قدم کنيو ويندو آهي. هن وقت 250 پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي پر ڪي مختلف سببن جي ڪري بند به ٿي وڃن ٿا، اهو ڪاروبار وڏي پئماني کان ويندي هڪ دڪان تائين به محدود آهي.
هن ٻڌايو ته اسان انهن پلانٽن جو اوچتو دورو ڪندا آهيون ۽ ڏنڊ به هڻندا آهيون ۽ اهو ڏنڊ 5 لکن تائين هجي ٿو ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بنائيندا آهيون ته پاڻيءَ ۾ نقصان پهچائيندڙ جزا نه هجن.
معاشي ماهر ڊاڪٽر قئيس اسلم چيوته پيئڻ جو صاف پاڻي وڪرو ٿيندڙ شيءِ آهي ۽ اهو ڪاروبار گهڻ قومي ڪمپنين پاڪستان ۾ ڪافي وقت اڳ شروع ڪري رکيو آهي ۽ هاڻي چونڊيل نمائنده ۽ ڪاموار پڻ اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو نئون رجحان پيدا ٿيو آهي جو حڪومت انهن ڪمن تي به فائدو ڏسي ٿي جيڪي سندن ذميواري هجي ٿي. هن چيو ته اهو شعبو وڌيڪ ترقي ڪندو ڇو ته حڪومت ان جي سرپرستي ڪري رهي آهي.
ڊاڪٽر اسلم چيو ته پاڪستان اينوائرمينٽ پروٽيڪشن قانون موجب پاڻي کي آلوده ڪندڙ ان جي قيمت ڀريندا، پر پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اهي 80 سيڪڙو ڪمائي کاڌي ۽ باقي 20 سيڪڙو دوائن تي خرچ ڪن ٿا.
شهري علائقن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي وڏو مسئلو ٿيندو پيو وڃي. پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته لاهور جو پاڻي نه رڳو آلوده پر ڊبليو ايڇ او جي مقرر ڪيل ارسينڪ واري حد کان ٻيڻ تي آهي. آرسينڪ (سينکيو) اهو بنيادي جز آهي جنهن سبب صحت تي خراب اثر پون ٿا.
جناح اسپتال جي ايمرجنسي واري شعبي ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر وحيد عمران جوچوڻ هو ته ارسينڪ زهر جيان هجي ٿو، اهو جوڙن، هڏن ۽ جسم جي مختلف ٽشوز تي اثر انداز ٿئي ٿو، جنهن سبب ڊائريا، جيئري، پيٽ جون بيماريون، بخار ۽ وڏو بخار ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه آلوده پاڻيءَ سبب ٿي رهيو آهي.
واسا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز غوري جو چوڻ هو ته واسا صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ واسا جو پاڻي ورهائڻ وارو نظام وڌايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پاڻي مهيا ڪرڻ وارين نالين جي خراب هئڻ سبب پاڻي آلوده ٿي رهيو آهي ان ڪري انهن کي تبديل ڪيو پيو وڃي. واسا هن سال 300 ملين خرچ ڪيا آهن ۽ 800 ملين روپيه ايندڙ سال ۾ واسا جي بهتريءَ لاءِ لڳايا ويندا.
هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ترت ئي 500 مان 106 ٽيوب ويل پڻ تبديل ڪيا ويندا ۽ جراثيم کي مارڻ لاءِ دوائون پڻ استعمال ڪيون پيون وڃن. اقبال ٽائون لاهور جي رهواسي احمد عثمان چيو ته هڪ فلٽر پلانٽ گندي پاڻيءَ جي نالي جي ڪناري تي قائم آهي ته پوءِ اتي صاف پاڻي ڪٿان ايندو؟ اتان اهو پاڻي فلٽر پاڻي طور علائقي ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هڪ اسڪول جي استاد سحر منير سخت قسم جي خدشن جو شڪار آهي ڇاڪاڻ اهي پلانٽ صاف پاڻي نه پيا فراهم ڪن. هن ٻڌايو ته فلٽر پاڻي باقائدي صاف ٿيڻ واري مرحلي مان گذري ٿو، جڏهن ته منرل واٽر، منرل پاڻي هجي ٿو، فلٽر پاڻي، منرل ٿي نٿو سگهي.
هن چيو ته پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بوتلون پلاسٽڪ مان ٺهن ٿيون، جيڪو پڻ وڏو مسئلو آهي، ڇو ته انهن ۾ ڪيميڪل هجن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن حوالي سان بهتر نظام هجڻ کپي ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ جي سڀني ماڻهن جو مسئلو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here