ڪراچي: پاڪستان ۾ روزانو پنج عورتون قتل ڪيون وڃن ٿيون ۽ 27 عورتون يا ڇوڪريون مختلف قسم جي تشدد جو شڪار بڻايون پيون وڃن. عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن موجب گذريل ستن سالن دوران 2014 ۾ عورتن خلاف تشدد جا واقعا وڌيڪ سامهون آيا.

واضح رهي ته 25 نومبر کي سال 1999 کان وٺي عورتن مٿان تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. جڏهن ته  25 نومبر کان 10 ڊسمبر (انساني حقن جو عالمي ڏينهن) تائين سماجي سجاڳيءَ جا 16 ڏينهن جي سري هيٺ صنفي تشدد خلاف عوام ۾ جاڳرتا مهم هلائي ويندي آهي.

ياد رهي ته اهو ڏينهن ڊومنيڪن ريپبلڪ ۾ ان وقت جي آمر رافيل ترجيلو پاران ٽن سياسي ڪارڪن ڀيڻن، جيڪي مرابيل سسٽرس جي نالي سان مشهور هيون، کي مارائڻ خلاف ملهايو ويندو آهي. شروع ۾ 1980 ڌاري ان ڏينهن کي مرابل سسٽرس کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ عورتن مٿان تشدد خلاف سجاڳيءَ طور ملهايو ويو. جڏهن ته 17 ڊسمبر 1999 ۾ گڏيل قومن جي اداري پاران 25 نومبر کي عورتن تي تشدد جي خاتمي واري ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ جي وڪيل ۽ عورت وڪيلن جي تنظيم جي صدر نور ناز آغا جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين ڪنهن به قسم جي متٿيد جي اجازت نٿو ڏئي پر اسانجي ملڪ ۾ هر هنڌ عورتن سان امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.

عورت فائونڊيشن جي 2014 واري رپورٽ پاڪستان جي ٻن عورتن جن ۾ فرزانه پروين، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ويجهن عزيزن پاران سروٽا ۽ لٺيون هڻي ان ڪري موت جي ننڊ سمهاريو ويو ته هن پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، جڏهن ته ٻي عورت شمع مسيح هئي جنهن مٿان توهين رسالت جو ڪوڙو الزام هڻي کيس سرن جي بٺيءَ ۾ اڇلائي ساڙي ماريو ويو. پنجاب جي قصور ضلعي جي رهواسڻ واقعي وقت ڳورهاري  پڻ  هئي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي نور ناز آغا وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت خاص طور تي سنڌ سرڪار عورتن جي حقن لاءِ تمام سٺا قانون متعارف ڪرايا آهن پر ماڻهن کي ان جي ڄاڻ ۽  قانونن تي مڪمل عمل نه ٿيڻ سبب اهي قانون عام عورتن کي ڪو لاڀ ناهن ڏئي سگهيا.

پاڪستان انساني حقن جي ڪميشن جي 2015 واري رپورٽ موجب گهريلو تشدد جا 146 ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته جنسي تشدد جون 747 ايف آئي آر سامهون آيون، پر 44 واقعن جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا.

رپورٽ موجب 88 واقعن ۾ عورتن جون جنسي ڏاڍائي دوران وڊيوز ٺاهيون ويون ۽ اهي وڊيو فلمون عورتن کي وڌيڪ بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون. اغوا ڪيل 209 عورتون بازياب ڪرايون ويون، جڏهن ته 53 جو اغوا بعد ڪو به پتو پئجي نه سگهيو. عورتن کي ساڙڻ جا 76 ڪيس داخل ٿيا ۽ ستن واقعن جي ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي.

2015 دوران تيزاب سان حملن ۽ ڪارنهن جا 987 واقعا سامهون آيا، جنهن ۾ 1096 عورتون ۽ 88 مرد اجل جو شڪار ٿيا. جڏهن ته انهن ۾ 170 ننڍي عمر جا ماڻهو شامل هئا. انساني حقن جي وزارت جي جنوري 2012 کان 15 سيپٽمبر  2015 تائين جي رپورٽ موجب انساني حقن جي خلاف ورزين جا 8648 واقعا رپورٽ ٿيا، جنهن ۾ ساڙڻ جا 72 واقعا، تيزاب جا 90 ، 481 گهريلو تشدد، 860 ڪارنهن، جنسي ڏاڍائيءَ جا 344، جنسي طور حراسان ڪرڻ جا 268 واقعا سامهون آيا. جڏهن ته عورتن خلاف تشدد جي ٻين واقعن جو انگ 535 رهيو.

هوڏانهن صنفي اڻ برابريءَ واري 2015 جي رپورٽ ۾ 145 ملڪن مان پاڪستان کي 144 هين نمبر تي رکيو ويو. عورتن جي معاشي شموليت ۽ کين موقعن ۾ پاڪستان 143هين نمبر تي رهيو ۽ عورتن جي سياسي خودمختياريءَ ۾ 87 نمبر تي سامهون آيو.

انساني حقن جي ڪارڪن اقبال ڏيٿو جو چوڻ هو ته قانون تي عمل وارا سڀ مڪينزم پنهنجو ڪم بهتر ڪن ۽ سزائن جي انگ ۾ واڌاري سان عورتن خلاف تشدد کي روڪي سگهجي ٿو.

ايڇ آر سي پي جي رپورٽ موجب گذريل 8 سالن دوران عورتن مٿان تيزاب سان حملن ۾ 845 واقعن سان پنجاب پهرئين نمبر تي رهيو، جڏهن ته سنڌ ۾ 40، بلوچستان 34، خيبرپختونخواه 27 ۽ آزاد ڄمو ڪشمير ۾ ٽي واقعا سامهون آيا.

هڪ پوليس آفيسر جيڪا ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ بااختيار ناهي، تنهن نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو ته ٺوس ثبوت نه هجڻ سبب اڪثر جوابدار سزا کان بچي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته جاچ ڪندڙ اهي ثبوت هٿ نٿا ڪري سگهن جن جي بنياد تي جوابدارن کي سزا اچي سگهي. جڏهن ته جرڳا ۽ ڪورٽ کان ٻاهر فيصلا به وڏي رڪاوٽ آهن.

ايڇ آر سي پيءَ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي معاشي طور خودمختيار بنائڻ، حڪومت پاران موجود قانونن تي مڪمل عمل ڪرائڻ، عورتن کي ميڊيا ۾ ڀرپور نمائندگي ڏيڻ ۽ عورتن کي سياسي ۽ فيصلاسازيءَ واري عمل ۾ شامل ڪرڻ سان تشدد جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

نيوز لينز پاڪستان سان فون وسيلي ڳالهائيندي پوليس آفيسر وڌيڪ چيو ته عورتن جي قتل وارن ڪيسن ۾ رياست کي ڌر ٿيڻ کپي ته جيئن جرڳن ۽ عدالتن کان ٻاهر فيصلن کي روڪي سگهجي. هن جو چوڻ هو ته شهري به پنهنجو فرض اداڪندي پوليس سان شاهدين ۾ سهڪار ڪن.

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ طاهره عبدالله جو چوڻ هو ته قتل ڪرڻ ۾ ڪا غيرت ناهي، جڏهن ته اها بي عزتي آهي. ميڊيا پڻ اهڙن قاتلن کي هيرو نه بنائي جيڪي عورتن کي غيرت جي نالي تي مارين ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here