اسلام آباد: هلندڙ سال دوران اپريل مهيني جي هڪ روشن ڏهاڙي خيبرپختونخواه صوبي جي مردان شهر کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي مسافريءَ تي واقع ڳوٺڙي ”زيده“ ۾ ڳوٺاڻن جو ميڙ ڪٺو ٿيو. گذريل ٻن ڏهاڙن کان پاڪستان جا سياستدان، سماج سڌارڪ توڙي عام ماڻهو هڪ شاگرد مشال خان جي قتل واري سانحي بابت ويچار ونڊيندا رهيا ۽ مذمت به ڪندا رهيا. انهيءَ نوجوان شاگرد کي عبدالولي خان يونيورسٽي مردان ۾ گڏ ٿيل مڇريل ماڻهن جي هجوم پاران توهين رسالت جو مبينه ڏوهي قرار ڏيندي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو.

”زيده“ ڳوٺ ۾ ٿيل احتجاج جهڙي رجحان جو گھڻو فقدان آهي. ڳوٺاڻن پاران مذهب جي آڙ ۾ هڪ نوجوان جي وحشياڻي ۽ ناقابل قبول انداز سان قتل خلاف نعريبازي ڪئي وئي. انهيءَ احتجاجي ريليءَ ۾ ڳوٺاڻن کان علاوه سياسي ڪارڪنن، شاگردن، استادن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪندي مذمتي نعرا لڳايا. ڳوٺ جي مکيه بازار مان گذرندي هنن ”معصوم مشال سان انصاف ڪيو“ ۽ ”مذهبي انتهاپسندي نه کپي“ جا نعرا هنيا.

جيتوڻيڪ پاڪستان جي وڏن شهرن جهڙوڪ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ته توهين رسالت واري قانون جي غلط استعمال خلاف احتجاج ٿيندا رهندا آهن پر خيبرپختونخواه جي هڪ ننڍي قدامت پسند ماحول واري ڳوٺ اندر توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل ماڻهوءَ جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ جو مثال ڪڏهن به مشاهدي ۾ ناهي آيو.

ڳوٺ جي رهواسي هڪ نوجوان احمد خان ٻڌايو ته ”خيبرپختونخواه جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ انهيءَ نوعيت واري احتجاج جو پهريون واقعو آهي جنهن ۾ ماڻهو توهين رسالت واري قانون جي غلط استعمال خلاف اٿي پيا ۽ الزام هيٺ آيل فرد مٿان هجوم جي صورت ۾ تشدد ڪرڻ واري رجحان جي شديد مذمت ڪيائون. احتجاج ڪرڻ وارن ڳوٺاڻن مشال خان جي خاندان سان يڪجهتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو“. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ”مذهبي رنگ ۾ رنڱيل اهڙي ڪنهن به معاملي بابت ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ مشڪل ڪم آهي“.

غلام سرور پشاور جي هڪ اسڪول ۾ استاد آهي ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ (اي اين پي) سان تعلق رکي ٿو. اي اين پي سيڪيولر ۽ سوشلسٽ نظرين واري پارٽي آهي. غلام سرور جي مشال خان جي خاندان سان شناسائي آهي ۽ هن به سندن حمايت خاطر انهيءَ احتجاج ۾ حصو ورتو. پشاور کان ڪهي اچي احتجاج ۾ حصو وٺندڙ غلام سرور جو موقف آهي ته ”ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ قانون کي هٿ ۾ کڻي وٺن ٿا ۽ اسانجي رياست مشڪل سان ئي اهڙن ماڻهن خلاف قدم کڻي ٿي.

نظر ايئن اچي رهيو آهي ته اسانجي رياست اهڙن مذهبي گروهن آڏو ناڪام ٿي چڪي آهي خاص ڪري اهڙا گروهه جيڪي مذهب جي نالي تي تشدد واريون ڪارروايون ڪن ٿا. ان هوندي به هاڻي اسان سماج اندر مزاحمت جي عنصر کي زور وٺندي ڏسي سگھئون ٿا ۽ رياست کي به گھرجي ته اهڙن مذهبي گروهن، جيڪي تشدد کي اڀارين ٿا، انهن خلاف سخت قدم کڻي“.

مشال خان جو تعلق پختونن جي يوسفزئي قبيلي سان هيو. هن روس مان انجنيئرنگ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي، پر هن جي پيءُ ٻڌايو ته ”مشال انجنيئرنگ جي تعليم مان گھڻو مطمئن نه هيو جنهن ڪري ئي هن صحافت ۾ ڊگري ڪرڻ لاءِ عبدالولي خان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي“. هن جي پيءُ اهو پڻ ٻڌايو ته ”هن چاهيو پئي ته هو وڌيڪ غور فڪر ڪري، لکي ۽ جاکوڙ ڪري، جنهن جي ڪري ئي هن اسان کي ٻڌايو ته هو صحافت کي پيشي طور اختيار ڪرڻ لاءِ تعليم وٺڻ چاهي ٿو“.

عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي استادن ۽ چيئرمين شيراز پراچا ٻڌايو ته ”مشال خان ذهين شاگرد هيو. هو هميشهه سماج جي اهم مسئلن تي ڳالهائيندو هيو ۽ استادن سان به سندن فرضن جي ادائيگيءَ جي باري ۾ بحث ڪندو رهندو هيو، پر اسان کي اهڙي سڌ نه هئي ته هن جي اهڙي طرح سرگرميءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ واري اهليت جي ڪري مٿس توهين رسالت جو الزام به لڳي پوندو. اسان سمجهون ٿا ته هن مٿان سوچيل سمجهيل انداز سان اهو الزام لڳايو ويو“.

ياد رهي ته مشال خان کي 13 اپريل واري ڏهاڙي سوين مڇريل ماڻهن، جن ۾ يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ ملازم شامل هئا، جي هجوم سندس هاسٽل جي ڪمري جو دروازو ٽوڙي کيس اتان گهلي ڪڍيو هيو ۽ بعد ۾ هاسٽل جي مک دروازي ٻاهران کيس لوهي سيخن، ڏنڊن ۽ لٺين جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو. انهن مڇريل ماڻهن جو موقف هيو ته مشال خان توهين رسالت ڪئي آهي ڇو ته هن کي الله ۽ آخري پيغمبر تي ايمان نه هيو.

ليکڪ ۽ محقق پيٽر جيڪب، جيڪو عيسائين جي مذهبي اداري پاران پاڪستان ۾ توهين رسالت وارن قانونن جي اثرن بابت تحقيق ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل اداري ”نيشنل ڪميشن فار پيس اينڊ جسٽس“ جو اڳوڻو سربراهه پڻ آهي، جو چوڻ هو ته ”توهين رسالت واري قانون جي مسلسل استعمال (غلط طريقي سان) ۾ 1980 واري ڏهاڪي کانپوءِ تڏهن واڌ آئي جڏهن ان وقت جي آمر حڪمران جنرل ضياءُ الحق پاران انهيءَ قانون ۾ ترميمون ڪيون ويون“. پيٽر جيڪب جي راءِ هئي ته ”اسان ڏسئون پيا ته مذهبي اڳواڻ تشدد کي ڀڙڪائڻ لاءِ انهيءَ قانون جو سهارو وٺن ٿا جڏهن ته ماڻهو انهيءَ قانون جي آڙ ۾ ذاتي دشمنيون پاڙڻ خاطر ڪيس داخل ڪرائيندا رهن ٿا“.

پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي ان ڪري قتل ڪيو ويو ته هن هڪ عيسائي عورت جنهن تي توهين رسالت جو الزام هيو جي حمايت ڪئي هئي.

2010 ۾ سامهون آيل هڪ واقعي تحت دوائون وڪرو ڪندڙ ڪمپنيءَ جي نمائندي حيدرآباد جي هڪ ڊاڪٽر کي تڏهن توهين رسالت جو ڏوهي قرار ڏنو جڏهن هن سندس تعارفي ڪارڊ (وزيٽنگ ڪارڊ) کي گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ ميڊيڪل ريپريزنٽيٽِو جو چوڻ هو ته ”جيئن ته منهنجي نالي جو پهريون حرف محمد آهي ان ڪري ڊاڪٽر منهنجو ڪارڊ گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي توهين رسالت ڪئي آهي“. هن اهڙي دعويٰ آڌار ڊاڪٽر خلاف توهين رسالت جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي جنهن ڪري ڊاڪٽر کي گرفتار به ڪيو ويو هيو.

پيٽر جيڪب جو چوڻ هو ته ”1980 ۾ ٿيل ترميمن کان اڳ جيڪڏهن توهين رسالت بابت ڪيسن جو انگ درجنن ۾ هيو ته ترميمن کانپوءِ اهو تعداد وڌي سَوَن ۾ ٿي ويو. هاڻي جيڪڏهن انهيءَ قانون ۾ سڌاري جي ڳالهه به ڪئي وڃي ٿي ته مذهبي گروهن پاران احتجاج ۽ تشدد شروع ڪيو وڃي ٿو“.

”انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس“ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ قانوني صلاحڪار ريما عُمير جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۾ توهين رسالت جا الزام ماڻهن مٿان حملي ڪرڻ جي جواز طور گھڙيا ويندا آهن. جهڙيءَ ريت ڀارت ۾ ڳئون ذبح ڪرڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ جي الزامن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو ايئن ئي هتي به ٿئي ٿو. اهڙا الزام اڪثر ڪري هٿ ٺوڪيا هوندا آهن جهڙيءَ ريت مشال خان جي ڪيس ۾ به ثابت ٿيو آهي. توهين رسالت جي انهيءَ معاملي ۾ ٺوس ثابتيون موجود نه هجڻ سبب ئي تشدد جي انهيءَ واقعي جي حمايت به نه پئي ڪئي وڃي“.

مشال خان جي قتل بعد پاڪستاني ٽيليويزن چينلن تي بحث مباحثي جا ڪيترائي پروگرام ٿيا جن ۾ توهين رسالت قانون جي غلط استعمال واري رخ کي اجاگر ڪيو ويو. جڏهن ته شهرين جي جاڳرتا لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ پاران مشال خان جي خاندان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. 17 اپريل واري ڏهاڙي جيو ٽيليويزن تان نشر ٿيل هڪ پروگرام دوران مشال خان جو هڪ استاد ساڻس پيش آيل وحتشناڪ تشدد واري واقعي تي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو.

ضياءُ الله همدرد جو چوڻ هيو ته ”مشال مونکي ايس ايم ايس اماڻي آگاهه ڪيو ته ڪجهه ماڻهو کيس ڦاسائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن پر مان بيگناهه آهيان“. انهيءَ استاد ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته ”افسوس جو مان پنهنجي شاگرد کي بچائي نه سگھيس“.

انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ”هيومن رائيٽس واچ“ جي نمائندي طور ڪم ڪندڙ وڪيل سروپ اعجاز جو چوڻ هو ته ”سماج ۾ هاڻي انهيءَ حقيقت جي ادراڪ ۾ اضافو اچي رهيو آهي ته توهين رسالت وارن قانونن جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. توهين رسالت جي قانون کي حربي طور ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو“.

وحشتناڪ تشدد جي نتيجي ۾ مشال خان کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ بابت جيڪا 13 رڪني گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي وئي هئي انهيءَ جاچ ٽيم پاران ترتيب ڏنل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”اهڙا ڪي به ثبوت نه ملي نه سگھيا آهن جن آڌار چئي سگھجي ته مشال خان توهين رسالت وارو ڏوهه ڪيو هيو“. جي آءِ ٽيءَ جي رپورٽ مطابق مشال خان جيئن ته هر ڳالهه منهن تي چئي ڏيڻ وارو جرئتمند نوجوان هيو ان ڪري هڪ شاگرد گروپ جي اڳواڻن لاءِ خطرو بڻجي پيو هيو. ان کان علاوه مشال خان يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جي حقن جو به گھڻو حامي هيو ۽ هن نئين وائيس چانسلر جي مقرريءَ بابت آواز اٿاريو هيو .

جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته وائيس چانسلر جي صحيح کانسواءِ ڪو به شاگرد تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ به ڊگري حاصل ناهي ڪري سگھندو“. وحشتناڪ تشدد جي نتيجي ۾ قتل ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ خيبر نيوز چينل کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ مشال خان يونيورسٽي انتظاميا جي سرگرمين خلاف به ڳالهيون ڪيون هيون. رپورٽ ۾ اهو به چيل آهي ته مڇريل هجوم کي قابو ڪرڻ جي حوالي کان مقامي پوليس ڪوتاهيءَ جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجي ڳوٺ ۾ مشال خان جو پيءُ اقبال يوسفزئي اڃان به انهيءَ انتظار ۾ آهي ته انصاف جو عمل ڪڏهن مڪمل ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته انصاف جي حاصلات ۽ مثبت سماجي تبديلين خاطر اسان سڀني کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هيءَ ئي فيصلي جي اها گھڙي آهي جنهن ۾ غريب هجي توڙي امير اسان سڀني کي گڏيل مقصد خاطر اڳتي وڌڻو پوندو. انصاف جي حاصلات ڏانهن اهو ته پوءِ به پهريون قدم هوندو جڏهن ته اهو سفر پوءِ به طويل وقت تائين جاري رکڻو پوندو. ايئن نه ڪري سگھياسين ته پوءِ اسان پنهنجو وڏو نقصان ڪري ويهنداسين“.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.