لاهور: واٽر اينڊ پاور ڊويلپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي انتظاميا گذريل 06 مهينن دوران مبينه طور تي ڳجهه ڳوهه وارو طريقه ڪار اختيار ڪندي 10 منظور نظر ماڻهن کي اهڙن عهدن تي مقرر ڪيو آهي، جيڪي اداري لاءِ ڪنهن به ريت ڪارائتا نه آهن.

اداري اندر اهي ڀرتيون 24 آگسٽ 2016 تي مقرر ٿيل نئين چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) مزمل حسين جي خواهشن مطابق ڪيون ويون آهن. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته، واپڊا انتظاميا پنهنجي ذميوارين (بجليءَ جي پيداوار خاطر ڊيمن جي اڏاوت) کان پري ٿي رهي آهي ۽ عوامي ناڻو چيئرمين کي آرامده سهولتون مهيا ڪرڻ توڙي سندس ذاتي جسماني سگھ کي برقرار رکڻ مٿان خرچ ڪري رهي آهي.

ٽرٿ ٽريڪر پاران حاصل ڪيل دستاويزن مطابق، نوان آفيسر قومي پگھار واري 18 کان 20 اسڪيل تحت ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ 10 مان 09 آفيسرن جو پراڻو لڳ لاڳاپو فوج سان رهيو آهي ۽ ڄاڻايل ماڻهو مبينه طور تي انهيءَ برگيڊ سان تعلق رکن ٿا جنهن سان واپڊا چيئرمين لاڳاپيل هيو. انهن سمورن ماڻهن کي ڳچ مالي فائدا ۽ سهولتون ڏنيون ويون آهن، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته حڪومت پاران واپڊا کي اهڙا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏنل ئي نه آهي.

ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود دستاويز ن مطابق، نون ڀرتي ٿيلن جي جٿي ۾ برگيڊيئر (ريٽائرڊ) اختر عباس جنجوعا (بي پي ايس 20) بطور واپڊا چيئرمين جو پي ايس او، برگيڊيئر (ريٽائرڊ) صهيب تقي (بي پي ايس 20) جنرل مئنيجر لينڊ اڪيوزيشن، نجيب احمد ترڪ (واحد سولين آفيسر بي پي ايس 20) ايڊوائيزز آن پروڪيورمينٽ اينڊ ڪليئرنس، ليفٽيننٽ ڪرنل (ريٽائرڊ) عبدالغفار خان بابر سرفرازي (بي پي ايس 19) ايڊوائيزر ٽو اٿارٽي آن داسو هائيڊل پاور پروجيڪٽ لينڊ اڪيوزيشن، ليفٽيننٽ ڪرنل (ريٽائرڊ) طاهر راجا (بي پي ايس 19) ايڊوائيزر ٽو اٿارٽي آن سيڪيورٽي آف تربيلا ڊيم، ليفٽيننٽ ڪرنل (ريٽائرڊ) محسن علي (بي پي ايس 19) ڊائريڪٽر اسپورٽس ٽريننگ، ليفٽيننٽ ڪرنل (ريٽائرڊ) افضال احمد (بي پي ايس 19) ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ، ميجر (ريٽائرڊ) حسن شڪيل خان (بي پي ايس 18) ايڊوائيزر ٽو اٿارٽي آن سوشل اينڊ ريسيٽلمينٽ ورڪس ايٽ داسو، ميجر (ريٽائرڊ) فيصل جاويد (بي پي ايس 18) ڊپٽي ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ۽ ميجر (ريٽائرڊ) علي زيدي (بي پي ايس 18) ڊپٽي ڊائريڪٽر سيڪيورٽي شامل آهن.

مٿي ڄاڻايل عهدن تي جيڪي ڀرتيون ڪيون ويون آهن انهن مان 05 پوسٽن، جن ۾ بي پي ايس 20 جون ٽي ۽ بي پي ايس 19 جون ٻه پوسٽون شامل آهن، لاءِ آفيسر ڀرتي ڪرڻ بابت ڪنهن به قومي سطح جي اخبار ۾ اشتهار شايع نه ڪرايو ويو، جنهن ڪري نظر اچي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ قومي ادارن اندر ڀرتيون ڪرڻ وقت قابليت ۽ شفافيت قائم رکڻ توڙي حڪومت پاران ڪانٽريڪٽ تحت ڀرتيون ڪرڻ بابت جيڪا پاليسي لاڳو ڪيل آهي، ڄاڻايل ڀرتين ڪرڻ وقت انهن ٻنهي نقطن کي چٽيءَ ريت نظرانداز ڪيو ويو.

دستاويزن مان معلوم ٿيو آهي ته انهن کان علاوه پنجن عهدن تي آفيسرن جي ڀرتي اشتهار شايع ڪرائڻ کانپوءِ ڪئي وئي پر ڀرتيون اين ٽي ايس جي ٽيسٽ کانپوءِ ڪرڻ واري شرط تي عمل ڪرڻ کانسواءِ ئي ڀرتين جو عمل مڪمل ڪيو ويو.

اعليٰ عملدارن جي بدنيتي انهيءَ حقيقتن وسيلي ظاهر ٿي رهي آهي ته برگيڊيئر (ريٽائرڊ) صهيب تقيءَ کي جنرل مئنيجر لينڊ اڪيوزيشن جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو پر اداري ۾ اهڙي مقرريءَ جي ڪا ضرورت ئي نه هئي. اهو ئي سبب آهي ته بعد ۾ سندس مقرريءَ کي تبديل ڪندي کيس جنرل مئنيجر هيومن ريسورس ڊولپمينٽ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ کيس مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن جي ذميواري به ڏني وئي، اها ريگيولر انتظامي آسامي آهي جنهن تي پاڪستان ايڊمنسٽريشن سروس (پي اي ايس) سان لاڳاپيل بي پي ايس 21 جو آفيسر اڳواٽ مقرر ٿيل هيو.

دستاويزن مان پتو پيو آهي ته، ڄاڻايل آفيسر مٿان ذمو رکيو ويو ته هو ”ميڊيڪل ڪاليج“ قائم ڪندو پر جنهن قانون مطابق واپڊا قائم ٿيو آهي ان قانون مطابق نه ته اهڙو ڪاليج قائم ڪرڻ واپڊا جي ذميواري آهي ۽ نه ئي هن اداري کي اهڙو ڪو اختيار حاصل آهي. نون ڀرتي ٿيل 10 آفيسرن کي مراعتن ۽ سهولتن جي مد ۾ واپڊا هر مهيني 32 لک روپيا ادا ڪري رهي آهي.

عوامي فنڊن جو زيان

وفاقي حڪومت پاران سٺي انتظامي عملداريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي مقصد تحت سمورن شعبن جا عوامي فنڊ ڪتب آڻڻ جي سلسلي ۾ ڪفايت شعاري (بچت) وارا قدم کڻڻ ۽ فنڊن جو استعمال ڏاهپ ڀرئي انداز سان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو، پر واپڊا ۽ ان جي سربراهه وٽ ان پاليسيءَ جي ڪا به اهميت نه آهي ڇاڪاڻ ته اداري پاران واپڊا هائوس لاهور ۾ سموري ساز ۽ سامان جي موجودگيءَ ۽ ڪسرت لاءِ ڪتب ايندڙ جديد اوزارن وارو هڪ جمنازيم قائم ڪيو ويو آهي.

ڪسرتون ڪرڻ لاءِ گھربل سامان جي خريداريءَ لاءِ واپڊا پاران 50 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن ۽ جمنازيم جي مرمت، ايل اِي ڊي ٽي وي، جديد سائونڊ سسٽم لڳائڻ تي 15 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود دستاويزن مان معلوم ٿيو آهي ته، واپڊا جو چيئرمين پنهنجي لاهور واري آفيس ۾ گھٽ ئي ويهندو آهي پر سندس ذاتي جسماني صحت خاطر واپڊا هيڊ آفيس ۾ صرف چيئرمين جي استعمال خاطر جمنازيم قائم ڪرڻ مٿان عوامي خزاني مان 65 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن. جديد ساز و سامان ۽ سهولتن وارو جمنازيم قائم ڪرڻ ان ڪري به انتهائي حيرت انگيز آهي ڇو ته ڪوٽ لکپت واري علائقي ۾ واپڊا جو راندين وارو ڪامپليڪس موجود آهي جتي جِم واريون هڙئي سهولتون اڳواٽ ئي موجود آهن.

پارليامينٽ پاران منظور ڪيل هڪ ايڪٽ آف پارليامينٽ جي نتيجي ۾ 1958 ڌاري واپڊا خودمختيار ۽ قانوني اداري طور وجود ۾ آيو، جنهن مٿان وفاقي حڪومت جو انتظامي ڪنٽرول رهندو آهي. هي ادارو هڪ چيئرمين ۽ ٽن ميمبرن (ميمبر واٽر، ميمبر پاور ۽ ميمبر فنانس) تي مشتمل هوندو آهي. 2007 ۾ هن اداري جي ملازمن جو ڪل تعداد هڪ لک 75 هزار هيو ۽ ادارو ٻن ڀاڱن واپڊا ۽ پاڪستان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (پيپڪو) ۾ ورهايل هيو. اداري کي نئين سِري سان ترتيب ڏيڻ وقت واپڊا کي پاڻيءَ ۽ هائيڊرو پاور وارن وسيلن مٿان سمورا اختيار ڏنا ويا. جنهن ڪري اداري جي ملازمن جو تعداد گھٽجي 17 هزار ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته باقي سمورا ملازم پيپڪو جي انتظام هيٺ ڏنا ويا.

پيپڪو مٿان ٿرمل بجليءَ جي پيداوار، بجليءَ جي پهچ (ٽرانسميشن) ورڇ (ڊسٽريبيوشن) ۽ بلن جي اوڳاڙيءَ وارو ذمو رکيو ويو. پيپڪو بجلي سپلاءِ ڪندڙ 09 ڊسڪوز ڪمپنين ۽ بجلي پيدا ڪندڙ 04 جينڪوز ڪمپنين ۽ هڪ نيشنل ٽرانسميشن ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) سان لاڳاپيل سمورن معاملن کي سنڀالڻ جو ذميوار ادارو پڻ آهي. سرڪاري ويب سائيٽ تان معلوم ٿيو آهي ته، اهي ڪمپنيون آزاد نوعيت وارن بورڊ آف ڊائريڪٽرز تحت ڪم ڪري رهيون آهن.

چيئرمين واپڊا جي زوردار خواهش تحت واپڊا انتظاميا، اختيار نه هجڻ باوجود لاهور ۾ 100 شاگردن لاءِ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. سرڪاري دستاويزن مان پتو پيو آهي ته، ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ واري مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جوڙيندي ان وسيلي ماهوار 03 لک روپيا پگھار کڻندڙ هڪ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر به مقرر ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ واپڊا عملدارن پاڪستان اندر ميڊيڪل جي تعليم ڏيڻ وارن ادارن جي رجسٽريشن ڪندڙ اداري پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي اختيارين سان هڪ گڏجاڻي پڻ ڪئي جنهن ۾ جديد سهولتن واري ميڊيڪل ڪاليج جو خاڪو پيش ڪيو ويو ان خاڪي مطابق واپڊا جو ميڊيڪل ڪاليج 50 هزار اسڪوائر فوٽن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هوندو ۽ ان ۾ 5 سو بسترن واري اسپتال به قائم ڪئي ويندي.

چيئرمين واپڊا جهڙيءَ ريت واپڊا فائونڊيشن جي فنڊن (8 سو ملين روپين تي مشتمل) مان 5 سو ملين روپيا ميڊيڪل اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ منتقل ڪيا آهن اهو عمل غيرقانوني آهي ۽ واپڊا ايڪٽ جي شق 08 تحت کيس اهڙو اختيار ئي حاصل نه آهي. سرڪاري دستاويزن مطابق، ميڊيڪل اسڪول قائم ڪرڻ واري منصوبي جو مقصد پنهنجي ويجهن ماڻهن کي نوازڻ ۽ اختيارن کي اورانگهيندي عوامي فنڊ شاهاڻي انداز سان خرچڻ آهي.

واپڊا چيئرمين پاران سني ويو سائيٽ تي واقع سموريون آفيسون خالي ڪرائي انهيءَ سائيٽ کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، سني ويو سائيٽ جي ايراضيءَ بابت اندازو لڳايو ويو آهي ته اها 30 هزار اسڪوائر فوٽن تي پکڙيل آهي. انهيءَ علائقي ۾ موجود واپڊا جي سمورين آفيسن کي ڪرائي جي جڳهن ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي خالي ٿيل آفيسن جي ضروري مرمت کان علاوه مختصر وقت دوران وڌيڪ جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽيل جي مدد سان نيون عمارتون تعمير ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو،

واپڊا اختيارين وٽ اهڙو ڪو به دليل نه آهي جنهن تحت اهڙا ڪم ڪرڻ کي جائز قرار ڏياري سگھجي. سني ويو سائيٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عمارتن جي مرمت ۽ آرائش تي لکين رويپن خرچ ڪيا ويا آهن. واپڊا جي جيڪا 250 بسترن واري اسپتال موجود آهي (۽ ان اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو تعداد 70 سيڪڙو هوندو آهي) ان بابت چيئرمين حڪم ڏنو آهي ته انهيءَ اسپتال جي تهه خاني ۾ اضافي 250 بيڊ رکڻ جي سهولت پيدا ڪئي وڃي. واپڊا جي هڪ عملدار تصديق ڪئي آهي ته، عملي طور تي ايئن ڪرڻ ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي.

وزيراعظم طرفان واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود کي آگسٽ 2016 ۾ منصوبن تي هلندڙ ڪم جي رفتار سست هجڻ، خراب ڪارڪردگي، ڪوتاهين ۽ نيلم جهلم رٿا، داسو، تربيلا ۽ ڪڇي ڪينال جي اڏاوت وارن منصون ۾ ٿيندڙ دير وارن سببن جي ڪري هٽايو ويو (ظفر محمود جي دعويٰ آهي ته هن استيعفيٰ ڏني هئي). ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود دستاويزن مطابق، ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) مزمل حسين کي نئون چيئرمين مقرر ڪندي مٿس ذميواري رکي وئي ته هو مٿي ڄاڻايل سمورن منصوبن کي طئي ڪيل وقت اندر مڪمل ڪندو ته جيئن حڪومت پاران لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو جيڪو واعدو عوام سان ڪيو ويو آهي ان کي 2018 جي عام چونڊن کان اڳ پورو ڪري سگھجي.

جڏهن ته عهدي تي مقرر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ مٿان رکيل ذميوارين کان رخ ٻئي طرف موڙيندي چيئرمين پاران سمورو ڌيان ان کان وڌيڪ پرڪشش معاملي ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ تي ڏنو پيو وڃي، جيڪو واپڊا کي مليل ذميوارين ۽ اختيارن سان پڻ مطابقت نه ٿو رکي. جڏهن ته چيئرمين سمورو وقت اسلام آباد ۾ گذاري ٿو ۽ اتان کان ئي سمورن منصوبن جي تعميراتي ڪم ۽ مشينن لڳائڻ واري ڪم جو سڌيءَ ريت جائزو وٺندو رهي ٿو.

رابطو ڪرڻ تي واپڊا جي ترجمان پاران چيو ويو ته ”واپڊا جيئن ته هڪ خودمختيار ادارو آهي ان ڪري اداري ۾ نيون ڀرتيون اداري کي حاصل اختيارن آڌار ڪيون ويون آهن. جڏهن ته واپڊا پاران پنهنجي لاهور واري هيڊ آفيس واپڊا هائوس جي حدن اندر ئي ڪسرت ڪرڻ واري سهولت اداري جي آفيسرن جي سهولت خاطر قائم ڪئي وئي آهي ڇو ته اهي اڪثر ڪري مقرره وقت کانپوءِ به پنهنجي پنهنجي ڪمن کي پورو ڪرڻ خاطر آفيس اندر ڪم ڪرڻ ۾ مصروف رهندا آهن“.

ترجمان جو چوڻ هو ته ”واپڊا جا منصوبا سڄي ملڪ ۾ ڦهليل آهن ۽ اڪثر منصوبا اترين علائقن ۾ هلندڙ آهن. موجوده چيئرمين انهن منصوبن تي هلندڙ ڪم وارين جڳهن جا طوفاني دورا ڪندو رهي ٿو جڏهن ته هو پنهنجو وقت اعليٰ حڪومتي اختيارين ۽ شراڪت دارن سان منصوبن متعلق گڏجاڻيون ڪندي به گذاري ٿو. جڏهن ته باقي بچندڙ وقت دوران هو واپڊا هائوس لاهور ۾ موجود رهندو آهي ته جيئن پنهنجو ڪم اڪلائي سگھي ان مقصد خاطر هو نه صرف نوڪريءَ وارن ڏينهن پر موڪل وارن ڏينهن ۾ به پنهنجي آفيس اندر موجود هوندو آهي“.

واپڊا جي ترجمان پاران اهو به چيو ويو ته ”واپڊا پاران سموري ملڪ اندر پنهنجي ملازمن ۽ انهن جي خاندانن جي ڀلائيءَ خاطر صحت جي سار سنڀال وارو هڪ بهترين نظام قائم ڪيو آهي. واپڊا مٿان ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽيءَ تحت جيڪي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون واپڊا انهيءَ مقصد تحت معاشري اندر صحت جي بهتر سهولتن کي ترقي وٺرائڻ وارو عمل جاري رکندي پئي اچي ۽ اداري وٽ جيڪي سهولتون موجود آهن انهن کي ئي ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ خاطر استعمال ڪيو پيو وڃي. اهو پڻ ياد رکيو وڃي ته واپڊا فائونڊيشن به واپڊا جو ذيلي ادارو آهي ۽ ان جي آمدنيءَ کي به عام ڀلائيءَ وارن مقصدن خاطر استعمال ڪيو پيو وڃي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here