لاهور: ڪڻڪ جي پيدوارا مٿان پوندڙ موسمي تبديلين جي اثر کي گھٽائڻ جي سلسلي ۾ موزون قدم کڻڻ بابت پاڪستاني حڪومت جو لاپرواهيءَ تي ٻڌل رويو ايندڙ ڏهاڪن دوران ملڪ اندر خوراڪ جي شديد قلت جو سبب بڻجي سگھي ٿو ڇاڪاڻ ته موسمي تبديلين جي ڪري بارشن ۽ دريائي پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ نمايان تبديلي اچي رهي آهي.

پاڪستاني معيشت جو سڄو دارومدار زراعت تي آهي. 2016 ۾ جاري ٿيل پاڪستان اڪنامڪ سروي مطابق، ڪڻڪ جي پوکيءَ واري زمين هڪ اندازي موجب 09 هزار 45 هيڪٽرن تي ڦهليل آهي ۽ ڪڻڪ جي في هيڪٽر پيداوار تفاوتي شرح موجب 26 سو ڪلوگرام کان 27 هزار 500 ڪلوگرام آهي. ان کان علاوه پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي في ماڻهو واهپي جي شرح 120 ڪلوگرام آهي جنهن ڪري خوراڪ طور ڪتب ايندڙ هن فصل جي اهميت اڃان به وڌي وڃي ٿي.

ڪڻڪ جي آمدني ڏيڻ واري فصل جي پوکي روايتي طور تي ميداني علائقن ۾ سياري جي مند دوران ڪئي ويندي آهي، پوکيءَ خاطر آڪٽوبر کان نومبر جي وچ واري وقت کي ترجيح ڏني ويندي آهي. دريائي پاڻيءَ جي وهڪرن، بارشن جي مند ۽ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي صدين کان انهيءَ مند دوران ئي ڪڻڪ جي پوکي ڪئي ويندي آهي. موسميات واري کاتي جي ويب سائيٽ تان هٿ ڪيل ماضيءَ جي رڪارڊ مطابق، سردين ۾ ٿيندڙ بارشن جو سلسلو نومبر کان شروع ٿيندو آهي ۽ ڊسمبر تائين جاري رهندو آهي. جڏهن ته هاڻي انهيءَ رجحان ۾ واضح تبديلي مشاهدي هيٺ آئي آهي.

پاڪستان موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر غلام رسول ٻڌايو ته ”ويجهي ماضيءَ دوران آبهوا ۾ آيل تبديليءَ سبب موسمي اثرن ۾، انتهائي حيرت انگيز نه سهي پر واضح تبديلي مشاهدي هيٺ آئي آهي. انهن تبديلين مان هڪ ملڪ اندر سرديءَ جي موسم ۾ آيل ڦيرو به شامل آهي. پاڪستان ۾ سرديءَ جي مند عام طور تي آڪٽوبر جي وچ کان شروع ٿيندي هئي ۽ ڊسمبر کان جنوريءَ تائين اها پنهنجي انتها کي وڃي رسندي هئي جڏهن ته هلڪي گرميءَ واري بهار جي مند فيبروريءَ جي آخر کان شروع ٿي مارچ مهيني تائين برقرار رهندي هئي. جڏهن ته صورتحال هاڻي گھڻي تبديل ٿي چڪي آهي“.

گذريل ٻن ڏهاڪن دوران موسمن جي ڦيري ۾ ڪهڙيءَ ريت ٺوس تبديليون آيون آهن ڊاڪٽر غلام رسول انهن جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ”سرديءَ جي مند ۾ پوندڙ برساتن جي سلسلي ۾ دير وارو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي. هاڻي سردين جي موسم جنوريءَ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي عروج تي هوندي آهي جڏهن ته بارشن جو سلسلو فيبروريءَ جي آخري ۽ مارچ جي ابتدائي ڏينهن ۾ پوڻ شروع ٿيندو آهي“.

هن وڌيڪ واضح ڪيو ته هو انهيءَ حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف آهي ته اڄوڪي وقت ۾ ڪڻڪ اسانجي لاءِ اهم ترين فصل آهي پر اهم ترين نُڪتو اهو به آهي ته ملڪ اندر مُون سُون جي موسم جو سڄو ڦيرو ئي نه صرف تبديل ٿي رهيو آهي پر اهي بارشون هاڻي اتر اوڀارين حصي ۾ وڌيڪ پئجي رهيون آهن. اهو ڊيڄاريندڙ رجحان آهي جيڪو چانورن جي فصل جي پيدوارا تي به منفي اثر وجهڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

ڪڻڪ پنهنجي خاصيت جي اعتبار کان سي ٿري نوعيت جو فصل آهي. اهڙين خاصيتن وارا فصل ٻين جي ڀيٽ ۾ موسمي تبديلين جو وڌيڪ اثر قبول ڪندا آهن. چانورن ۽ جَو جو فصل به، فصلن جي انهيءَ درجي بنديءَ ۾ شامل آهن.

اهڙي ماحول ۾ جڏهن قدرتي آبهوا تي نظر رکندڙ اعليٰ آفيسر پريشانيءَ ۾ ورتل آهن اتي ئي اهڙا عملدار به موجود آهن جن کي ان جي ڪا گھڻي پرواهه نه آهي.

موسمي تبديلين بابت، ڪڻڪ پوکيندڙ هارين ۽ ڪڻڪ جي آبادگارن جي تنظيم جي صدر چوڌري حامد ملهيءَ جو موقف وري انتهائي مختلف آهي. هن چيو ته ”سردين جي موسم دير سان شروع ٿيڻ سبب حقيقت اها آهي ته ڪڻڪ جي فصل کي فائدو ٿي رهيو آهي. سرديءَ جي موسم ۾ آيل ڦيري ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ گھِم سبب ڪڻڪ جي فصل کي وڌيڪ فائدو ٿئي ٿو. موسمن ۾ آيل اها تبديلي گھڻي نقصانڪار نه آهي“.

هن اهو پڻ چيو ته ”مان انهيءَ ڳالهه سان سهمت نه آهيان ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ٿي سگھي ٿي ڇاڪاڻ ته حڪومت انهيءَ فصل لاءِ سبسڊي (امدادي اگھ) ڏئي رهي آهي جنهن جي ڪري آبادگار اهو فصل وڌ کان وڌ پوکڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڪڻڪ جي پيداوار جي حوالي کان به ڪي مسئلا درپيش نه آهن حقيقت ۾ ته ڪڻڪ جي في ايڪڙ پيداوار بهتر ٿي آهي.

موسميات کاتي جي سربراهه پاران جن خطرن جو اظهار ڪيو ويو آهي ان جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن جي اڳواڻ جي راءِ مڪمل مختلف هجڻ واري مونجهاري پيدا ٿيڻ کانپوءِ صورتحال جو درست اندازو لڳائڻ خاطر زرعي يونيورسٽي فيصل آباد جي پروفيسر ۽ واشنگٽن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي انتطام هيٺ هلندڙ ”ايگ ويدر نيٽ“ ۾ وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر فهد رسول سان رابطو ڪيو ويو. ڊاڪٽر فهد رسول ”ناموزون حالتن ۾ فصلن جي انتظام ڪاريءَ“ متعلق ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن.

هن جو چوڻ هو ته ”موسمن جي ڦير گھير گھڻو ڪري ته هوريان هوريان يا وري تڪڙي رجحان تحت جاري رهندي آهي، اهڙي حقيقت کان اڻڄاڻ رهندڙ هارين لاءِ اها ڳالهه خساري جو سبب بڻجي پوندي آهي. معلومات/ڄاڻ جي اهڙي کوٽ خطري وارو عمل به بڻجي سگھي ٿو. پاڪستان اندر موسمن ۾ تبديلي وڏي پيماني تي نه پر ٿوري فرق سان سامهون اچڻ شروع ٿي آهي ۽ اها واضح طور تي اثر انداز ٿيڻ واري حالت ۾ پسي سگھڻ جهڙي آهي“.

ڊاڪٽر فهد سمجهاڻي ڏيندي ٻڌايو ته ”دير سان ايندڙ سياري ۽ برساتن جي مند جو مطلب اهو آهي ته برساتن تي ڀاڙيندڙ ۽ دريائي پاڻيءَ جي وهڪرن تي ٿيندڙ ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيندو. ملڪ جي مجموعي ڪڻڪ پيداوار مان برساتن جي مدد سان 20 سيڪڙو ڪڻڪ پوکي ويندي آهي، برساتن وسيلي اسرندڙ اهڙي 20 سيڪڙو ڪڻڪ جي پيداوار ۾ سالن پڄاڻان، گھٽ بارشون پوڻ سبب فصل کي جڏهن پاڻيءَ جي ضرورت هوندي ۽ اهو نه ملندو ته پوءِ گھٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.

جڏهن ته برساتون ان وقت پوڻ لڳنديون جڏهن فصل جي ڪٽائيءَ وارو وقت عروج تي هوندو ان وقت برساتن جو پوڻ نقصان ڏيندڙ ٿي پوندو“.

صورتحال متعلق وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي هن چيو ته ”موسمن ۾ ايندڙ اهڙي تبديلي سرديءَ ۾ پوکجندڙ فصلن لاءِ ٻه رخو خطرو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جي انهيءَ فصل کي به نقصان ٿيندو جيڪا واهن وسيلي ملندڙ دريائي پاڻيءَ تي اُپائي ويندي آهي. ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ پاڪستان ۾ 26 ايم اي ايف پاڻي دستياب هوندو آهي جيڪو عام ضرورتن مطابق گھرج کان 28 سيڪڙو گھٽ آهي. سرديءَ جي موسم ۾ ٿيندڙ برساتن ۾ ڦيري جو هڪ مطلب اهو به هوندو ته سال جي انهن ڏينهن ۾ برفاني گليشيئر پگھرجڻ جو عمل سُست ٿي پوندو ان جي نتيجي ۾ دريائي پاڻيءَ جي وهڪرن تي آباد ٿيندڙ زمينن کي به پورو پاڻي ملي نه سگھندو ۽ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي پوندي“.

سردين جي مند ۾ آيل ڦيري پنهنجا اثر هاڻي کان ئي ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پهاڙن تي پوندڙ برف جي پِگهرڻ جو عمل سُست ٿي چڪو آهي. موسميات کاتي جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح خطري واري سطح تائين گھٽ ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ذخيري منگلا ڊيم ۾ به پاڻيءَ جي سطح تري تي پهچي چڪي آهي ۽ مارچ مهيني جي آخر ڌاري اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو مثال اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ويو.

ڊاڪٽر فهد رسول انهيءَ شعبي سان لاڳاپيل اڪيلو ماهر نه آهي جنهن اهو تسليم ڪيو هجي ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان خوراڪ جي قلت واري صورتحال ڏانهن اڳتي وڌندو پيو وڃي.

اولڊنبرگ جي ڪارل وون اوزيئسڪي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ ۽ ”پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار مٿان موسمي تبديلين جا اثر“ نالي ڪتاب لکندڙ پروفيسر ڊاڪٽر پرويز زمرد جنجوعا کي به يقين آهي ته ”پاڪستان جي ڪڻڪ جي پيداوار خطرن ۾ آهي.

پروفيسر جنجوعه تفصيلي راءِ ڏيندي چيو ته ”زرعي پيداوار تي اثر انداز ٿيندڙ موسمي تبديلين جي مکيه عنصرن ۾ بارشن جو رجحان، گرمي پد ۾ واڌ، برفباري ۽ فصلن جي پوکيءَ وارن وقتن ۾ تبديلي، پاڻيءَ جي دستيابي، پاڻيءَ جي ٻاڦ بنجڻ واري عمل ۽ زمين جي فصلن لاءِ تيار هجڻ وارا محرڪ اهميت جوڳا آهن. زرعي پيداوار جي کوٽ جو مقابلو ڪندي فصلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انهن جي تياريءَ لاءِ گھربل وقت جي مدي ۾ گھٽتائي آڻڻ جي حوالي کان زراعت سان لاڳاپيل آبهوا ۾ تبديليءَ جا اثر به اهميت جوڳا آهن.

جيتري ايراضيءَ تي ڪڻڪ جي پوکي ڪئي وڃي ٿي موسمي تبديلين جي اثر جو جائزو وٺڻ کانپوءِ چئي سگھجي ٿو ته ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 30 کان 34 سيڪڙو گھٽتائي ٿي سگھي ٿي. يا هڪ عام ماڻهوءَ جي اصطلاح مطابق ڪڻڪ جي پيداوار هڪ چوٿائي حصو گھٽجي ويندي. ملڪ جي آباديءَ ۾ واڌ واري 02 سيڪڙو تناسب کي سامهون رکي ڏسبو ته ڪڻڪ جي کوٽ وڌي 50 سيڪڙو ٿي پوندي“.

ملڪ ۾ ڪڻڪ جي جيتري پيداوار حاصل ٿئي ٿي ان مان 70 سيڪڙو پنجاب مان حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ حڪومت جي ادارن پاران انهيءَ عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته اهي انهيءَ صورتحال کان واقف آهن ۽ موسمي تبديليءَ کي نظر ۾ رکندي پرڳڻي اندر خوراڪ وارن فصلن جي پيداوار بهتر بنائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان هوندي به احتياطي تدبيرون وٺڻ جي سلسلي ۾ هارين ۽ آبادگارن سان رابطا ڪري عملي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ سندن ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان موجود آهن.

پنجاب جي ضلعي ميانواليءَ جي علائقي شيرمان سان تعلق رکندڙ ڪڻڪ جي آبادگار زڪاءُ الله خان نيازيءَ ٻڌايو ته ”اسان ڪنهن به سرڪاري ڪاموري کي پنهنجي علائقي جو دورو ڪندي ناهي ڏٺو جيڪو هتي اچي اسانکي موسمي تبديليءَ جي اثرن کان بچڻ جا مفيد مشورا ڏئي. حڪومت جو ڌيان صرف ۽ صرف ان ڳالهه تي آهي ته ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ مالي فائدن جا اعلان ڪندي رهي. اهڙا مالي فائدا ڏيڻ به منجهيل ۽ پريشان ڪندڙ معاملو آهي ان جي ڪري ئي مان پنهنجي ڪڻڪ نجي واپارين کي وڪڻڻ تي مجبور رهندو آهيان“.

پنجاب جي زراعت واري سيڪريٽريءَ محمد محمود سان رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هيو ته ”مان ۽ منهنجي سموري ٽيم موسمي تبديلين جي اثرن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ۽ ان حوالي کان اسان هڪ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني آهي“. آبادگارن ۽ هارين پاران جيڪي حقيقتون واضح ڪيون ويون آهن انهن جي برعڪس زراعت واري سيڪريٽريءَ اهو پڻ چيو ته اسانجو کاتو هارين کي واٽس ايپ وسيلي مفيد مشورا اماڻيندو رهي ٿو جڏهن ته هارين سان رابطي جو هڪ خصوصي پروگرام به شروع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته زراعت کاتي پاران ڪڻڪ جي پوکي ۽ لاباري بابت موسمن ۾ آيل تبديليءَ کي ذهن ۾ رکندي نئون ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي. ان هوندي به جڏهن زراعت کاتي جي لاڳاپيل شعبي جي سربراهه کان نئون ڪيلينڊر مهيا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي ته لاڳاپيل آفيسر جواب ۾ چيو ته هو نئون ڪيلينڊر ان ڪري مهيا ڪري نه ٿو سگھي ڇو ته ان تي اڃان ڪم هلي رهيو آهي.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.