بلوچستان ۾ ٻار ڄڻڻ موت سان مقابلي ڪرڻ برابر

0
1278

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ موت جي مُنهن ۾ وڃڻ برابر ٿي پيو آهي. ڳورهارين عورتن خاطر صحت جي سهولتن جي اڻهوند، ڏورانهن علائقن اندر ڊگهن فاصلن تي ڦهليل آبادي ۽ انهن ثقافتي بندشن جن جي ڪري ٻار ڄڻڻ وقت عورت کي ڊاڪٽرن کان پري رکيو ويندو آهي، اهڙا سبب آهن جن جي ڪري بلوچستان اندر ٻارن کي جنم ڏيندڙ هڪ لک عورتن مان پهريون ڀيرو ماءُ بڻجندڙ 785 عورتون موت جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.

مائرن جي موت جي اها شرح ”ميٽرنل نيوناٽل اينڊ چائلڊ هيلٿ رپورٽ 2012“ تحت رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي سال دوران ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٻار ڄڻڻ وقت فوت ٿيندڙ عورتن جي شرح جي ڀيٽ ۾ بلوچستان جي شرح اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ملڪ جي باقي علائقن ۾ ٻارن کي جنم ڏيندڙ هڪ لک عورتن مان 297 فوت ٿين ٿيون.

2015 ۾ عالمي اداري يونيسيف پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، بلوچستان جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي وڌيڪ آهي، جڏهن ته ٻار کي جنم ڏيڻ وقت فوت ٿيندڙ عورتن جي عالمي سطح واري شرح مطابق هڪ لک مان 216 عورتن جو موت واقع ٿئي ٿو. يونيسيف پاران تازو ڄاول ٻارن ۽ سندن مائرن جي صحت متعلق گڏ ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿيو آهي ته صرف نائيجيريا، سيراليون ۽ ڏکڻ سوڊان اهي ملڪ آهن جتان جي شرح بلوچستان کان وڌيڪ آهي. 2015 جي انگن اکرن موجب، پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ ٻار جي پيدائش وقت هڪ لک عورتن مان 396 عورتون دم ڌڻيءَ حوالي ڪن ٿيون. اهڙيءَ ريت ڀارت ۾ اها شرح في هڪ لک جي مناسبت سان 174 آهي.

45 سالن جي صادقه 11 هين ٻار کي جنم ڏيڻ وقت پنهنجي زندگيءَ جي مشڪل ترين تجربي کي برداشت ڪيو. هن جا جاڙا ٻار اڃان پيدا به نه ٿيا هئا ته حمل دوران ئي کيس شديد ٿڪاوٽ ۽ بخار رهندو پئي آيو ان باوجود به کيس علاج جي ڪا سهولت ميسر نه ڪئي وئي.

هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”حمل واري سڄي سال دوران مون پاڻ کي ڪمزور محسوس پئي ڪيو، مونکي پنهنجو جسم بخار ۾ تپيل لڳندو هيو. مٿي کي چڪر اچڻ جي ڪري مان محسوس ڪندي هئس ته اجهو زمين تي ڪري پوندس، پر ڪنهن به منهنجي پرگهور نه لڌي. ڪمزور هجڻ جي ڪري منهنجي پيدا ٿيڻ وارن ٻارن تي به منفي اثر پيا“.

صادقه جيان ئي سموري بلوچستان جون هزارين عورتون حمل وارن ڏهاڙن دوران پنهنجي زندگيءَ جي اهڙي مشڪل ترين مرحلي مان گذرنديون رهن ٿيون. ان هوندي به موجوده وقت ۾ حاملا عورت کي ڊاڪٽر وٽ علاج خاطر وٺي وڃڻ کي پيسي جو زيان ۽ عزت مٿان داغ تصور ڪيو ويندو آهي. سخت گير رواجن موجب انهيءَ اصول تي عمل ڪيو ويندو آهي ته ڄم ۽ موت گھر ۾ ئي ٿيڻ گھرجي.

حمل وارين عورتن کي ٻار جي پيدائش خاطر جيڪڏهن اسپتال آندو به ويندو آهي ته خاندان جا باقي سمورا ڀاتي به هن سان گڏ اسپتال طرف پنڌ پئجي ويندا آهن ڇو ته اسپتال ۾ ٿيندڙ ويم جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته عورت جي حياتي داوَ تي لڳل آهي. اسپتال جي ميٽرنٽي وارڊ واريءَ گھٽيءَ ۾ ڳورهارين عورتن جي اهڙن مائٽن جو هجوم موجود رهندو آهي.

صوبائي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا جي سول اسپتال اندر روايتي پشتون ۽ بلوچي پوشاڪ ۽ پٽڪن وارا ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي ڪڇ ۾ کڻي گھمندا رهندا آهن يا پٽ تي ڪمبل ۽ ننڍا وهاڻا وڇائي ستا پيا هوندا آهن. اسپتال جي ميٽرنٽي وارڊ کي هو ڄڻ ته پنهنجو ٻيو گھر بڻائي وٺندا آهن ۽ بس اهو ئي انتظار ڪندا آهن ته سندن خاندان جي عورت وٽ ٻار جي پيدائش ٿئي.

اسپتال جي ميٽرنٽي هوم اندر ڀاڄائيءَ جي پير لهڻ جو انتظار ڪندڙ جميل ڪاڪڙ نالي هڪ شخص ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ته ”اسانجي ماڻهن کي ٻار پيدا ڪرڻ کان علاوه ٻي ڪا تفريح به ته ميسر نه آهي نه“.
اسپتال ۾ روزانو ڪيترين ئي عورتن جي ويم بابت انتظام ڪيا وڃن ٿا. حد ته اها به آهي جو عورتون اسپتال ايندي ايندي رڪشائن ۾ ٻارن کي جنم ڏين ٿيون.

جميل ڪاڪڙ اهو به چيو ته ”اسان اُمت ۾ اضافو ڪرڻ واري قول تي ته عمل ڪندا رهون ٿا پر اسان پنهنجي عورتن ۽ مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي ڪا به پرگھور نه ٿا لهون“. بلوچستان جي صحت واري وزير رحمت صالح بلوچ جي راءِ هئي ته صوبي ۾ 2012 کانپوءِ ويم دوران فوت ٿيندڙ عورتن جي شرح ۾ گھٽتائي آئي آهي، جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪي به انگر اکر مهيا نه ڪيا ويا.

صوبائي وزير چيو ته ”حياتي بچائڻ وارين دوائن جي پهچ 16 سيڪڙو کان وڌائي 64 سيڪڙو تائين آندي وئي آهي. جڏهن ته گوادر، پنجگور، واشُڪ ۽ صوبي جي ٻين سمورن علائقن جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن اندر گذريل 25 سالن کان آپريشن وسيلي ٻار جي پيدائش نه ڪرائي ويندي هئي پر هاڻي اسان انهن اسپتالن ۾ نه صرف ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪري رهيا آهيون پر ان سان گڏ ئي ميٽرنٽي هومز کي به فعال ڪري رهيا آهيون“.

ان هوندي به ڪوهلو ۽ سبيءَ جهڙن علائقن ۾ نه ته ميٽرنٽي هوم آهن ۽ نه ئي ڪي ڊاڪٽر به نه آهن جن کي هنگامي طور تي گھر گھرائي سگھجي، ان کان علاوه ڏورانهن علائقن ۾ ته اهڙيون ڪي جڳهون به نه آهن جتي پهتل ڊاڪٽر گھڻو وقت لڳي وڃڻ جي صورت ۾ رات گذاري سگھي. اهڙن علائقن ۾ ته ماهر ليڊي هيلٿ ورڪرز به ناهن هونديون جيڪي ويم جا مناسب انتظام ڪري سگھن.

سينئر گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر ساجده مريءَ نيوز لينز کي ٻڌايو ته ”حمل وارين عورتن جو علاج ڪرڻ لاءِ ڪو به موجود نه آهي. حڪومت صرف اشتهار هلائي ٿي پر عملي طور تي ڪا به سهولت موجود نه آهي“.

ڊاڪٽر ساجده چيو ته، ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ جاڳرتا ڦهلائڻ، بهتر خوراڪ توڙي ايمبولينسون مهيا ڪرڻ، پابنديءَ سان ڪم ڪرڻ وارا گائناڪالاجي يونٽ ۽ ميٽرنٽي هوم کولڻ بابت حڪومت ڪا به مناسب رٿابندي نه پئي ڪري. ڊاڪٽر ساجده چيو ته ”گھٽ آمدني هجڻ سبب ماڻهو ماهر گائناڪالاجسٽن، ڊاڪٽرياڻين ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز بجاءِ دائين ۽ جهونين عورتن جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا“.

”پهريان عالمي تنظيمون عورتن خاص ڪري ڳورهارين عورتن کي صحت بابت سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ انگ اکر گڏ ڪرڻ خاطر سرگرم ڪردار ادا ڪنديون هيون، پر اهڙين سرگرمين مٿان بندش پوڻ کانپوءِ اهي تنظيمون هن صوبي مان ڪم بند ڪري نڪري وڃڻ تي مجبور ٿي پيون“.

صحت واري صوبائي وزير جو موقف هو ته ”ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي کان بم ڌماڪن توڙي ٻين پرتشدد ڪاررواين ٿيڻ سبب عورتن جي بيمارين جون ماهر گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽرياڻيون صوبي کي ڇڏي سعودي عرب، عُمان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ وڃي نوڪريون ڪرڻ لڳيون آهن.

”سموري صوبي ۾ اسان وٽ صرف 47 ماهر ڊاڪٽر موجود آهن ۽ گائناڪالاجسٽن جون 3 سو جايون خالي پيل آهن“.

ڪيتريون عورتون ٻار کي جنم ڏيڻ وقت ان ڪري فوت ٿين ٿيون ڇو ته اهي اڻڄاڻ دائين جي مدد سان گھر اندر ئي ٻار کي جنم ڏيڻ تي مجبور هونديون آهن. اهڙين مائرن کي صرف ان صورت ۾ ئي اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهي جڏهن اهي آخري پساهه کڻڻ لڳنديون آهن ۽ نتيجي ۾ اسپتال پهچندي پهچندي حياتي وڃائي ويهنديون آهن.

افعانستان جي سرحد ڀرسان واقع شهر چمن سان تعلق رکندڙ سينئر ليڊي هيلٿ ورڪر غزاله بشير جو چوڻ هو ته، اڪثر ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن ۾ گائناڪالاجسٽ مقرر ٿيل نه آهن. ڏورانهن علائقن جي اهڙين اسپتالن ۾ گائناڪالاجسٽ کي ان ڪري به گھٽ مقرر ڪيو وڃي ٿو ڇو ته بعد ۾ ميٽرنيٽي وارڊ کي به متحرڪ ڪرڻو پوندو آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي غزاله بشير ٻڌايو ته ”گھڻي رت وهڻ، علاج جي مناسب سهولتن جي اڻهوند، حمل واري عورت جي مناسب پرگهور لهڻ بابت ڄاڻ جي کوٽ ۽ حاملا عورتن کي سٺي کاڌ خوراڪ نه ڏيڻ جي ڪري ئي ٻارن کي جنم ڏيڻ وارين عورتن جي موت جي شرح وڌيڪ آهي“.

هن اهو پڻ چيو ته، چمن جي آبادي ڏهه لک کان وڌيڪ آهي پر هن شهر ۾ به صرف 13 اهڙيون ليڊي هليٿ ورڪرز آهن جيڪي سرگرميءَ سان پنهنجو ڪم ڪن ٿيون. ايتري ٿوري تعداد ۾ هجڻ ڪري اهي ٻار کي جنم ڏيڻ واري هر هڪ عورت تائين پهچي نه ٿيون سگھن. ان جي ڪري ئي دائيون جن عورتن جو ويم ڪرائن ٿيون انهن جي زندگي خطري ۾ هلي وڃي ٿي.

صحت جي صوبائي وزير ٻڌايو ته، صحت واري کاتي جي مالي سهڪار سان مقامي سطح تي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ جي ارادي سان 12 سو مڊوائيف ڀرتي ڪري کين تربيت ۽ انهن مان 9 سو مڊوائيف کي ضروري اوزار ڏيڻ واري پروگرام تي عمل شروع ڪيو ويو آهي. انهن مان 4 سو مڊوائيفز جو ذمو هوندو ته اهي حاملا عورتن کي بهتر کاڌ خوراڪ فراهم ڪنديون رهن.

70 سالن جي حياتو بيبي چمن ۾ ڪم ڪندڙ روايتي دائين مان هڪ آهي. حياتو بيبيءَ نيوز لينز کي ٻڌايو ته ”اڪثر ماڻهو منهنجون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ هلي مون وٽ ايندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي ناهن چاهيندا ته ٻار کي جنم ڏيڻ خاطر سندن زالون گھر کان ٻاهر نڪرن“.

حمل کانپوءِ پيش ايندڙ تڪليفن سبب صادقه وڌيڪ ٻار نه ٿي ڄڻڻ چاهي. هن جي راءِ هئي ته ”مان جڏهن به پنهنجي مڙس کي اهو چوندي آهيان ته حمل کانپوءِ مونکي مناسب پرگھور جي ضرورت رهندي آهي ته هو جواب ۾ صرف ايترو چوندو آهي ته تنهنجي ۽ ٻار جي صحت سميت سمورين ڳالهين جو خيال خدا رکندو آهي. ان ڪري ئي مون هاڻي کيس ڪجهه چوڻ به ڇڏي ڏنو آهي ۽ ذهني طور تي پاڻ کي تڪليفن سهڻ لاءِ تيار ڪري ورتو آهي“. ”الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ٻئي ٻار کي جنم ڏيڻ وقت مان زنده رهي سگھنديس يا نه“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here