:Photo by News Lens Pakistan/
:Photo by News Lens Pakistan/

پشاور (شيراز اڪبر وٽان) وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ سردين واري موسم سال جو سڀ کان ڏکيو وقت ٿي سگھي ٿو. 70 سالن جي حبيب الله جهڙن ماڻهن لاءِ هاڻوڪي سردين واري موسم نه صرف ان جي ڪري مشڪل ٿي پئي آهي جو لڱ ڏڪائيندڙ سرديءَ دوران رڌپچاوَ ۽ گھرن کي گرم رکڻ لاءِ گيس جهڙي سهولت جا فائدا ٿورا ماڻهو ئي ماڻي سگھندا آهن، پر سرديءَ کان محفوظ رهڻ وارين ڪوششن جي ڏس ۾ حبيب الله جي مشڪلاتن جو هڪ انجام اهو به ٿيو آهي ته هو هاڻي اسپتال ڀيڙو ٿيل آهي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان حبيب الله پشاور جي خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ داخل آهي، جتي هو باهه ۾ سڙي پيل مريضن واري وارڊ ۾ هڪ بيڊ تي ليٽيل آهي، سندس هڪ ڄنگهه تي پٽيون ويڙهيل آهن ۽ سندس پٽ نصيرالله سندس بستري ڀرسان ويٺل آهي. حبيب الله کي ان ڪري اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو ڇو ته هن جي ڄنگهه تي باهه ۾ سڙي پوڻ ڪري گهرا زخم ٿي پيا آهن.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي نصيرالله ٻڌايو ته سندس پيءُ جي نظر گھڻي ڪمزور آهي، هو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو ۽ گيس هيٽر جي ڀرسان ويٺل هيو ته هن جي شلوار کي هيٽر مان باهه لڳي وئي، جيستائين اسان اتي پهتاسين ۽ سندس شلوار کي لڳل باهه وسائي تيستائين باهه سبب سندس ڄنگهه تي گهرا زخم رسي چڪا هئا.
سردين جي مند ۾ هر سال باهه جي سڙيل سوين مريضن کي پشاور جي خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويندو آهي، گهڻا زخمي اهڙا به ايندا آهن جيڪي زخمن جيسور نه سهي اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن. اسپتال جي عوامي رابطي واري شعبي جي آفيسر فرهاد ٻڌايو ته باهه ۾ سڙندڙ مريضن جو انگ هر سال وڌي رهيو آهي ۽ هن سال ته باهه ۾ سڙي پيل مريضن جو انگ اڳ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو آهي.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ 2014 دوران باهه جا سڙيل ڪل 1328 مريض آندا ويا، جڏهن ته 2015 ۾ 1791 مريضن کي علاج لاءِ آندو ويو جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته مريضن جي انگ ۾ 14 سيڪڙو واڌارو ٿيو. هن وڌيڪ انگ اکر ڏيندي ٻڌايو ته 2014 دوران جن مريضن کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو انهن جو تعداد 393 هيو ۽ 2015 ۾ اهو انگ وڌي 454 ٿي ويو، مطلب ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال 7 سيڪڙو وڌيڪ مريضن کي علاج لاءِ داخل ڪرڻو پئجي ويو.
صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته سرد موسم ۾ باهه ۾ سڙي پوندڙن جي انگ ۾ واڌ، گھرن کي گرم رکي سرديءَ کان بچڻ خاطر گيس هيٽر ٻارڻ جي ڪري ٿيو.
خيبر ٽيچنگ اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالحسيب ٻڌايو ته هيٽر مان ڪاربان مونوآڪسائيڊ نالي واري گيس خارج ٿيندي آهي جيڪا انسان جي ساهه کڻڻ واري نظام لاءِ خطرناڪ آهي ۽ اها گيس گھڻي وقت تائين جيڪڏهن ساهه ۾ داخل ٿيندي رهي ته ان جي ڪري ماڻهو مري سگهي ٿو. هن جو چوڻ هيو ته اهو ئي سبب آهي جو ڪاربان مونوآڪسائيڊ کي خاموش قاتل به سڏيو ويندو آهي.
هن اهو پڻ چيو ته اڪثر ڪري گھرن ۾ تازي هوا جي آمد جا لنگهه مناسب انداز سان ناهن رکيا ويندا جنهن ڪري گيس هيٽر جڏهن ٻرندو آهي ته اهو ڪمري اندر موجود آڪيسجن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي جنهن بعد آڪيسجن جي کوٽ جيڪڏهن گھڻي دير تائين برقرار رهندي ته ان سان ساهه کڻڻ واري انساني نظام کي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ آڪيسجن مڪمل طور تي ختم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ اتي موجود ماڻهو ٿڏي تي ئي مري ويندو آهي.
ڊاڪٽرن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته گيس هيٽر جي الاهي ويجهو ويهڻ سان نه صرف ڪپڙن کي باهه لڳڻ جي صورت ۾ جسم جي سڙڻ کانسواءِ چمڙيءَ جون بيماريون به ٿي پونديون آهن.
حسيب جو چوڻ آهي ته اها سردين جي موسم ئي هوندي آهي جنهن ۾ ٿڌ کان بچڻ خاطر گيس هيٽر ٻارڻ سبب باهه ۾ سڙي پيل مريضن جو اسپتال ۾ علاج لاءِ اچڻ ۽ داخل ٿيڻ وارو رجحان هيڪاندو وڌي ويندو آهي، پر ان جو مطلب بلڪل اهو ناهي ته ماڻهو صرف گيس هيٽر مان سڙي زخمي ٿيندا آهن، پر گھڻن حادثن پٺيان ڪجهه ٻيا سبب به موجود هوندا آهن.
باهه ۾ سڙي پوندڙ مريضن ۾ اڪثريت عورتن جي هوندي آهي، جيڪي گھڻي ڀاڱي ان ڪري زخمي ٿينديون آهن ته گيس سيلنڊر ڦاٽي پوندو آهي يا بي ڌيانيءَ سبب سندن ڪپڙن کي باهه وڪوڙي ويندي آهي، اهڙي نوعيت جي حادثن کي احتياطي تدبيرن سان گهٽائي سگھجي ٿو.
حسيب جو چوڻ آهي ته باهه ۾ سڙڻ وارن واقعن کي جاڳرتا ڦهلائي روڪي سگھجي ٿو يا انهن جي انگ ۾ گھٽتائي ڪري سگھجي ٿي. ڊاڪٽر حسيب جي راءِ آهي ته عورتون يا ڪو به ٻيو فرد جيڪو بورچيخاني ۾ رڌپچاءُ ڪندو هجي ان کي اها پڪ رکڻ گھرجي ته چلهي يا سيلنڊر مان ڪٿان به گيس لِيڪ نه پئي ٿئي. هن اهو پڻ چيو ته گيس ليڪيج هجڻ جي صورت ۾ ان کي ترت ختم ڪرڻ گھرجي. هر گھر جي فردن کي باهه ۾ سڙي پيلن کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بابت ڄاڻ هجڻ گھرجي ته جيئن زخميءَ کي ترت علاج ملي سگھي.
خيبر ٽيچنگ اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومتن جي بي ڌياني ۽ معاملي کي نظرانداز ڪرڻ سبب سڄي خيبر پختونخواه صوبي ۾ هڪ به اهڙي اسپتال نه آهي جتي صرف باهه ۾ سڙي پيلن جو علاج ٿيندو هجي.
ڊاڪٽر پاران پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌايو ويو، ڇو ته هو ميڊيا سان ڳالهائڻ بابت بااختيار نه آهي، ته حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ڀرسان باهه ۾ سڙي پيلن جو سينٽر 2003 کان تعمير واري مرحلي مان گذري رهيو آهي پر اڳوڻين توڙي موجوده صوبائي حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب اهو اڃان به مڪمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو سينٽر مڪمل ٿي ويو ته پوءِ 120 بسترن تي ٻڌل اهو سينٽر باهه ۾ سڙي پيلن جي علاج وارو ملڪ جو سڀ کان وڏو ادارو هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here