پشاور (شيرازاڪبر) خيبرپختونخواه سان تعلق رکندڙ 21 سالن جي صوفيه جاويد پاڪستان جي انهن ٽن عورت باڪسرن مان هڪ آهي، جن هلندڙ سال فيبروري مهيني ۾ ٿيل ڏکڻ ايشيائي راندين جي مقابلن دوران پهريون ڀيرو پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. عالمي چئمپين شپ لاءِ چونڊجڻ خاطر قومي سطح جي ٽيمن وچ ۾ ٿيل مقابلن دوران سوڀارو ٿي، اڳتي وڌڻ صوفيه لاءِ انتهائي اهميت وارو مرحلو هيو.

Sofia Javaid (Boxer): Photo by News Lens Pakistan/
Sofia Javaid (Boxer): Photo by News Lens Pakistan/

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي صوفيه جاويد چيو ته سهولتن جي اڻاٺ باوجود، هوءَ عالمي مقابلن ۾ حصو وٺڻ واري قابليت تي پوري لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ راندين جي انهن گھڻ قومي مقابلن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي پاڻ کي تيار ڪيو. صوفيه جاويد سان گڏ پاڪستان جي هڪ ٻي عورت باڪسر رخسانه پروين راندين جي انهن مقابلن دوران، جيڪي ڀارت جي شهرن گوهاٽي ۽ شلنگ ۾ ٿيا، انهن ۾ پتل جو تمغو کٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پشاور جي رهواسڻ صوفيه جيتوڻيڪ، ٻين عام عورتن جي وچ ۾ پاڻ کي هڪ اهڙي عورت سمجهي ٿي جيڪا روايتي پابندين ۽ مشڪلاتن کي ٽوڙيندي، پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي فرد واري شهرت حاصل ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي پسند جي شعبي ۾ مستقل طور تي اڳتي وڌندو رهي ٿو، اهڙيءَ ريت اڳتي وڌڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. صوفيه جو چوڻ آهي ته هن جي والدين ابتدائي طور تي کيس هڪ ڏکي ۽ مشڪل راند کيڏڻ جي اجازت نه پئي ڏني، آخر هن کين اها ڳالهه مڃائي ورتي.

خيبرپختونخواه باڪسنگ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل سيد ڪمال خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته خيبرپختونخواه جون عورت رانديگر ٻين ڪيترين ئي راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪيون آهن، پر باڪسنگ ڏکي راند آهي، عورتون روايتي طور تي اها راند کيڏڻ کان نٽائي وينديون آهن، پر هاڻي اهو رجحان تبديل ٿي رهيو آهي. هاڻي اسان جي ايسوسيئيشن وٽ ٻن درجنن کان وڌيڪ جوشيليون عورت باڪسر موجود آهن.

هلندڙ سال جي ابتدا ۾ صوفيه جاويد ڏکڻ ايشيائي راندين ۾ جڏهن پِتل جو ٻِلو کٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته ان وقت هوءَ باڪسنگ راند ۾ آيل نئين کيڏاري هئي. صوفيه جاويد شڪايت ڪري ٿي ته عورت باڪسرن کي سرڪاري سرپرستي ۽ مدد حاصل نه آهي.

صوفيه جاويد ٻڌايو ته پشاور جي قيوم اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ صرف هڪ باڪنسگ رنگ آهي جيڪا به مردن لاءِ مخصوص ٿيل آهي. عورت باڪسرن کي اڪيلي سِر ان رِنگ ۾ وڃي مشق ڪرڻ جي اجازت ناهي، جنهن ڪري اهي ساڳي اسٽيڊيم جي جمنازيم هال ۾ مشق ڪنديون آهن، جتي باڪسرن کي گھربل سهولتن جي گھڻي کوٽ آهي.

صوفيه جاويد پاران جيڪي اعتراض اٿاريا ويا آهن انهن جو پڙاڏو، خيبرپختونخواه جي ڊائريڪٽر جنرل اسپورٽس راشده غزنويءَ تائين به پهتو آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته عورتن کي باڪسرن واري رِنگ ۾ مشق ڪرڻ جي اجازت ان ڪري مليل نه آهي ڇو ته مرد باڪسرن جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ چاهن ٿا.

راشده غزنويءَ وڌيڪ چيو ته اهو پشتون ثقافت جي به خلاف آهي ته مرد ۽ عورتون هڪ ئي وقت ساڳي جڳهه تي مشق ڪن. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري عورت رانديگرن کي جمنازيم هال استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سڀ سهولتون پڻ موجود آهن.

راندين متعلق صوفيه جي پسند گھڻ رخي آهي. 2012 کان هوءَ مارشل آرٽس جُوڊو، وُشو، ڪراٽي ۽ ججيتسو توڙي سائيڪلنگ سکندي رهي آهي. انهن راندين جي مختلف مقابلن ۾ هن ڪيترائي ٻلا کٽيا، جيڪي صوفيه چواڻي ته، اهي هن جي حوصلي کي عروج تي پهچائيندا رهيا آهن. ان هوندي به جنهن شئي جي هن کي سخت ضرورت آهي اها آهي مالي مدد، جيڪا هن کي انهن راندين ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل آهي جن کي کيڏڻ هوءَ الاهي پسند ڪري ٿي.

اهڙو سماج جنهن تي مردحاوي هجن، اتي عورت جو گھمڻ ڦرڻ به هڪ مسئلو آهي. باڪسنگ جي مشق ڪرڻ خاطر اسٽيڊيم اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ به هن کي ٽيڪسي استعمال ڪرڻي پوندي آهي. جيئن ته هن جو تعلق هڪ غريب گھراڻي سان آهي، اٺن ڀاتين واري خاندان جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هن جو هڪ ڀاءُ آهي، اهڙي صورتحال سبب هن کي خرچن جي مد ۾ مستقل مدد ميسر نه ٿي سگھندي آهي.

Sofia Javaid (Boxer)
Sofia Javaid (Boxer): Photo by News Lens Pakistan/

صوفيه ٻڌايو ته کيس گھر جي ڇت تي مشق ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن خرچ گھٽ کان گھٽ ٿي سگھي. سندس ڪوچ سيد ڪمال ساڻس تمام گھڻو سهڪار ڪندو آهي، هو مشق خاطر باڪسنگ گيئر ساڻ کڻي سندس گھر ايندو آهي ته جيئن هن جي مدد ڪري سگھي.

راشده غزنويءَ جو چوڻ هو ته راندين بابت حڪومتي عملدار جهجها فنڊ خرچ ڪري رهيا آهن ته جيئن سڄي صوبي ۾ رانديگرن کي ملندڙ سهولتن جو معيار بهتر ڪري سگھجي، هو صوبي جي مختلف علائقن ۾ 6 کان وڌيڪ باڪسنگ رِنگز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جن جي مدد سان اهو پڻ ممڪن ٿي سگھندو ته عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ باڪسنگ رنگز مهيا ٿي سگهن.

صوفيه جي ڪوچ سيد ڪمال جو چوڻ هو ته هن مهيني قازقستان ۾ ٿيندڙ عورتن جي ورلڊ باڪسنگ چئمپين شپ لاءِ پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن پاران جن رانديگرياڻين کي چونڊيو ويو آهي، صوفيه انهن ۾ هڪ اهڙي رانديگر آهي جيڪا ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿي. جيڪڏهن کيس مناسب سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته هوءَ پنهنجي صلاحيتن جي آڌار ڪا وڏي خوشخبري ڏئي سگھي ٿي.

سيد ڪمال اهو پڻ چيو ته خيبرپختونخواه ۾ عورتون اهڙين راندين ۾ بهرو وٺي رهيون آهن، جن تي پهريان مردن جو قبضو قائم هيو، عورتون هاڻي روايتن کي ٽوڙي اڳتي اچي رهيون آهن. صوفيه جهڙين رانديگرياڻين جي حڪومت جيڪڏهن ٿوري به سرپرستي ڪندي ته ان سان سندن حوصلو گھڻو بلند ٿي ويندو، اهڙيون رانديگرياڻيون مشڪلاتن باوجود راند مستقل طور تي کيڏڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here