زيڪا وائرس ڪراچيءَ کي گهيري ۾ آڻي سگهي ٿو

0
1357

ڪراچي: صحت سان لاڳاپيل ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سنڌ صوبي جي صحت کاتي پاران جوڳا اپاءَ نه ڪرڻ سبب زيڪا وائرس پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ اندر تيزيءَ سان ڦهلجي سگھي ٿو.

حمل دوران ٿيندڙ زيڪا وائرس ذهني صلاحيت کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. انهيءَ بيماريءَ سبب ٻيا مسئلا جهڙوڪ حمل ضايع ٿي پوڻ، مرده ٻار پيدا ٿيڻ ۽ ڄم سان لاڳاپيل ٻيون بيماريون ٿي سگھن ٿيون.

جيڪي علائقا زيڪا وائرس سبب متاثر ٿي رهيا آهن انهن مان اهڙين رپورٽن جي آمد ۾ به واڌ ڏٺي وئي آهي جن تحت نشاندهي ڪئي پئي وڃي ته مريض اعصابي نظام کي متاثر ڪرڻ واري غيررواجي بيماري ”گوئلين بيري سنڊروم“ جو شڪار ٿي رهيا آهن.

26 سالن جي صوبيه پروين بستري داخل ٿي ڏينهن گھاري رهي آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ به 2016 دوران ڪراچيءَ ۾ ڦهليل چِڪن گونيا جي وائرس جو شڪار ٿي هئي. صوبيه پروين ٻڌايو ته ”بيماريءَ سبب کيس ڳِڍڙيون پوڻ، گوڏن ۾ سور ۽ ٿڪاوٽ ٿيندي رهي ٿي جنهن ڪري هو صحيح طرح سان گھمي به نه ٿي سگھي“.

صوبيه پاران ٻڌايل ڳالهين مطابق هوءَ گھر جو روزمره وارو ڪم پنهنجي سِر پاڻ ڪري ٿي پر جڏهن کان کيس چِڪن گونيا جي بيماري لڳي آهي تڏهن کان کيس سمورا اڪلائڻ ۾ ٻين جي مدد گھربل رهي ٿي.

صوبيه پروين نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”جڏهن مان اسپتال داخل ٿيس تڏهن ئي پهريون ڀيرو چِڪن گونيا جو نالو ٻڌو هيم، جنهن تڪليف مان هن وقت گذران پئي، بيماري لڳڻ کان پهريان مونکي اهڙي شڪايت نه ٿي هئي. هاڻي هر وقت ڳِڍڙين جو سور رهي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت ته مان کاڌي جو ذائقو به مناسب انداز سان سڃاڻي نه ٿي سگھان“. صوبيه جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن مونکي ڪيتريون ئي دوائون واپرائڻ ۽ آرام جو مشورو ڏنو آهي هنن مونکي اهو به چيو آهي ته مان سور گھٽائڻ واريون گوريون بنهه استعمال نه ڪيان“.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر قيصر سجاد جو چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ زيڪا وائرس جي وڏي پيماني تي ڦهلجڻ جا امڪان موجود آهن. شهر پهريان ئي ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي ٻن حملن جي زد ۾ اچي چڪو آهي انهن ٻنهي بيمارين جي ڦهلجڻ کانپوءِ وڌيڪ مسئلن جي ڪَر کڻڻ وارو سلسلو جاري رهي سگھي ٿو.

ڊاڪٽر قيصر ٻڌايو ته ڊينگي، چِڪن گُونيا ۽ زيڪا وائرس ساڳئي قسم جي مادي مڇر آئدس ايجپٽي مان ڦهلجن ٿيون اهو ئي سبب آهي ته ڪراچيءَ ۾ زيڪا وائرس ڦهلجڻ جا گھڻا امڪان موجود آهن.

هن ٻڌايو ته لامارا ڏيندڙ اهڙي خطري آڌار پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران جنوري 2017 ۾ زيڪا وائرس جي امڪاني ڦهلاءَ بابت ڌيان ڌرڻ واري پڌرائي جاري ڪئي وئي. پي ايم اي پاران چِڪن گُونيا بابت اهڙو ئي ڌيان ڇڪائڻ وارو اطلاع 2007 ۾ جاري ڪيو ويو هيو. هن اهو پڻ چيو ته ”پي ايم اي پاران جاري ڪيل الرٽ ڏانهن ڪنهن به سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو ۽ نيٺ 10 سالن جي وقفي کانپوءِ چِڪن گونيا جي بيماري ڦهلجڻ شروع ٿي. مادي مڇر Aedes Aegypti جا آنا ڪراچيءَ اندر وڏي پيماني تي موجود آهن“.

سنڌ حڪومت جي صحت واري کاتي پاران چِڪن گونيا بيماريءَ لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن ڊاڪٽر مسعود احمد سولنگيءَ به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته آئدس ايجپٽي (Aedes Aegypti) نالي مڇر جي موجودگيءَ سبب ڪراچيءَ مٿان زيڪا وائرس جي حملي جو خطرو موجود آهي. ”ڪراچي مخصوص بيمارين وارو علائقو آهي هتي ڊينگي ۽ چِڪن گُونيا اڃان به ڦهلجي رهيون آهن“.

صحت کاتي جي فوڪل پرسن اهو پڻ چيو ته بيماريون ڦهلائيندڙ ماده مڇر آئدس ايجپٽي مستقل طور تي شهر ۾ موجود آهي. ”ڊينگي، چڪن گونيا، زيڪا ۽ پيلو بخار ساڳيو ئي مڇر ڦهلائي ٿو اهو ئي سبب آهي ته زيڪا وائرس جي ڦهلاءَ جا امڪان موجود آهن“.

سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل ڊينگي سيل پاران جاري ڪيل معلومات مطابق، سال 2016 دوران ڊينگيءَ سبب 20 هزار 540 ماڻهو متاثر ٿيا جن مان ٽي مريض فوت ٿيا جڏهن ته جنوري 2017 کان 25 جون 2017 تائين 265 مريضن جي نشاندهي ٿي ۽ هن مهل تائين هڪ به مريض جو موت واقع ناهي ٿيو.

صحت کاتي جي رپورٽن مطابق ”سال 2016 دوران چِڪن گُونيا ڦهلجڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ 3 هزار 500 مريضن جي داخلا ڪئي وئي، انهن ۾ ٿرپارڪر ۽ ڪراچيءَ کان 5 سو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع اولهه وارن ضلعن جا مريض به شامل هئا“.

سنڌ حڪومت جي صحت واري کاتي ۾ قائم ڪيل معلوماتي سيل پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ٿرپارڪر ۾ 215 مريض داخل ڪيا ويا جڏهن ته 95 مان 61 مريضن جي رت وارن نمونن جا نتيجا مثبت آيا. صحت جي عالمي اداري ”ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن“ (WHO) پاران هڪ ٽيم چِڪن گونيا سبب متاثر ٿيل ڪراچيءَ جي ٽن ڏينهن واري دوري لاءِ اماڻي وئي.

ڊبليو ايڇ او جي ٽيم پاران تصديق ڪئي وئي ته ڊسمبر 2016 کان شروع ٿيل چڪن گونيا جي بيماري ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ وقت تائين موجود رهي سگھي ٿي.

اپريل 2017 ۾ جاري ٿيل ڊبليو ايڇ او جي ”فيڪٽ شيٽ“ مطابق چڪن گونيا هڪ انسان کان ٻئي کي وچڙندڙ بيماري آهي ۽ اها بيماري آئدس ايجپٽي (Aedes Aegypti) ۽ آئدس البوپڪٽس ( Aedes Albopictus) نالي وارن مڇرن جي چڪ سبب ماڻهن ۾ منتقل ٿئي ٿي. انهيءَ بيماريءَ ۾ اهڙا جزا به شامل هجن ٿا جيڪي ڊينگي ۽ زيڪا وائرس جو سبب بڻجي سگھن ٿا. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ ۾ چيل آهي ته چِڪن گونيا گھڻي ڀاڱي آفريقا، ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ ڦهلجي ٿي.

ڊبليو ايڇ او جي جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”زيڪا اهڙو وائرس آهي جيڪو آئدس نسل جي مڇر خاص ڪري آئدس ايجپٽيءَ پاران چڪ هڻڻ جي صورت ۾ ماڻهن ۾ منتقل ٿئي ٿو. هي اهو ساڳيو مڇر آهي جنهن جي ڪري ڊينگي، چڪن گونيا ۽ پيلو بخار به ڦهلجي ٿو“.

ڊبليو ايڇ او مطابق زيڪا وائرس سبب ”مائيڪرو سيڦلي“ جي هڪ اهڙي حالت لاحق ٿئي ٿي جنهن جي ڪري تازن ڄاول ٻارن جو مٿو معمول کان ننڍو هوندو آهي يا وري ڄم کانپوءِ ٻار جي مٿي جي واڌ ويجهه رڪجي ويندي آهي.

صحت جي عالمي اداري پاران سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني وئي آهي ته جن هنڌن تي مڇرن جي پالنا ٿئي ٿي يا انهن جا ٻچا پيدا ٿين ٿا جهڙوڪ بيٺل پاڻيءَ جا تلاءَ، گندي پاڻيءَ جون گذرگاهون ۽ ڪچري جمع ٿيڻ واريون جايون، انهن هنڌن کي نشانو بڻائي.

ڊاڪٽر مسعود احمد سولنگيءَ انڪشاف ڪيو ته صحت واري کاتي پاران زيڪا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ واري حوالي کان ڪي به ٺوس قدم نه پيا کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ”چڪن گونيا جي ڦهلاءَ کي ضابطي هيٺ آندو ويو آهي پر بيماريءَ ۾ ورتل مريضن جي اچ وڃ تي نظر رکڻ جي سلسلي ۾ ڪي به اپاءَ نه پيا ورتا وڃن. مڇرن سبب ڦهلجندڙ بيماريون هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ڏانهن منتقل ٿينديون آهن انهن ۾ بين الاقوامي مسافر به شامل هوندا آهن پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ايئرپورٽن تي اهڙن مريضن جي نگراني ڪرڻ بابت ڪو به موثر انتظام ٿيل نه آهي“.

هن وڌيڪ واضح ڪندي چيو ته ”بيماريون ڦهلائيندڙ مڇر آئدس ايجپٽي صاف پاڻيءَ جي دٻن ۾ ٿيندو آهي پر چڪن گونيا جي جيڪا بيماري موجوده وقتن ۾ ڦهليل آهي ان متعلق ٿيل تحقيق جي نتيجي ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ساڳيو مڇر گندي پاڻيءَ ۾ به پلجي ٿو ۽ ڊبليو ايڇ او جي ٽيم ئي اها نشاندهي ڪئي ته ڄاڻايل مڇر گندي پاڻيءَ ۾ موجود آهي“.

ڊاڪٽر مسعود سولنگيءَ چيو ته چوماسيءَ وارين برساتن جي مند ۾ شهر اندر لاتعداد جاين تي پاڻيءَ جا تلاءَ بيهجي ويندا آهن جنهن ڪري مڇرن مان لڳندڙ بيمارين جي ڦهلاءَ ۾ واڌ اچڻ جا گھڻا امڪان آهن. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ برساتي پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ بابت ذميوار ادارو آهي پر پاڻي ڪڍڻ ۾ انهن کي به هڪ هفتو يا ان کان به وڌيڪ وقت لڳي ويندو آهي.

جنرل فزيشن ڊاڪٽر اجيت ڪمار جي راءِ آهي ته چڪن گونيا بيماريءَ سبب ٿيندڙ ڳڍڙين جو سور جاري رهڻ جي مدي ۽ وقت جي ڪَٿ نه ٿي ڪري سگھجي. هن اهو پڻ چيو ته ”بيماريءَ جو وائرس 04 کان 07 ڏينهن ۾ اثرانداز ٿي سگھي ٿو ۽ ان سبب سنڌن جو سور مهينن ۽ ڪجهه حالتن ۾ ته هڪ سال تائين به جاري رهي سگھي ٿو“.

هن صحت کاتي جي اختيارين مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ”اهي بجيٽ جا گھڻا پيسا علاج تي ئي خرچ ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن مالي وسيلا بيمارين روڪڻ خاطر خرچ ڪيا وڃن ته ماڻهن کي مرضن ۾ وچڙڻ کان پهريان ئي بچائي سگھجي ٿو“.

ڊاڪٽر احسن قيصر به صحت کاتي جي اختيارين مٿان ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته صوبي ۾ بيمارين کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه ٿا کنيا وڃن خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي بيماريون ڦهلائيندڙ مڇر آئدس ايجپٽي جي واڌ ويجهه ٿي رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here