پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ رڪجي نه سگهي، ڪيئي ٺڳجي ويا

0
2260

اسلام آباد (رپورٽ: رحمت محسود) آسٽريا پاران پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ بعد، 24 سالن جي علي حسين سميت 8 ماڻهن تي مشتمل جٿي کي، پاڪستاني اختيارين پاران سندن قوميت متعلق شڪ هجڻ جي ڪري جڏهن پشاور ايئرپورٽ تان گڏيل عرب امارتن ڏانهن ڊي پورٽ (واپس) ڪيو ويو ته کين جيءُ جهوري وجهندڙ تڪيلفون سهڻيون پيون.
نيوز لينز پاڪستان سان روبرو ڳالهه ٻولهه ڪندي مايوسيءَ جي وَرِ چڙهيل علي حسين انهن تڪليفن کي ياد ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان مان آسٽريا تائين پهچڻ ۾ هڪ مهينو لڳي ويو هو. هن ٻڌايو ته ”اسانجو خطرن سان ڀريل سفر لاهور کان شروع ٿيو، ايران جي قُم شهر کان ٿيندا اسان ترڪي، يونان، مقدونيه، سربيا ۽ هنگري جون سرحدون اُڪري اسان آسٽريا پهتا هئاسين“.
فرقيواريت جي ستايل قبائلي علائقي ڪُرم ايجنسيءَ سان تعلق رکندڙ علي حسين جنهن پنهنجي زندگيءَ جي نئين شروعات پرڏيهه ڏانهن خطرن سان ڀريل سفر ڪري ۽ پناهه وٺي ڪرڻ پئي چاهي، ان سفر دوران پنهنجي مستقبل کي بهتر بنائڻ ۽ جهجها پيسا ڪمائڻ وارو هن جو خواب چڪنا چوُر ٿي ناممڪن بڻجي پيو.
توبهه تائب ٿي ويل علي حسين جو چوڻ آهي ته ”مون ۽ مون سان گڏ جيڪي ٻيا ان سفر تي روانا ٿيا هئا، اسان سڀئي غريب گھراڻن سان تعلق رکندڙ هئاسين، اسان مان هڪ ڄڻو جنهن جو تعلق اتر وزيرستان سان هيو، جنهنجو گھر فوجي آپريشن ۾ ڊاٿي وڃڻ سبب بي هو گھر به ٿي پيو هيو. مون پنهنجي ماءُ جا ڳهه ڳٺا وڪڻي 5 لک روپيا ايجنٽ جي في (انساني اسمگلنگ ڪندڙ جي معاوضي) خاطر ڪٺا ڪيا هئا“.
پنهنجي آزمائش وارين گھڙين کي ياد ڪندي علي حسين وڌيڪ ٻڌايو ته هو 18 ماڻهن جي ان جٿي ۾ شامل هيو جيڪي اڃ، بک ۽ بغير ننڊ ڪرڻ جي پورو مهينو پاڪستان کان آسٽريا ڏانهن سفر ڪندا رهيا. هن ٻڌايو ته سندن جٿو آخر ۾ 18 مان گھٽجي 16 ماڻهن جو ٿي پيو ڇو ته 2 ڄڻا سفر دوران شديد بيمار ٿي مري ويا هئا.
علي حسين ۽ هن جا ٻيا همسفر هڪٻئي لاءِ مڪمل طور تي اوپرا هيا. ان سفر ۾ سندن ساٿين ۾ ٻه ٻيا پاڪستاني ۽ هڪ افغاني سرور خان، نواز علي (ٻئي نالا اصلي نه آهن) ۽ شاهين به شامل هئا.
علي حسين پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”اسانجو اڪثر سفر پيدل يا وري مڇين مارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيڙين وسيلي ٿيو. ان سفر جو سڀ کان وڌيڪ خوفائتو لمحو اهو هيو جڏهن اسان کي ڪٿي به ٿڪ ڀڃڻ کانسواءِ برف سان ڍڪيل، سنسان ۽ ڏکين پهاڙي پيچرن تي مسلسل 28 ڪلاڪ پنڌ ڪرايو ويو. اسانجو اهو سفر تهران کان شروع ٿيو ۽ اسانکي استنبول پهچڻو هيو ۽ ان سفر دوران اسان جي خوراڪ توڙي پاڻي به ختم ٿي ويو هيو“.
هڪ تنظيم جيڪا انساني اسمگلنگ متعلق تحقيق ڪري ٿي، ان تنظيم ”دي گلوبل ريسورس اينڊ ڊيٽابيس“ پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته آسائشن ڀريل ماحول ۾ زندگي گذارڻ جي خواهش تحت پناهه گيرن جو هڪ تمام وڏو انگ يورپ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
تنظيم جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل گرمين جي مند دوران ٻي عظيم جنگ کانپوءِ يورپ کي پناهه گيرن جي تمام وڏي تعداد کي سنڀالڻو پيو آهي. صرف سيپٽمبر 2015 ۾ لڳ ڀڳ 7 لک 94 هزار ماڻهن پاران يورپ جي ملڪن ۾ پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون ويون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، يورپ جي صرف ٽن ملڪن اٽلي، هنگري ۽ يونان ۾ 5 لک 49 هزار پناهه گير ٻيڙين وسيلي پهتا آهن.
پناهه گيرن جا ايڏا وڏا ڪٽڪ اچڻ جي ڪري ئي ڪيترا ملڪ پنهنجي سرحدن تي مضبوط ڪنڊيدار تارن جا لوڙها هڻڻ توڙي پوليس وسيلي انهن پناهه گيرن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿيا آهن، جيڪي يورپ جي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
گڏيل قومن جي اداري يو اين او ڊي سي (UNODC) جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلرن ۽ انهن جي دلاسن ۾ اچي غيرقانوني سفر ڪندڙن جو تعلق گھڻي ڀاڱي پنجاب صوبي جي 4 ضلعن سيالڪوٽ، منڊي بهاءُ الدين، گجرانوالا ۽ گجرات سان آهي ۽ انهن کي بلوچستان جي رستي پهريان ايران ۽ پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن اسمگل ڪيو وڃي ٿو.
علي حسين وڌيڪ ٻڌايو ته مختلف ملڪن پاڪستان، ايران، ترڪي، يونان ۽ پوءِ مقدونيه ۾ موجود اسمگلر پناهه جي تلاش م نڪتلن جي طئي ٿيل ماڳ مڪانن تي مٽاسٽا به ڪندا آهن.
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ شخص امين شاهه (اصل نالو هتي ناهي لکيو ويو) نيوز لينز سان خصوصي پر مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته هو هر دفعي 5 يا 6 ماڻهن جو جٿو تيار ڪندو آهي، ان ڪم ۾ هن کي مهينو لڳي ويندو آهي. يورپ ۾ رهڻ جي خواهش رکندڙ هر هڪ ماڻهوءَ کان 5 يا 6 لک وٺندو آهي ۽ سندس ذميواري صرف اها هوندي آهي ته هو کين آسٽريا تائين پهچائي. هن ٻڌايو ته ”مونکي جيڪا آمدني ٿيندي آهي مان ان مان پنهنجي ٻين ڀائيوارن کي به حصو ڏيندو آهيان جيڪي ايران، ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود آهن ۽ اسان هڪ ٻئي سان پختگيءَ سان جُڙيل آهيون“.
انسانن جي اسمگلر معلومات ڏيندي ٻڌايو ته يورپ ۾ پناهه لاءِ سفر تي نڪرندڙن جي زيرو پوائنٽ ايران آهي. سڀني ماڻهن کي اتي گڏ ڪري ان بعد يورپ ڏانهن سفر جي شروعات ڪئي ويندي آهي، پر ان سفر کان اڳ سڀني پناهه گيرن کان اسان اهو حلف وٺندا آهيون ته اهي اسانجي سڃاڻپ ڪٿي به ظاهر نه ڪندا. منهنجي ذميواري پنهنجن مسافرن کي ايران تائين پهچائڻ جي آهي. مسافرن کي ايران پهچائڻ واري مقصد لاءِ مون وٽ مڇي مارڻ لاءِ ڪتب ايندڙ پنهنجي هڪ ٻيڙي آهي.
گڏيل قومن جي اداري يو اين او ڊي سي (UNODC) پاران ”پاڪستان تي پناهه گيرن ۽ انساني اسمگلنگ سبب پوندڙ سماجي ۽ معاشي اثر“ جي عنوان سان گذريل سال جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهيو آهي. انساني ۽ پناهه گيرن جي اسمگلنگ جي پسمنظر ۾ پاڪستان سفر جي ابتدا ۽ انجام جو مرڪز بڻجي پيل ملڪ آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ڏوهاري هر سال 927 ملين ڊالرن جو منافعو ڪمائي رهيا آهن، جنهن ڪري ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ عمل جي ڪري ڪرپشن به زور وٺي رهي آهي.
جهڙيءَ ريت علي حسين ٻڌايو ته يورپ جي ملڪن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ خطرن سان ڀريل ڪوشش ڪندي ڪيترائي اسمگل ٿيندڙ ماڻهو جان جي بازي به هارائي ويهن ٿا، پر ساڳي وقت ئي، هن اهو پڻ ٻڌايو ته هن جي اباڻي پرڳڻي ڪرم ايجنسيءَ جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي نوجوان آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ٻيا پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ جي چڪر ۾ پئجي وڃن ٿا.
گڏيل قومن جي اداري (يو اين او ڊي سي) جي نمائندي سيسر جيڊيز پاران پنهنجي اداري جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته هر سال لکين ماڻهن جي، پناهه ۽ روزگار خاطر موتمار ۽ انتهائي ڏکئي انداز واري غيرقانوني طريقي واري سرحدن جي آر پار اسمگلنگ ڪئي وڃي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني خاندانن جا لڳ ڀڳ 14 ملين ماڻهو ان ڏوهاري سرگرميءَ سبب سڌيءَ ريت متاثر ٿي چڪا آهن.
گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ ۾ پاڪستان جي گھرو وزارت جي ان موقف جو حوالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، لڳ ڀڳ هڪ هزار ڏوهاري گروهه انساني اسمگلنگ جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهن.
رپورٽ ۾ معاملي بابت وڌيڪ تبصرو ڪندي چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سياسي عدم استحڪام سبب انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ڏوهاري گروپن کي اهڙو ماحول ملي وڃي ٿو، جنهن ڪري هو پنهنجون سرگرميون جاري رکندا پيا اچن. اهو چئي سگھجي ٿو ته 2007 کان 2013 جي وچ ۾ اها ڳالهه مشاهدي هيٺ آئي آهي ته انساني اسمگلنگ جي ڪاروبار ۾ گھڻو اضافو ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسيءَ (ايف آءِ اي) پاران ٻين ملڪن مان لوڌي ڪڍيل ماڻهن جا انگ اکر ڏيندي واضح ڪيو ويو آهي ته “2007 ۽ 2013 جي وچ ۾ انهن پاڪستانين جي تعداد ۾ به 16 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي جن کي يورپ جي ملڪن مان ڪڍيو وڃي ٿو، جيڪي پنهنجي ملڪ مان يورپ ڏانهن روانا ٿيا ۽ واپس آيا.
2007-2008 کان 2010-2013 واري عرصي دوران يورپ جي ملڪن پاران پاڪستانين کي لوڌي ڪڍڻ وارن مجموعي انگن اکرن ۾ چٽائيءَ سان واڌ آئي، جڏهن ته 2008 کان 2010 دوران ان تعداد ۾ ڪجهه گھٽتائي ٿي. 2013 ۾ يورپ مان تڙيلن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ 66 هزار 427 هيو ۽ 2010 ۾ سڀ کان گھٽ 46 هزار 32 هيو.
يو اين او ڊي سي پاران جولاءِ 2013 ۾ ”پاڪستان مان پناهه گيرن ۽ انساني اسمگلنگ جي تازي رجحان“ جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي پاڪستانين جو وڏو تعداد يورپ وڃڻ لاءِ جعلي دستاويزن کي استعمال ڪري ٿو. ان کان علاوه، اڪثر پاڪستاني انساني اسمگلنگ جي سهولتڪار طور سامهون آيا آهن.
رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ته انهن ماڻهن جن کي پاڪستان ڏانهن اسمگل ڪيو ويو انهن جي تعداد متعلق بنهه ٿوري معلومات ميسر آهي. واقعاتي شاهديون ان ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿيون ته پاڪستان ڏانهن جن ماڻهن جي انساني اسمگلنگ ڪئي وڃي ٿي انهن ۾ اڪثريت انهن پناهه گيرن جي آهي جيڪي بيقاعدي انداز سان پناهه حاصل ڪري وٺن ٿا.
اهڙيون ثابتيون پڻ ملنديون رهيون آهن ته پاڪستان ڏانهن عورتن ۽ ٻارن کي جنسي استحصال خاطر اسمگل ڪيو ويندو آهي، ۽ اهو جنسي استحصال ڪجهه موقعن تي زبردستي شاديون ڪرائي پڻ ڪيو ويندو آهي.
ايف آءِ اي جي هڪ سينيئر عملدار، پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اهو ڪڌو ڪم اڃان به جاري آهي. ماڻهن کي پاڪستان کان ٻاهر اسمگل ڪرڻ لاءِ عام طور تي پاڪستان کان ايران پوءِ عمان ۽ ان بعد گڏيل عرب امارتن واري رستي کي استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻيو مشهور رستو، پاڪستان کان ايران، ان بعد ترڪي، پوءِ يونان وارو آهي. ٽيون رستو پاڪستان کان وچ اوڀر پوءِ اولهه آفريڪا جون رياستون ۽ ان بعد اسپين پهچڻ وارو آهي.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته ايف آءِ اي ڪيترن ئي اسمگلرن کي جيل ڀيڙو ڪيو آهي ۽ ڪيترن متعلق جاچ هلندڙ آهي. اسمگلرن جا اڳواڻ عام طور تي ايراني يا افغاني آهن ۽ پاڪستاني انهن لاءِ ڪم ڪن ٿا يا انهن جي ڄار ۾ ڦاسن ٿا.
هوڏانهن يورپ ڏانهن سفر بابت پنهنجي يادگيرين جي آڌار علي حسين ٻڌايو ته ”اسان کي اسمگل ڪرڻ واري ٻڌايو هيو ته هو اسانکي پهريان ايران جي مذهبي اهميت واري شهر قُم پهچائيندو جتي ٻيا ماڻهو به اچي اسانجي جٿي ۾ شامل ٿيندا جن جو تعلق افغانستان، شام ۽ عراق سان هوندو ۽ اسان ويانا تائين گڏجي سفر ڪنداسين. مون پنهنجي ڳوٺ کان روڊ رستي لاهور تائين سفر ڪيو ۽ ان بعد مان هوائي جهاز وسيلي لاهور کان تهران پهتس“.
علي حسين پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”قُم پهچڻ کانپوءِ ايجنٽ اسان کي چيو ته اسان ترڪي پهچڻ لاءِ پيدل سفر ڪرڻ خاطر تيار ٿي وڃئون، ترڪيءَ تائين پيدل سفر برف سان ڍڪيل ۽ ڏکين پهاڙن تان ڪرڻو پيو. مون لاءِ انهن ڏکيائين کي بيان ڪرڻ به مشڪل آهي جن کي سهندي اسان اهو سفر ڪيو ۽ اهڙي انداز سان ترڪي پهتاسين جو اتان جي پوليس کي به خبر نه پئي“.
دل ۾ ڇَيتِ جيان کپي ويندڙ ڏکي سفر جا اهم اهم نقطا پيش ڪندي علي حسين ٻڌايو ته ”اسان جو جٿو آخرڪار ترڪي پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جتي ٽيون نمبر اسمگلر اسانجو انتظار ڪري رهيو هيو ته اسانکي مڇي مارڻ لاءِ ڪتب ايندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري يونان پهچائي. ان سفر دوران اسانجي ٻيڙي هڪ موقعي تي سمنڊ ۾ ٻڏندي ٻڏندي بچي هئي. اهڙي ڪيفيت ۾ اسان سڀني مدد لاءِ دانهون ۽ رڙيون ڪيون“. علي حسين انتهائي ڏکاري لهجي ۾ چيو ته اهڙيءَ ريت اسمگل ٿيڻ کان بهتر آهي ته مان پنهنجي ڳوٺ ۾ فرقيواريت جي زد ۾ اچي مارجي وڃان.
تڪليف جي اها گھڙي جيڪا اڃان به کيس ستائيندي رهي ٿي ان کي ياد ڪندي هن چيو ته ”ٻيڙي هلائيندڙ هر وقت اهي دانهون ڪندو پئي رهيو ته هو ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ توازن برقرار رکن نه ته ٻيڙي اونڌي ٿي ويندي. آخرڪار اسان يونان به پهچي وياسين، پر اسان انتهائي ٿڪل هئاسين. اسان ڪجهه بسڪوٽ ۽ خشڪ ميوو خريد ڪري هڪ ويران پارڪ ۾ ويهي رهياسين“.
هن پنهنجي سفر جي تفصيلن کي بيان ڪندي ٻڌايو ته ”سربيا ۾ پهچڻ بعد اسان کي اهو ٻڌايو ويو ته جلد اسان آسٽريا پهچي وينداسين ته اسان سڀني جي چهرن تي خوشيءَ جي هڪ مسڪراهٽ ڦهلجي وئي. اتي پهچڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي مون سميت 16 ڄڻن تي مشتمل اسانجي جٿي کي آسٽريا جي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو جن اسان کي حراست ۾ وٺي هڪ پناهه گير ڪيمپ ۾ اچي رهايو، جتي اسان 8 مهينا گذاريا. ان عرصي دوران آسٽريا جي اختيارين هرهڪ کان انٽرويو ورتو.
اتان جي عملدارن کي اهو محسوس ٿيو ته اسان ملڪ ڇڏي پناهه وٺڻ لاءِ فرقيواريت جا جيڪي سبب ڄاڻايا هئا انهن ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتل هيو ان ڪري هنن اسانجون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
علي حسين سان جيڪا ٽريجڊي ان بعد ٿي اها انتهائي دکدائڪ آهي، پناهه وٺڻ لاءِ آسٽريا پهچندڙن کي اتان نيڪالي ڏئي جڏهن پاڪستان پهچايو ويو ته پنهنجي ملڪ جي اختيارين پاران اهو شڪ ڏيکاريو ويو ته هو پاڪستان جو شهري نه آهي، ڇو ته پاسپورٽ سميت هن جا ٻيا دستاويز غائب ٿي چڪا هئا.
علي حسين ٻڌايو ته، پاڪستان جي اميگريشن اختيارين پاران 20 جنوريءَ واري ڏينهن مونکي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ مونکي هتي آڻيندڙن تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو مونکي واپس ان ملڪ ۾ پهچائين جتي مان پناهه وٺڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهيان. پشاور ايئرپورٽ تي مقرر عملدارن پاران واپس ڪرڻ سبب مونکي هوائي جهاز وسيلي واپس گڏيل عرب امارتن ۾ پهچايو ويو، جنهن بعد مان 8 ڏينهن تائين گڏيل عرب امارتن ۾ رهندي پيٽ گذر خاطر پِنندو رهيس.
ان بعد جنوريءَ جي هڪ چمڪندڙ صبح ۾ مونکي اسلام آباد جي بينظير ڀٽو ايئرپورٽ کان پاڪستان ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي. مونکي لڳي ٿو ته اهڙي اجازت آسٽرين حڪومت جي تمام گھڻي دٻاءَ بعد ڏني وئي. لڳ ڀڳ هڪ سال بعد علي حسين هاڻي پنهنجي گھرڀاتين سان گڏ زندگي گذاري رهيو آهي.
علي حسين چيو ته ”مون ڊي پورٽ ٿيڻ وارو ليٽر پناهه گيرن بابت عالمي اداري (آءِ او ايم) وٽ جمع ڪرايو آهي، جيڪي زندگيءَ کي نئين سِري سان شروع ڪرڻ خاطر مونکي 5 کان 6 لک روپيا ڏيندا، پر اهي پيسا اڃان مليا نه آهن اميد ڪيان ٿو ته ملي ويندا“.
ٻئي طرف انٽرنيشل آرگنائيزيشن آف مائگريشن (IOM) سان لاڳاپيل هڪ عملدار ذوالقرنين پاران ان سلسلي ۾ ڪو به واضح جواب ڏيڻ بجاءِ صرف ايترو چيو ويو ته ”مونکي خبر ناهي ته هنن کي پيسا ڪڏهن ملندا، ان متعلق سينئر عملدار ئي ڪجهه ٻڌائي سگھن ٿا“.
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي عملدارن کان جڏهن اهو سوال پڇيو ويو ته جڏهن پاڪستان کان ٻاهر ڪم ڪندڙ ملڪ جي سفارتخانن پاران ڊي پورٽ ٿي ايندڙن جي قوميت جي تصديق ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي بنياد تي ٻين ملڪن مان تڙجي ايندڙ کي ملڪ اندر داخلا نه ٿي ڏني وڃي؟. ان جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي عملدارن چيو ته ”اهو معاملو گھرو وزارت جي عملداري ۽ اختيارن هيٺ آهي. واضح رهي ته گھرو وزارت ۾ هن وقت ڪو به ترجمان مقرر نه آهي، جيڪو هن سوال جو جواب ڏئي سگھي.
جڏهن علي حسين کان اهو سوال پڇيو ويو ته ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ڇا هو پنهنجي قسمت ٻيهر آزمائيندو؟ ته ان جي جواب ۾ علي حسين چيو ته ”نه بلڪل نه، ڪڏهن به نه.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.