مختلف کاتن ۾ 3500 بلين روپين جي گهوٻين جو انڪشاف!

0
2341

 

Finance-Ministry-paid-Rs-480-b-2
Finance-Ministry-paid-Rs-480-b-2
Finance-Ministry-paid-Rs-480-b
Finance-Ministry-paid-Rs-480-b
Audit-Finding-Executive-Summary-Finance-Ministry-paid-Rs-480-b
Audit-Finding-Executive-Summary-Finance-Ministry-paid-Rs-480-b

لاهور (رپورٽ: سميرا رياض) آڊيٽر جنرل پاڪستان جي ابتدائي رپورٽ 2014، 2015 موجب ملڪ ۾ هڪ ٻئي وڏي ڪرپشن اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف کاتن پاران 3500 بلين روپيه ڦٻائڻ بابت ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته ان حوالي سان ڪنهن کي ذميوار قرارڏيڻ بدران هڪٻئي مٿان الزامن جو سلسلو جاري آهي. رپورٽ موجب وزارتن، نيم سرڪاري ۽ حڪومتي کاتن سميت 37 ادارا مختلف قسم جي بي قائدگين ۾ ملوث رهيا آهن.

ڀروسي جوڳن ذريعن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته اها رپورٽ صدر ممنون حسين وٽ پيل آهي ۽ اتان اها قومي اسيمبليءَ کي موڪلي ويندي، جتان ان کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (پي اي سي) حوالي ٿيڻو آهي.

اڳوڻي آڊيٽر جنرل بلند اختر رانا، جنهن کي ڪرپشن بابت انڪشافن بعد هٽايو ويو هو، تنهن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اي جي پي آفيس کي ان جي آئيني ڪم کان روڪيو پيو وڃي. هن چيوته اي جي آفيس حڪومتي کاتو ناهي، اهو رياستي ادارو آهي پر حڪومت پنهنجيون غلطيون لڳائڻ لاءِ سڀني آزاد کاتن کي پنهنجي ضابطي هيٺ رکڻ گهري ٿي.

هن ٻڌايو ته حڪومت راتو رات هڪ بل پاس ڪري قائدا ۽ ضابطا تبديل ڪندي اي جي پي آفيس کي ناڻي جي وزارت جو ماتحت بڻائي ڇڏيو، جيڪا هاڻي آڊٽ رپورٽس روڪي ويٺي آهي.

نيوز لينز پاڪستان کي مليل ڄاڻ موجب بچاءَ واري شعبي ۾ 163 بلين روپيه، واپڊا ۾ 1054 بلين، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ 541 بلين، ريلوي ۾ 21 بلين، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ۾ 120، ارٿ ڪئيڪ ري ڪنسٽرڪشن اينڊ ري هيبليٽيشن اٿارٽي (ايرا) ۾ 5 بلين، پئٽروليم واري وزارت ۾ 229 بلين، زڪوات فنڊ ۾ 12 بلين، ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ۾ 720 بلين، پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ 9 ملين ۽ پي ايم ڊي سي ۾ 100 ملين روپين جي خرد برد جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته 16 ڊويلپمينٽ اٿارٽين ۾ 44 بلين روپيه، 81 پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيز ۾ 1619 بلين روپيه ۽ پرڏيهي معاملن سان جڙيل کاتن ۾ هڪ بلين روپين کان وڌيڪ گهوٻين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر اسد عمر چيو ته ايڏا وڏا گهپلا حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. هن چيوته حڪومت ماڻهن جي تڪليفن ۾ واڌاري جي ذميوار آهي ۽ اها عوام جو پئسو لٽڻ ۾ رڌل آهي.

هوڏانهن پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سرگرم ميمبر جنيد انور جو چوڻ هو ته انهن بي قائدگين ۾ وزير ۽ سياستدان نه پر ڪامورا شاهي ملوث آهي ۽ اها سندن ئي گيم آهي. هن الزام هنيو ته ڪامورا وڌيڪ ڪرپٽ آهن ۽ انهن گهوٻين پٺيان انهن جو ئي هٿ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اصل پاور ڪامورن وٽ ئي آهي ۽ اهي ئي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ وٽ ڇنڊڇاڻ لاءِ جيڪي به ڪيس آيا انهن مان اربين روپيه واپس به ڪرايا ويا آهن. هن افسوس وچان ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيڻ مشڪل هجي ٿو ڇاڪاڻ ته ان ۾ اندر جا ماڻهو ملوث هوندا آهن ۽ انهن کي اتي ويٺل ماڻهو بچائي وڃن ٿا.

واضح رهي ته اها رپورٽ ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف گورننس جي حوالي سان پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاه چيو ته حڪومت کي پنهنجي گورننس ٺيڪ ڪرڻ کپي. هن چيو ته حڪومت کي اشارو سمجهي وڃڻ کپي ۽ وزير اعظم نواز شريف پنهنجي ڪيبنيٽ کي صحيح ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here